يعقوب 4
4
1اوهان ۾ جنگيون، جهيڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا انهن خواهشن مان نٿا نڪرن، جيڪي اوهان جي عضون ۾ پيون جنگ ڪن؟ 2اوهين خواهش ڪريو ٿا؛ پر حاصل ڪجهہ بہ نٿا ڪريو؛ تنهنڪري اوهين خون ۽ لالچ ٿا ڪريو پر حاصل ڪجهہ بہ نٿا ڪريو؛ پوءِ جهيڙا جنگيون ٿا ڪريو. اوهان کي هن ڪري نٿو ملي جو گهُرو نٿا. 3اوهين گهُرو ٿا پر حاصل نٿا ڪريو، جو اوهين بريءَ نيت سان ٿا گهُرو، انهي لاءِ تہ پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو. 4اي زناڪار انسان، اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گهُري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو ڪري. 5يا اوهين ائين ٿا ڀانئيو ڇا، تہ پاڪ ڪتاب جو چوڻ اجايو آهي تہ ”جيڪو روح هن اسان کي ڏنو تہ اسان ۾ رهي، تنهن جي هن کي غيرت آهي؟“ 6پر هو زيادہ فضل ٿو ڏئي، تنهنڪري هو فرمائي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“ 7تنهنڪري خدا جي تابع ٿيو؛ شيطان جو مقابلو ڪريو تہ هو اوهان وٽان ڀڄي ويندو. 8خدا جي ويجهو وڃو تہ هو بہ اوهان جي ويجهو ايندو. اي گنهگارو، پنهنجا هٿ صاف ڪريو؛ ۽ اوهين جي ٻِہ چِتيا آهيو، سي پنهنجيون دليون پاڪ ڪريو. 9افسوس ۽ ماتم ڪريو ۽ روئو: اوهان جو کلڻ بدلجي ماتم ٿيڻ گهرجي ۽ اوهان جي خوشي دلگيري. 10خداوند جي حضور ۾ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي سرفراز ڪندو.
11اي ڀائرو، هڪٻئي جي برخلاف نہ ڳالهايو. جيڪو ڪنهن ڀاءُ جي بدگوئي ٿو ڪري، يا پنهنجي ڀاءُ تي ڪو الزام ٿو آڻي، سو شريعت جي برخلاف ٿو ڳالهائي، ۽ شريعت تي الزام ٿو آڻي. پر جي تون شريعت تي الزام ٿو آڻين تہ تون شريعت تي عمل نہ پر عدالت ٿو ڪرين. 12شريعت ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني اُهو جو بچائي ۽ ماري ٿو سگهي. پر تون ڪير آهين جو پنهنجي پاڙيسريءَ تي الزام ٿو آڻين؟
13هاڻي ٻُڌو، اوهين جو چئو ٿا تہ اڄ يا سڀاڻ فلاڻي شهر ۾ وينداسين، ۽ هڪڙو ورهيہ اُتي وڃي گذارينداسين، ۽ واپار ڪنداسين، ۽ فائدو حاصل ڪنداسين: 14پر اوهان کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جي حياتي ڇا آهي؟ ڇالاءِ جو اوهين تہ ٻاڦ وانگر آهيو، جا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي. 15انهي جي بدران اوهان کي هيئن چوڻ گهرجي، تہ جيڪڏهن خداوند گهُريو تہ اسين جيئرا بہ رهنداسين، ۽ فلاڻو يا فلاڻو ڪم بہ ڪنداسين. 16پر هاڻي اوهين پنهنجي مغروريءَ جي ٻٽاڪ ٿا هڻو: اهڙيون ٻٽاڪون هڻڻ گناهہ آهي. 17تنهنڪري جيڪو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ نٿو ڪري، تنهن جي لاءِ اهو گناهہ آهي.
Valgt i Øjeblikket:
يعقوب 4: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: