1
رومين 20:4-21
Sindhi Bible NT
SB62
۽ نڪي بي ايمان ٿي خدا جي واعدي تي شڪ ڪيائين، بلڪ ايمان ۾ پڪو ٿي خدا جي تعريف ڪيائين، ۽ کيس پورو يقين هو تہ جيڪو واعدو هن ڪيو آهي، سو پورو بہ ڪري ٿو سگهي.
Sammenlign
Udforsk رومين 4:20-21
2
رومين 17:4
(جهڙيءَ طرح ڪ لکيل آهي تہ ”مون توکي گهڻين قومن جو پيءُ ٺهرايو آهي.“) يعني اُنهي خدا جي اڳيان جنهن تي هن ايمان آندو، جو مُئلن کي جياري ٿو، ۽ جي شيون ناهن تن کي ائين ٿو سڏي ڄڻ تہ اُهي اڳيئي آهن.
Udforsk رومين 4:17
3
رومين 25:4
جو اسانجن گناهن جي لاءِ (موت جي) حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي راستباز ٺهرائڻ لاءِ جياريو ويو.
Udforsk رومين 4:25
4
رومين 18:4
نااُميديءَ جي حالت ۾ هن اُميد رکي ايمان آندو، انهي لاءِ تہ جيڪي چيو ويو هو، تہ ”تنهنجو نسل اهڙو ٿيندو“ تنهن موجب هو گهڻين قومن جو پيءُ ٿئي.
Udforsk رومين 4:18
5
رومين 16:4
انهي سببان اهو ورثو ايمان ڪري ٿو ملي، تہ اُهو فضل موجب هجي؛ هِن لاءِ تہ اهو واعدو ساري نسل لاءِ قائم رهي؛ نہ فقط اُنهي نسل جي لاءِ جنهن وٽ شريعت آهي، پر انهي جي لاءِ بہ جنهن کي اسان سڀني جي پيءُ ابراهيم جهڙو ايمان آهي.
Udforsk رومين 4:16
6
رومين 7:4-8
”مبارڪ اهي آهن، جن جا ڏوهہ معاف ٿي ويا، ۽ جن جا گناهہ ڍڪجي ويا. مبارڪ اهو ماڻهو آهي، جنهن جو گناهہ خداوند حساب ۾ ڪين آڻيندو.“
Udforsk رومين 4:7-8
7
رومين 3:4
پاڪ ڪتاب ڇا ٿو فرمائي؟ تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو، ۽ اهو سندس لاءِ راستبازي ليکيو ويو.“
Udforsk رومين 4:3