2 - ڪرنٿين 3

3
1اسين وري پنهنجي ساراهہ پاڻ ٿا ڪريون ڇا؟ يا جيئن ڪ ماڻهو ڪندا آهن تيئن سفارش جا خط اوهان ڏانهن موڪلڻ ۽ اوهان کان ڪجهہ وٺڻ جا محتاج آهيون ڇا؟ 2اسان جو خط تہ اوهين آهيو، جو اسان جي دلين ۾ لکيل آهي ۽ جو سڀيئي ماڻهو ڄاڻن ۽ پڙهن ٿا؛ 3۽ اها ڳالهہ پڌري ٿي آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جو اسان خدمت بجا آڻي لکيو، نہ مس سان، پر جيئري خدا جي روح سان، نہ پهڻ جي تختين تي، پر گوشت جي يعني دلين جي تختين تي. 4۽ اسين مسيح جي معرفت خدا تي اهڙو ئي يقين ٿا رکون. 5ائين نہ آهي تہ اسين پاڻ اهڙي لياقت ٿا رکون، جو پاڻهي پاڻ کان ڪو خيال ڪري سگهون؛ پر اسان جي لياقت خدا کان آهي، 6جنهن اسان کي نئين عهد جي خادم ٿيڻ جو لائق ڪيو، نہ لفظن جو پر روح جو؛ ڇالاءِ جو لفظ ماري ٿا وجهن، پر روح جياري ٿو.
7پر جيڪڏهن موت جي خدمت، جنهن جو عهد پهڻن تي اُڪريل هو، سا اهڙي جلال واري ٿي جو جيڪو جلال موسيٰ جي چهري تي هو ۽ جيتوڻيڪ اهو جلال فاني هو تہ بہ بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نٿي سگهيا، 8تہ روح جي خدمت ڀلا ڇو نہ جلال واري هوندي؟ 9ڇالاءِ جو اها خدمت جا ڏوهاري ٿي ٺهرائي، سا جيڪڏهن جلال واري آهي تہ جنهن خدمت جي ڪري راستباز ٿو ٺهرجي سا تہ ضرور انهيءَ کان بہ زيادہ جلال واري هوندي. 10ڇالاءِ جو حقيقت ڪري اهو جلال وارو، هن ٻئي جي زيادہ جلال جي ڪري بي جلال ٿي پيو. 11هن ڪري جو جيڪڏهن هو فنا ٿيندڙ جلال وارو هو، تہ هي بقا ڪندڙ تہ ضرور زيادہ جلال وارو هوندو. 12تنهنڪري اهڙي اميد رکي اسين وڏيءَ دليريءَ سان ڳالهايون ٿا، 13۽ موسيٰ وانگر نہ آهيون، جنهن پنهنجي منهن تي پردو وڌو تہ متان بني اسرائيل انهي فنا ٿيندڙ شئي جي پڇاڙيءَ تي غور سان نظر ڪن، 14پر هنن جون دليون سخت ٿي ويون؛ ڇالاءِ جو اڄ ڏينهن تائين پراڻي عهدنامي جي پڙهڻ وقت اهو ساڳيو پردو پيل ٿو رهي؛ جو پردو مسيح ۾ کڄي ويو. 15پر اڄ ڏينهن تائين جڏهن ڪڏهن هو موسيٰ جو ڪتاب پڙهن ٿا، تڏهن هنن جي دل تي پردو پيل ٿو رهي. 16پر جڏهن ڪڏهن هنن جي دل خداوند ڏانهن ڦرندي، تڏهن پردو کڄي ويندو. 17هاڻي اهو خداوند روح آهي؛ ۽ جتي خداوند جو روح آهي اُتي آزادي آهي. 18پر اسين سڀيئي بي نقاب چهري سان خداوند جو جلال ڏسي، درجي بدرجي خداوند جي روح جي وسيلي سندس جلالي صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون.

Valgt i Øjeblikket:

2 - ڪرنٿين 3: SB62

Markering

Kopiér

Sammenlign

Del

None

Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind