رومين 11

11
1تڏهن آئون چوان ٿو تہ خدا پنهنجي اُمت کي رد ڪيو ڇا؟ اصل ئي نہ! ڇالاءِ جو آئون بہ اسرائيلي آهيان، ۽ ابراهيم جي نسل، ۽ بنيمين جي قبيلي مان آهيان. 2خدا پنهنجي اُنهيءَ اُمت کي رد ڪونہ ڪيو جنهن جي اڳيئي خبر هيس. يا اوهين نٿا ڄاڻو ڇا، تہ پاڪ ڪتاب ايلياہ جي باري ۾ ڇا ٿو فرمائي؟ ڪيئن هو اسرائيل جي برخلاف خدا جي اڳيان دانهن ٿو ڪري؟ 3تہ ”اي خداوند، هنن تنهنجن نبين کي ماري وڌو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون اٿن: باقي آئون اڪيلو وڃي بچيو آهيان، سو منهنجي پٺيان بہ هٿ ڌوئي لڳا آهن.“ 4پر خدا پنهنجي جواب ۾ هن کي ڇا چيو؟ تہ ”مون پنهنجي لاءِ ست هزار ماڻهو بچائي ڇڏيا آهن، جن بعل جي اڳيان سجدو نہ ڪيو آهي.“ 5ساڳيءَ طرح هن وقت بہ فضل جي چونڊ موجب ڪي ٿورا باقي آهن. 6پر جيڪڏهن اهو فضل جي ڪري آهي تہ اهو عملن جي ڪري نہ ٿيو، نہ تہ فضل، فضل نہ رهيو. 7تڏهن ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ جيڪي اسرائيل ٿو ڳولي، سو هن کي نہ مليو؛ پر چونڊيلن کي اهو ملي ويو، ۽ باقي ٻيا سخت دل ڪيا ويا. 8جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”خدا هنن کي اڄوڪي ڏينهن تائين موڳائيءَ جو روح ڏنو، ۽ اهڙيون اکيون ڏنيون جي نہ ڏسن، ۽ اهڙا ڪَن ڏنا جي نہ ٻُڌن.“ 9۽ دائود چوي ٿو تہ ”ڀلي تہ هنن جي عيد سندن لاءِ ڄار، ۽ ڦندو، ۽ ٿاٻي کائڻ جو پهڻ، ۽ بدلي جو سبب ٿئي: 10ڀلي تہ هنن جي اکين جي اڳيان اونداهي اچي وڃي تہ هو نہ ڏسن، ۽ تون هيئن ڪر تہ سندن پٺي سدائين جهُڪي پيئي هجي.“ 11تڏهن آئون چوان ٿو تہ هنن انهي لاءِ ٿاٻو کاڌو ڇا تہ ڪِري پون؟ اصل ئي نہ! پر هنن جي ٿاٻڙجڻ ڪري غير قومن کي نجات ملي، انهي لاءِ تہ غيرت اچينِ. 12هاڻي جي هنن جو ٿاٻڙجڻ جهان جي لاءِ دولت جو سبب ٿيو، ۽ هنن جي گهٽتائي غير قومن جي لاءِ دولت ٿي، تہ سندن ڀرپورائي ڪيڏي نہ وڏي دولت جو سبب ٿيندي؟
13پر آئون اوهان غير قومن سان ٿو ڳالهايان. ڇوتہ آئون غير قومن جو رسول آهيان، تنهنڪري پنهنجي خدمت جي وڏائي ٿو ڪريان: 14انهي لاءِ تہ من ڪنهن بہ طرح پنهنجن قوم وارن کي غيرت ڏياري منجهانئن ڪن کي بچايان. 15ڇالاءِ تہ جيڪڏهن هنن جي خارج ٿيڻ ڪري جهان جو ميل ميلاپ ٿيو، تہ سندن قبول پوڻ ڪري موت مان زندگيءَ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿيندو؟ 16۽ جي نذراني جو پهريون چاڻو پاڪ آهي، تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پاڪ آهي: ۽ جي پاڙ پاڪ آهي تہ ٽاريون بہ پاڪ آهن. 17پر جي ڪي ٽاريون ڀڃي ڇڏيون ويون، ۽ تون جهنگلي زيتون ٿي انهن ۾ پيوند ڪيو وئين، ۽ زيتون جي وڻ جي سڻڀيءَ رس واريءَ پاڙ ۾ هنن سان شريڪ ٿي وئين؛ 18تہ انهن ٽارين تي فخر نہ ڪر، پر جي فخر ڪندين تہ هيئن ڄاڻ تہ تون پاڙ کي نٿو کڻين، پر پاڙ توکي ٿي کڻي. 19تڏهن تون چوندين تہ ٽاريون انهي لاءِ ڀڳيون ويون تہ آئون پيوند ٿيان. 20چڱو، هو تہ پنهنجي بي ايمانيءَ ڪري ڀڳيون ويون، ۽ تون پنهنجي ايمان جي ڪري قائم بيٺو آهين. سو مغرور نہ ٿيءُ، پر خوف ڪر، 21ڇالاءِ تہ جيڪڏهن خدا اصلي ٽارين کي نہ ڇڏيو، تہ توکي بہ ڪين ڇڏيندو. 22تڏهن تون خدا جي مهرباني ۽ سختي ڏس: سختي اُنهن تي جي ڪِري پيا، پر خدا جي مهرباني تو تي، بشرطيڪ تون سندس مهربانيءَ تي قائم رهندين: نہ تہ تون بہ وڍجي ويندين. 23۽ هو بہ، جي پنهنجي بي ايمانيءَ ۾ نہ رهندا، تہ پيوند ڪيا ويندا، ڇالاءِ جو خدا هنن کي وري پيوند ڪرڻ لاءِ طاقت وارو آهي. 24هن ڪري جو جڏهن تون زيتون جي جهنگلي وڻ مان وڍجي ۽ چڱي زيتون ۾ طبعي حالت جي برخلاف پيوند ٿي وئين: تہ جيڪي اصلي ٽاريون آهن سي خود پنهنجي زيتون جي وڻ ۾ ڪيترو نہ وڌيڪ پيوند ٿي وينديون؟
25ڇالاءِ جو اي ڀائرو، منهنجي اها مرضي نہ آهي تہ پنهنجي هٺ جي ڪري پاڻ کي ڏاهو سمجهي اوهين هن راز کان غير واقف رهو؛ تہ اسرائيل ۾ جا ڪجهہ قدر سنگدلي پيدا ٿي آهي، سا انهي لاءِ تہ غير قومون پوريءَ طرح داخل ڪيون وڃن. 26انهيءَ طرح سڀيئي اسرائيلي نجات پائيندا؛ جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”صيون مان نجات ڏيندڙ ايندو، ۽ بي دينيءَ کي يعقوب مان دفع ڪندو: 27۽ جڏهن آئون هنن جا گناهہ ميٽي ڇڏيندس، تڏهن ساڻن منهنجو هي عهد ٿيندو.“ 28سو انجيل جي نسبت هو اوهان جي خاطر دشمن آهن: پر چونڊ جي نسبت هو بزرگن جي خاطر پيارا آهن. 29ڇالاءِ جو خدا جون نعمتون ۽ سندس ڪوٺ بي تبديل آهن. 30هن ڪري جو جهڙيءَ طرح اوهين گذريل وقت ۾ خدا جي نافرماني ڪندا هئا، پر هاڻي سندن نافرمانيءَ جي سبب اوهان تي رحم ٿيو آهي، 31تهڙيءَ طرح هاڻي هو بہ نافرمان ٿيا آهن، تہ اوهان تي رحم ٿيڻ ڪري هو بہ رحم حاصل ڪن. 32ڇالاءِ جو خدا سڀني کي نافرمانيءَ ۾ گرفتار ٿيڻ ڏنو، تہ هو سڀني تي رحم ڪري.
33واهہ واهہ، خدا جي دولت ۽ حڪمت ۽ علم ڪهڙو نہ بي بيان آهي! سندس فيصلا ڪهڙا نہ سمجهہ کان ٻاهر آهن، ۽ سندس رستن جو پتو پئجي نٿو سگهي! 34ڇالاءِ جو خداوند جي عقل کي ڪنهن ڄاتو آهي؟ يا ڪير سندس صلاحڪار ٿيو آهي؟ 35يا ڪنهن پهرين هن کي ڪي ڏنو آهي، تہ کيس وري هن جو عيوضو ڏنو وڃي؟ 36ڇالاءِ جو سڀ شيون اُنهي جي طرفان ۽ انهي جي وسيلي ۽ اُنهي جي لاءِ آهن. اُنهي جو هميشہ تائين جلال هجي. آمين.

Valgt i Øjeblikket:

رومين 11: SB62

Markering

Kopiér

Sammenlign

Del

None

Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind