هوسيع 3

3
1۽ خداوند مون کي چيو تہ اڃا بہ وڃ، وڃي هڪڙي زال سان محبت رک، جا پنهنجي يار جي پياري ۽ زناڪار هجي، جهڙي طرح خداوند بني اسرائيل سان محبت رکي ٿو، جيتوڻيڪ هو ڦري ٻين معبودن ڏانهن منهن ڪن ٿا، ۽ ڪشمش جون ٽڪيون پسند ڪن ٿا. 2تڏهن مون اهڙي زال چانديءَ جا پندرهن سڪا، ۽ جَوَن جو ڏيڍ خومر ڏئي خريد ڪئي: 3۽ مون هن کي چيو تہ تون مون وٽ گهڻن ڏينهن تائين رهہ؛ ڪڃري ٿي نہ گذارج، ۽ نہ ڪنهن جي زال ٿج: ۽ آءٌ تنهنجي لاءِ ائين ئي ڪندس. 4ڇالاءِ جو بني اسرائيل گهڻا ئي ڏينهن بادشاهہ کان سواءِ، ۽ حاڪم کانسواءِ، ۽ قربانيءَ کانسواءِ، ۽ کوڙيل ٿنڀ کانسواءِ، ۽ اُفود يا ترافيم کانسواءِ رهندا. 5تنهن کانپوءِ بني اسرائيل موٽندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود کي ڳوليندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ ڊپ سان خداوند وٽ سندس فضل لاءِ ايندا.

Valgt i Øjeblikket:

هوسيع 3: SB62

Markering

Kopiér

Sammenlign

Del

None

Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind