1
رومين 13:15
Sindhi Bible NT
SB62
هاڻي خدا، جو اُميد ٿو بخشي، سو شل اوهان کي ايمان آڻڻ جي ڪري خوشي ۽ اطمينان سان ڀرپور ڪري، تہ اوهين پاڪ روح جي قدرت سان اُميد ۾ وڌندا وڃو.
Sammenlign
Udforsk رومين 15:13
2
رومين 4:15
ڇالاءِ تہ جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون هيون، سي اسان جي تعليم لاءِ لکيون ويون، تہ صبر جي ڪري، ۽ پاڪ لکيتن جي تسلي جي ڪري، اسان کي اُميد حاصل ٿئي.
Udforsk رومين 15:4
3
رومين 5:15-6
هاڻي صبر ۽ تسلي ڏيڻ وارو خدا شل اوهان کي هي بخشي، تہ مسيح يسوع ۾ اوهين پاڻ ۾ يڪدل ٿي گذاريو: انهي لاءِ تہ اوهين يڪدل ۽ يڪ زبان ٿي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي وڏائي ڪريو.
Udforsk رومين 15:5-6
4
رومين 7:15
تنهنڪري جيئن مسيح خدا جي جلال لاءِ اوهان کي قبول ڪيو، تيئن اوهين بہ هڪ ٻئي کي قبول ڪريو.
Udforsk رومين 15:7
5
رومين 2:15
اسان مان هر ڪنهن کي گهرجي تہ پنهنجي پاڙيسريءَ کي سندس ڀلائيءَ لاءِ اهڙو خوش ڪريون جو هن جو سڌارو ٿئي.
Udforsk رومين 15:2