1
مڪاشفو 20:3
Sindhi Bible NT
SB62
ڏس، آئون در تي بيهي کڙڪايان ٿو: جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻُڌي در پَٽيندو، تہ آئون انهي وٽ لنگهي ايندس، ۽ انهي سان گڏ ماني کائيندس، ۽ اُهو مون سان گڏ کائيندو.
Sammenlign
Udforsk مڪاشفو 3:20
2
مڪاشفو 15:3-16
آئون تنهنجا ڪم ڄاڻان ٿو، تہ تون نڪي ٿڌو آهين، نڪي ڪوسو؛ تون يا ٿڌو يا ڪوسو هجين ها تہ چڱو. سو ڇالاءِ جو تون نهن سوسڙو آهين، ۽ نڪي ڪوسو آهين نڪي ٿڌو، تنهنڪري آئون توکي پنهنجي وات مان ٿُڪي ڪڍندس.
Udforsk مڪاشفو 3:15-16
3
مڪاشفو 19:3
جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.
Udforsk مڪاشفو 3:19
4
مڪاشفو 8:3
مون کي تنهنجن ڪمن جي خبر آهي (ڏس، مون تنهنجي اڳيان هڪڙو در کولي ڇڏيو آهي جو ڪوبہ بند نہ ڪري سگهندو.) تو ۾ ٿوري طاقت آهي، ۽ تو منهنجي ڪلام تي عمل ڪيو، ۽ منهنجي نالي کان انڪار ڪين ڪيو.
Udforsk مڪاشفو 3:8
5
مڪاشفو 21:3
جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي تخت تي پاڻ سان ويهاريندس، جهڙي طرح ڪ آئون پاڻ بہ غالب پيس، ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.
Udforsk مڪاشفو 3:21
6
مڪاشفو 17:3
ڇالاءِ جو تون چوين ٿو تہ آئون دولتمند آهيان، ۽ گهڻي دولت گڏ ڪئي اٿم، ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گهُرج ڪانہ اٿم؛ پر توکي اها خبر ڪانهي تہ تون ڪمبخت، ڏکيو، ۽ ڪنگال، انڌو ۽ اُگهاڙو آهين؛
Udforsk مڪاشفو 3:17
7
مڪاشفو 10:3
ڇالاءِ جو تو منهنجي صبر جي ڪلام تي عمل ڪيو، تنهنڪري آئون بہ توکي آزمائش جي گهڙيءَ کان بچائيندس، اُها گهڙي جا زمين تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جهان تي اچڻي آهي.
Udforsk مڪاشفو 3:10
8
مڪاشفو 11:3
آئون جلد اچڻو آهيان: جيڪي تو وٽ آهي سو سنڀالي رک، تہ ڪوبہ تنهنجو تاج ڦري نہ وٺي.
Udforsk مڪاشفو 3:11
9
مڪاشفو 2:3
تون سجاڳ ٿي جيڪي شيون باقي رهيل آهن، ۽ نيست ٿيڻ تي آهن، تن کي قائم ڪر: ڇالاءِ جو مون تنهنجا ڪي بہ ڪم پنهنجي خدا جي اڳيان پورا ٿيل نہ ڏٺا.
Udforsk مڪاشفو 3:2