افسين 3
3
1انهي سبب آئون پولس، جو اوهان غير قومن وارن جي خاطر مسيح يسوع جو قيدي آهيان – 2شايد ائين آهي تہ جيڪو خدا جو فضل اوهان جي لاءِ مون تي ٿيو، تنهن بابت اوهان ٻُڌو هوندو؛ 3تہ ڪهڙيءَ طرح الهام جي رستي اهو راز مون کي معلوم ٿيو، جيئن مون اڳي مختصر طور لکيو آهي، 4۽ جنهن جي پڙهڻ مان اوهين سهي ڪري ٿا سگهو تہ ڪيتري قدر مسيح جو راز آئون سمجهان ٿو، 5جو ٻين زمانن ۾ بني آدم کي ايتري قدر معلوم نہ ٿيو، جيتري قدر هاڻ سندس پاڪ رسولن ۽ نبين تي روح جي وسيلي پڌرو ٿيو آهي؛ 6يعني هي تہ مسيح يسوع ۾ غير قومون خوشخبريءَ جي وسيلي ميراث ۾ شريڪ، ۽ بدن ۾ شامل، ۽ واعدي جو حصيدار آهن. 7۽ آئون خدا جي فضل جي بخشش موجب انهيءَ خوشخبريءَ جو خادم ڪيو ويس، جا سندس قدرت جي اثر ڪري مون کي عطا ٿي هئي. 8آئون جو پاڪ جماعت ۾ سڀني کان گهٽ آهيان، تنهن کي اهو فضل عطا ٿيو، تہ آئون غير قومن ۾ مسيح جي بي انداز دولت جي منادي ڪريان؛ 9۽ سڀني ماڻهن تي اها ڳالهہ ظاهر ڪريان، تہ سڀني شين جي خالق ۾ ازل کان جو راز پوشيدو هو، تنهن جو انتظام ڪهڙو آهي؛ 10انهي لاءِ تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي خدا جي طرح طرح جي حڪمت، آسماني جاين ۾ حڪومت ۽ اختياريءَ وارن کي معلوم ٿي وڃي، 11انهي ازلي ارادي موافق، جو هن اسان جي خداوند يسوع مسيح ۾ ڪيو هو: 12جنهن ۾ اسان کي مٿس ايمان آڻڻ ڪري دليري ٿي ملي، ۽ خاطري سان خدا تائين پهچ اٿئون. 13تنهنڪري آئون عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي مصيبتون اوهان جي خاطر سهان ٿو، تن جي ڪري همت نہ هاريو، جو اهي اوهان جي لاءِ عزت جو سبب آهن.
14انهي سبب آئون انهي پيءُ جي اڳيان سجدو ڪري، عرض ٿو ڪريان، 15جنهن جي نالي آسمان ۾ ۽ زمين جي سڀ ڪنهن خاندان کي نالو ٿو ملي، 16تہ هو پنهنجي جلال جي دولت موافق اوهان کي هي عنايت ڪري، تہ اوهين سندس روح جي ڪري پنهنجي اندر ۾ زور وارا ٿيو؛ 17۽ ايمان جي وسيلي مسيح اوهانجي دلين ۾ گهر ڪري؛ تہ اوهين محبت ۾ پاڙ هڻي ۽ پيڙهہ ڄمائي، 18۽ سڀني پاڪ ٿيلن سميت پوريءَ طرح سمجهي سگهو تہ سندس محبت جي ويڪرائي، ڊگهائي، اوچائي ۽ اونهائي ڪيتري آهي، 19۽ مسيح جي انهيءَ محبت کي ڄاڻو جا سمجهہ کان ٻاهر آهي، انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي ساري ڀرپوريءَ تائين ڀرپور ٿيو.
20هاڻي جيڪو اهڙو قادر آهي جو اسان ۾ پنهنجي قدرت جي اثر موجب، اسان جي گهُرڻ يا خيال کان گهڻو وڌيڪ ڪم ڪري ٿو سگهي، 21تنهن جو جلال ڪليسيا ۾ ۽ مسيح يسوع ۾، پشت بپشت ۽ هميشہ تائين رهي. آمين.
Valgt i Øjeblikket:
افسين 3: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: