YouVersion Logo
Search Icon

متي 23

23
فريسين ۽ شريعت جي عالمن خلاف چتاءُ
(مرقس ۳۸‏:۱۲‎–۳۹، لوقا ۴۳‏:۱۱، ۴۶، ۴۵‏:۲۰‎–۴۶)
1پوءِ عيسيٰ ميڙ ۽ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ 2”شريعت جي عالمن ۽ فريسين کي موسيٰ جي شريعت جو اختيار مليل آھي. 3تنھنڪري اوھان کي انھن جو ھر ھڪ چيو مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گھرجي. پر انھن جي ڪمن تي عمل نہ ڪجو، ڇالاءِ⁠جو جيئن اھي چون ٿا تيئن ڪونہ ٿا ڪن. 4ھو ڳرا بار ٻڌي ماڻھن جي ڪلھن تي تہ رکن ٿا پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لائين. 5#مت ۱‏:۶، ڳا ۳۸‏:۱۵، شر ۸‏:۶ ھو پنھنجا سڀ ڪم ماڻھن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن. انھيءَ ڪري ھو پنھنجون تسبيحون وڏيون ٿا ڪن ۽ وڏا جبا پائين ٿا. 6ھو مجلسن ۾ مٿاھيون جايون ٿا والارين ۽ عبادت⁠خانن ۾ خاص جاين تي ويھڻ پسند ڪن ٿا. 7ھو چاھين ٿا تہ ماڻھو کين بازارن ۾ سلامي ٿين ۽ کين ’سائين‘ يا ’استاد‘ ڪري سڏين. 8اوھان کي ’سائين‘ يا ’استاد‘ سڏائڻ نہ کپي، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين سڀيئي ھڪٻئي جا ڀائر آھيو ۽ اوھان جو رڳو ھڪ استاد آھي. 9اوھان کي ھن دنيا ۾ ڪنھن کي بہ پنھنجو پيءُ سڏڻ نہ کپي، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جو ھڪڙو ئي پيءُ آھي جو آسمان ۾ آھي. 10نہ وري اوھان کي اڳواڻ سڏائڻ کپي، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جو ھڪڙو ئي اڳواڻ آھي يعني مسيح. 11#مت ۲۶‏:۲۰‎–۲۷، مر ۳۵‏:۹، ۴۳‏:۱۰‎–۴۴، لو ۲۶‏:۲۲ اوھان ۾ جيڪو سڀني کان وڏو آھي تنھن کي اوھان جو خدمتگار ٿيڻ کپي. 12#لو ۱۱‏:۱۴، ۱۴‏:۱۸ جيڪو بہ پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“
عيسيٰ جو رياڪاريءَ کي نندڻ
(مرقس ۴۰‏:۱۲، لوقا ۳۹‏:۱۱‎–۴۲، ۴۴‏،۵۲، ۴۷‏:۲۰)
13‏-14”ڪيتري نہ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين آسمان واري بادشاھت جو دروازو ماڻھن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوھين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نڪي جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.#ڪن ترجمن ۾ ھي بہ شامل آھي: مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين رنن⁠زالن جا گھر ڦري ٿا ڇڏيو ۽ ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون نمازون ٿا پڙھو. اوھان کي تہ پاڻ وڌيڪ سزا ملندي (ڏسو مرقس ۱۲‎:۴٠).
15مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين ڪنھن ھڪڙي ماڻھوءَ کي پنھنجي دين تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏھن ھو اوھان جي دين تي ٿو اچي تہ پوءِ ھن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو جھنمي ٿا بڻايو.
16مصيبت آھي اوھان لاءِ اي انڌا اڳواڻو! اوھين چئو ٿا تہ ’جيڪڏھن ڪو ھيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند نہ آھي، پر جيڪڏھن ڪو ھيڪل ۾ پيل سون جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند آھي.‘ 17اي انڌا بيوقوفو! ڪھڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، سون يا ھيڪل جنھن سون کي پاڪ ڪيو؟ 18اوھين ائين بہ چئو ٿا تہ ’جيڪڏھن ڪو قربان⁠گاھہ جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند نہ آھي، پر جيڪڏھن ڪو قربان⁠گاھہ تي ڏنل نذر جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند آھي.‘ 19اوھين ڪيترا نہ انڌا آھيو. ڪھڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، نذر يا قربان⁠گاھہ، جيڪو نذر کي پاڪ ٿو ڪري؟ 20تنھنڪري جيڪڏھن ڪوبہ ماڻھو قربان⁠گاھہ جو قسم کڻي ٿو تہ ھو نہ رڳو ان جو قسم ٿو کڻي پر انھن سڀني شين جو بہ قسم کڻي ٿو جيڪي اُن تي پيل آھن. 21جيڪڏھن ڪوبہ ھيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ ھو نہ رڳو ان جو پر خدا جو بہ قسم ٿو کڻي جيڪو اُن ۾ رھي ٿو. 22#يس ۱‏:۶۶، مت ۳۴‏:۵ جيڪڏھن ڪوبہ آسمان جو قسم ٿو کڻي تہ ھو خدا جي تخت جو قسم تہ کڻي ٿو پر اُن جو بہ جيڪو اُن تي ويٺل آھي.
23 # لاو ۳۰‏:۲۷ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين خدا جي راھہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏھون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي شريعت جون انھيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالھيون آھن يعني انصاف، رحم ۽ ايمانداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي ھو جو ھي بہ ڪريو ھا ۽ انھن کي بہ نہ ڇڏيو ھا. 24اي انڌا اڳواڻو! اوھين پاڻيءَ ۾ پيل مک تہ ڪڍو ٿا پر اُٺ کي ڳڙڪائي ٿا وڃو.
25مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين پنھنجي وٽيءَ ۽ ٿالھيءَ جو ٻاھريون پاسو تہ ڌوئي صاف ٿا ڪريو پر ان جو اندر ھٻڇ ۽ خودغرضيءَ سان ڀريل آھي. 26اي انڌا فريسيو! وٽيءَ جو پھريائين اندريون پاسو ڌوئي صاف ڪريو تہ پوءِ انھيءَ جو ٻاھريون پاسو بہ صاف ٿي ويندو.
27 # رس ۳‏:۲۳ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين اڇين قبرن وانگر آھيو جيڪي ٻاھران تہ سھڻيون نظر ٿيون اچن، پر انھن جو اندر مُڙدن جي ھڏن ۽ ھر طرح جي گندگيءَ سان ڀريل آھي. 28بلڪل ساڳيءَ طرح اوھين بہ ماڻھن کي ٻاھران تہ نيڪ نظر ٿا اچو، پر اوھان جو اندر رياڪاريءَ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريل آھي.“
رياڪاريءَ جي سزا
(لوقا ۴۷‏:۱۱‎–۵۱)
29”مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين نبين جا قبا ٿا ٺاھيو ۽ نيڪن جون تربتون ٿا سينگاريو، 30۽ اوھين چئو ٿا تہ ’جيڪڏھن اسين ابن ڏاڏن جي ڏينھن ۾ ھجون ھا تہ جيڪر نبين کي قتل ڪرڻ ۾ انھن سان شريڪ نہ ٿيون ھا.‘ 31حقيقت ۾ اوھين پاڻ اھو قبول ٿا ڪريو تہ ’اسين نبين جي قاتلن جو اولاد آھيون.‘ 32تہ پوءِ وڃو ۽ جيڪو اوھان جي ابن ڏاڏن شروع ڪيو ھو تنھن کي وڃي پورو ڪريو. 33#مت ۷‏:۳، ۳۴‏:۱۲، لو ۷‏:۳ اي نانگو ۽ نانگن جا ٻچؤ! اوھين جھنم جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟ 34تنھنڪري آءٌ اوھان ڏانھن نبي، سياڻا ماڻھو ۽ شريعت جا معلم موڪليندس. اوھين انھن مان ڪن کي ماري وجھندا، ڪن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا ۽ ڪن کي پنھنجن عبادت⁠خانن ۾ چھبڪ ھڻندا ۽ شھر بہ شھر سندن پيڇو ڪري کين ستائيندا. 35#پيد ۸‏:۴، ۲.توا ۲۰‏:۲۴‎–۲۱ انھيءَ ڪري سڀني نيڪن جو خون جيڪو زمين تي وھايو ويو ھو، سو توھان جي ڳچيءَ ۾ پوندو يعني تہ نيڪ ھابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪريا جي خون تائين، جنھن کي اوھان مقدس جاءِ ۽ قربان⁠گاھہ جي وچ ۾ ماريو ھو. 36آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ انھن سڀني جو خون ھن زماني جي ماڻھن جي ڳچيءَ ۾ پوندو.“
عيسيٰ جو يروشلم سان پيار
(لوقا ۳۴‏:۱۳‎–۳۵)
37”اي يروشلم! اي يروشلم! تون جو نبين جو قاتل آھين ۽ جيڪي پيغمبر تو ڏانھن موڪليا ٿا وڃن تن کي سنگسار ٿو ڪرين، مون تنھنجي ٻچن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنھنجن چوزن کي پنھنجي کنڀن ھيٺان گڏ ڪندي آھي، پر تو نہ چاھيو. 38#ير ۵‏:۲۲ ھاڻي ڏس، تنھنجو ھيڪل ويران ڪيو ويندو. 39#زب ۲۶‏:۱۱۸ آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ تون ھن کان پوءِ مون کي ايستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ ’سڳورو آھي اھو جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.‘“

Currently Selected:

متي 23: SCLNT

Tõsta esile

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy