1
1 - يوحنا 14:5
Sindhi Bible NT
SB62
۽ اها ئي همت اسان کي هن جي حضور ۾ آهي، تہ جيڪڏهن اسين سندس مرضيءَ موجب ڪا شيءِ گهُرون، تہ هو اسان جي ٻُڌي ٿو.
Sammenlign
Udforsk 1 - يوحنا 5:14
2
1 - يوحنا 15:5
۽ جيڪڏهن اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪو سوال اسين هن کي ڪريون ٿا سو هو ٻُڌي ٿو، ۽ اسين ايترو بہ ڄاڻون ٿا تہ جيڪي عرض اسان کيس ڪيا آهن، سي قبول ٿيا آهن.
Udforsk 1 - يوحنا 5:15
3
1 - يوحنا 3:5-4
ڇالاءِ جو خدا جو پيار اهو ئي آهي، تہ اسين سندس حڪمن جي تعميل ڪريون؛ ۽ هن جا حڪم سخت نہ آهن. ڇالاءِ جو جيڪو خدا مان پيدا ٿيو آهي، سو دنيا تي غالب ٿو پوي؛ ۽ اهو غلبو جنهن دنيا کي فتح ڪيو آهي، سو اسان جو ايمان آهي.
Udforsk 1 - يوحنا 5:3-4
4
1 - يوحنا 12:5
جنهن وٽ فرزند آهي، تنهن وٽ زندگي آهي؛ جنهن وٽ خدا جو فرزند نہ آهي تنهن وٽ زندگي بہ ڪانهي.
Udforsk 1 - يوحنا 5:12
5
1 - يوحنا 13:5
اوهين جي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان ٿا رکو، تن ڏانهن مون هي ڳالهيون لکيون آهن، انهي لاءِ تہ اوهان کي معلوم ٿئي تہ اوهان کي هميشہ جي زندگي ملي آهي.
Udforsk 1 - يوحنا 5:13
6
1 - يوحنا 18:5
اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪو خدا مان پيدا ٿيل آهي سو گناهہ نٿو ڪري؛ پر جيڪو خدا مان پيدا ٿيو هو، سو هن جي حفاظت ٿو ڪري، ۽ اهو بڇڙو کيس هٿ لائي نٿو سگهي.
Udforsk 1 - يوحنا 5:18