1 - پطرس 3
3
1ساڳيءَ طرح زالون، پنهنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رهن؛ انهي لاءِ تہ جي انهن مان ڪي ڪلام کي نہ مڃيندا هجن، تہ بہ پنهنجين زالن جي هلت چلت جي ڪري ڪلام ڪرڻ کانسواءِ خدا جي طرف ڇڪجي اچن؛ 2يعني جڏهن هو سندن پاڪ ۽ ادب واري هلت چلت ڏسن. 3اوهان جو سينگار وارن ڳتڻ، ۽ سونا زيور پائڻ، ۽ عمدن وڳن ڍڪڻ وارو ظاهري سينگار نہ هئڻ گهرجي؛ 4پر اندر وارو باطن ۾ حليم، ۽ غريب طبيعت جو غير فاني ويس هئڻ گهرجي، جنهن جو خدا جي نظر ۾ گهڻو قدر آهي. 5ڇالاءِ جو اڳئين زماني ۾ بہ پاڪ زالون، جن جي اُميد خدا تي هئي، سي انهيءَ طرح پنهنجن مڙسن جي تابع رهي، پاڻ کي سينگارينديون هيون: 6جهڙيءَ طرح ڪ سارہ ابراهيم جي حڪم ۾ رهندي هئي، ۽ انهي کي پنهنجو مالڪ سڏيندي هئي. اوهين بہ انهيءَ جو اولاد آهيو، بشرطيڪ نيڪي ڪريو ۽ ڪنهن جو بہ خوف نہ ڪريو.
7۽ اوهين جي مرد آهيو، سي بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين زالن کي نازڪ ظرف سمجهي ساڻن سياڻپ سان هلو، ۽ پاڻ کي انهن سان زندگيءَ جي نعمت جي ورثي ۾ شريڪ ڄاڻي، کين عزت ڏيو؛ انهي لاءِ تہ اوهان جون دعائون روڪجي نہ وڃن.
8آخر ۾ اوهين سڀيئي يڪدل ۽ همدرد ٿيو، ڀائرن وانگر هڪٻئي کي پيار ڪريو ۽ نرم دل ۽ نماڻي طبيعت وارا ٿيو؛ 9بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو، ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو؛ پر اُٽلندو دعا ڪريو؛ ڇالاءِ جو اوهين انهي لاءِ سڏيا ويا هئا تہ برڪت جا وارث ٿيو. 10ڇالاءِ تہ ”جيڪو ڀانئين تہ حياتي سُکي گذاريان ۽ چڱا ڏينهن ڏسان، سو پنهنجي زبان کي بديءَ کان روڪي، ۽ پنهنجي چپن کي ٺڳيءَ جي ڳالهہ ڪرڻ کان؛ 11بديءَ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري، صلح جو طالب رهي، ۽ انهي جي پٺيان هلي. 12ڇالاءِ جو راستبازن تي خداوند جي مهر جي نظر آهي، ۽ سندس ڪَن انهن جي دعا ڏانهن آهن؛ پر جيڪي بدي ٿا ڪن، سي خداوند جي نگاهہ ۾ آهن.“
13جيڪڏهن اوهان کي نيڪي ڪرڻ جو شوق هوندو تہ ڪير اوهان سان بدي ڪندو؟ 14پر جي راستبازيءَ جي ڪري اوهين کڻي ڏک سهو تہ بہ اوهين مبارڪ آهيو: ۽ انهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي مونجهاري ۾ پئو؛ 15پر مسيح کي خداوند ڄاڻي پنهنجين دلين ۾ پاڪ سمجهو ۽ جا اُميد اوهان ۾ آهي، تنهن جو سبب جيڪو ماڻهو اوهان کان پڇي تنهن کي جواب ڏيڻ لاءِ هميشہ تيار رهو، مگر حليمائيءَ ۽ ادب سان. 16۽ نيت بہ نيڪ رکو تہ جن ڳالهين جي نسبت ۾ اوهان جي گلا ٿي ٿئي، تن ۾ جيڪي اوهان جي مسيحي چڱي هلت چلت جي بدگوئي ٿا ڪن، سي شرمندا ٿين. 17ڇالاءِ جو جيڪڏهن خدا جي مرضي موجب اوهين نيڪي ڪري ڏک سهو، تہ اها ڳالهہ بدي ڪري ڏک سهڻ کان چڱي آهي. 18هن ڪري جو مسيح بہ هڪڙو ئي ڀيرو گناهن جي لاءِ ڏک سَٺو، يعني راستباز ناراستن لاءِ، تان تہ هو اسان کي خدا تائين پهچائي. هو جسماني طور مارجي ويو، پر روحاني طور جياريو ويو؛ 19انهي حالت ۾ هن وڃي اُنهن روحن وٽ منادي ڪئي، جي قيد ۾ پيا هئا، 20جي اڳي نافرمان هئا، جڏهن نوح جي زماني ۾ خدا تحمل ڪري انتظار ۾ هو، ۽ ڪَشتي تيار پئي ٿي، جنهن ۾ ٿورا ماڻهو، يعني اٺ ڄڻا پاڻيءَ ۾ ٻُڏڻ کان بچي پيا. 21انهي جو سچو نمونو، يعني بپتسما، جنهن جي مراد اها نہ آهي تہ بدن جو مير صاف ڪري پر خالص نيت سان خدا جو طالب ٿئي، سا هاڻي بہ يسوع مسيح جي جيئري ٿيڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي. 22هو آسمان ۾ ويو ۽ وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو؛ ۽ ملائڪ ۽ اختيار وارا ۽ قدرتون انهي جي تابع ڪيون ويون آهن.
Valgt i Øjeblikket:
1 - پطرس 3: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: