1
افسين 1:5-2
Sindhi Bible NT
SB62
تنهنڪري پيارن ٻارن وانگر اوهين خدا جي پيروي ڪريو: ۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.
Sammenlign
Udforsk افسين 5:1-2
2
افسين 15:5-16
تنهنڪري خبردار ٿيو تہ ڪيئن ٿا هلو، نہ نادانن وانگر پر دانائن وانگر هلو. وقت جو قدر سڃاڻو، ڇالاءِ جو زمانو خراب آهي.
Udforsk افسين 5:15-16
3
افسين 18:5-20
۽ شراب پي متوالا نہ ٿيو، جو انهي مان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي، پر روح سان ڀرپور رهو؛ ۽ اوهين پاڻ ۾ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو ۽ پنهنجي دل سان خداوند جي لاءِ ڳايو ۽ وڄايو. ۽ هميشہ خدا يعني پيءُ جا، خداوند يسوع مسيح جي نالي ۾ شڪرانا بجا آڻيندا رهو؛
Udforsk افسين 5:18-20
4
افسين 17:5
تنهنڪري اوهين بيوَقوف نہ ٿيو، پر خداوند جي مرضي سمجهو تہ ڪهڙي آهي.
Udforsk افسين 5:17
5
افسين 25:5
اي مڙسو، پنهنجين زالن سان محبت رکو، جيئن ڪ مسيح بہ ڪليسيا سان محبت رکي ۽ پاڻ کي انهي جي لاءِ ڏيئي ڇڏيائين؛
Udforsk افسين 5:25
6
افسين 8:5
ڇالاءِ جو اوهين اڳي اوندهہ هئا، پر هاڻي خداوند ۾ روشني ٿيا آهيو: سو روشنيءَ جي ٻارن وانگر هلو،
Udforsk افسين 5:8
7
افسين 21:5
۽ مسيح جي خوف ڪري هڪ ٻئي جي تابع رهو.
Udforsk افسين 5:21
8
افسين 22:5
اي زالون، اوهين پنهنجن مڙسن جون اهڙيون تابعدار رهو، جهڙيون خداوند جون.
Udforsk افسين 5:22
9
افسين 33:5
مطلب هي آهي تہ اوهان مان هرڪو پنهنجيءَ زال کي اهڙو پيار ڪري جهڙو پاڻ کي ٿو ڪري؛ ۽ زال کي بہ گهرجي تہ پنهنجي مڙس کان ڊڄندي رهي.
Udforsk افسين 5:33
10
افسين 31:5
”انهي سبب ماڻهو پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي ڇڏيندو ۽ پنهنجي زال سان گڏجي رهندو؛ هو ٻئي هڪ جسم ٿيندا.“
Udforsk افسين 5:31
11
افسين 11:5
۽ اونداهيءَ جي اجاين ڪمن ۾ شريڪ نہ ٿيو، اُٽلندو انهن تي ڦٽڪار ڪريو؛
Udforsk افسين 5:11