۽ مون نهاريو تہ اُتر مان هڪڙي طوفان جهڙي واچ نڪتي، ۽ هڪڙو وڏو ڪڪر جنهن ۾ ڄڻ تہ باهہ ويڙهي پئي هئي، ۽ انهي جي چوڌاري روشنائي هئي، ۽ انهي جي وچان، يعني باهہ جي وچ مان عنبير رنگ جهڙي روشنائي نڪتي. ۽ انهيءَ جي وچ مان چئن ساهہ وارن جي شڪل ڏسڻ ۾ آئي، ۽ انهن جي صورت انسان جي شڪل جهڙي هئي. ۽ انهن مان هرهڪ کي چار منهن هئا ۽ هرهڪ کي چار پر هئا. ۽ انهن جون ٽنگون سڌيون هيون؛ ۽ انهن جي پيرن جي تري گابي جي کر جهڙي هئي: ۽ اهي چمڪندڙ پتل وانگي پئي چمڪيا. ۽ انهن جي چئني پاسي سندن پرن هيٺ ماڻهوءَ جهڙا هٿ هئا: ۽ انهن چئني جا منهن ۽ پر ههڙا هئا؛ يعني هنن جا پر هڪٻئي سان ڳنڍيل هئا؛ هلندي اُهي مڙيا نٿي؛ انهن مان هرڪو سڌو اڳتي ٿي هليو ويو.