رسولن جا ڪم 25:16-26
رسولن جا ڪم 25:16-26 SCLNT
رات جو پولس ۽ سيلاس دعائون گھرندا ۽ خدا جي واکاڻ جا گيت ڳائيندا ٿي رھيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رھيا، تڏھن اڌ رات ڌاري اوچتو ھڪڙو وڏو زلزلو آيو، جنھن جيل جون ڀتيون پيڙھہ تائين لوڏي ڇڏيون. ھڪدم سڀ دروازا کلي پيا ۽ سڀني قيدين جون ٻيڙيون ڪري پيون.



