1
رومين 2:12
Sindhi Bible NT
SB62
۽ هن جهان جو نمونو اختيار نہ ڪريو: پر پنهنجيءَ دل جي نئون ٿيڻ ڪري بدلجي وڃو، تہ آزمودي مان سمجهي سگهو، تہ خدا جي چڱي، ۽ پسنديدہ، ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.
Sammenlign
Udforsk رومين 12:2
2
رومين 1:12
تنهنڪري، اي ڀائرو، آئون اوهان کي خدا جي رحمتن جو واسطو وجهي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجا بدن اهڙيءَ قربانيءَ ٿيڻ جي لاءِ نذر ڪريو جا زندہ، ۽ پاڪ، ۽ خدا کي پسند هجي، ۽ اُها ئي اوهان جي مناسب عبادت آهي.
Udforsk رومين 12:1
3
رومين 12:12
اُميد ۾ خوش رهو؛ مصيبت ۾ تحمل ڪريو، دعا گهرڻ ۾ هميشہ مشغول رهو؛
Udforsk رومين 12:12
4
رومين 21:12
بديءَ کان هارجي نہ وڃو، پر نيڪيءَ جي ذريعي بديءَ تي غالب پئو.
Udforsk رومين 12:21
5
رومين 10:12
برادراني محبت سان هڪ ٻئي کي گهڻو پيار ڪريو؛ هڪ ٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو؛
Udforsk رومين 12:10
6
رومين 9:12
پيار ۾ رياڪاري نہ هئڻ گهرجي. بديءَ کان نفرت ڪريو، ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.
Udforsk رومين 12:9
7
رومين 18:12
جي ٿي سگهي تہ وس پڄندي سڀني ماڻهن سان ميل ميلاپ ۾ رهو.
Udforsk رومين 12:18
8
رومين 19:12
اي عزيزو، پاڻ پنهنجو وير نہ وٺو، پر (خدا جي) غضب کي واٽ ڏيو: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“
Udforsk رومين 12:19
9
رومين 11:12
محنت ۾ سستي نہ ڪريو؛ روحاني جوش ۾ ڀرپور رهو؛ خداوند جي خدمت ڪندا رهو؛
Udforsk رومين 12:11
10
رومين 3:12
ڇالاءِ جو آئون انهي فضل جي وسيلي جو مون کي مليو آهي، اوهان مان هرهڪ کي چوان ٿو، تہ جهڙو سمجهڻ گهرجي، تنهن کان وڌيڪ ڪير بہ پاڻ کي نہ سمجهي؛ پر جيئن خدا هر ڪنهن کي اندازي جي موافق ايمان تقسيم ڪيو آهي، انهي موجب پاڻ کي اوترو ئي سمجهي.
Udforsk رومين 12:3
11
رومين 17:12
بديءَ جي عيوض ڪنهن سان بدي نہ ڪريو. جي ڳالهيون سڀني ماڻهن جي نظر ۾ چڱيون آهن، تن جو خيال رکو.
Udforsk رومين 12:17
12
رومين 16:12
پاڻ ۾ يڪدل ٿي رهو. وڏن وڏن خيالن تي پنهنجي دل نہ ڄمايو، پر جيڪي نماڻا آهن تن سان سنگت رکو. پاڻ کي عقل وارا نہ سمجهو.
Udforsk رومين 12:16
13
رومين 20:12
پر جي تنهنجو دشمن بکيو هجي تہ انهي کي ماني کاراءِ؛ جي هو اُڃيو هجي تہ پاڻي پيارينس، ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان تون اُنهي جي مٿي تي ٽانڊن جو ڍير ڪندين.
Udforsk رومين 12:20
14
رومين 14:12-15
جي اوهان کي ستائين، تن لاءِ برڪت گهُرو؛ برڪت گهُرو پر لعنت نہ ڪريو. جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان روئو.
Udforsk رومين 12:14-15
15
رومين 13:12
پاڪ ٿيلن جون احتياجون رفع ڪريو؛ مهمان نوازيءَ جا عادتي ٿيو.
Udforsk رومين 12:13
16
رومين 4:12-5
ڇالاءِ جو جيئن اسان جي هڪڙي بدن ۾ گهڻيئي عضوا آهن، ۽ سڀني عضون جو هڪڙو ئي ساڳيو ڪم ڪونهي: تيئن اسين بہ، جي گهڻا آهيون، سي مسيح ۾ هڪڙو ئي بدن آهيون، ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا عضوا آهيون.
Udforsk رومين 12:4-5