خروج 39

39
1پوءِ هنن آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا، ۽ عمدي ڪم وارا ڪپڙا، پاڪ مڪان ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ جوڙيا؛ ۽ هارون لاءِ بہ پاڪ پوشاڪ جوڙيائون؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
2۽ هن سون ۽ آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي مان ايفود جوڙيو. 3۽ هنن سون کي ڪُٽي سنها پترا ڪري، انهن کي وڍي، منجهانئن سنهيون تارون جوڙيون، انهي لاءِ تہ اهي آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ ڏاڍيءَ ڪاريگريءَ سان اُڻن. 4۽ هنن انهي کي ڳنڍڻ لاءِ پٽيون بہ جوڙيون، جي انهي جي ٻنهي ڇيڙن سان ڳنڍيل هيون. 5۽ انهي جي مٿان ٻڌڻ لاءِ ڪاريگريءَ سان اُڻيل ڪمربند هو، جو چوگرد ڦري ٿي آيو؛ اهو ساڳئي ٽڪر مان هو، ۽ مٿس انهي جهڙو ڪم ٿيل هو، يعني اهو، سون ۽ آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
6۽ هنن سليماني پهڻ گهڙي، سون جي خانن ۾ جڙيا؛ ۽ انهن تي اسرائيل جي پٽن جا نالا سلسلي وار اُڪريل هئا، جيئن منڊي اُڪربي آهي. 7۽ هن اهي ايفود جي ڪلهن وارين پٽين تي هنيا، تہ بني اسرائيل جي لاءِ يادگيريءَ جا پهڻ ٿين: جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. 8۽ هن سون، ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هڪڙو سينہ بند جوڙيو، جنهن تي ايفود جهڙو ڪاريگريءَ جو ڪم ٿيل هو. 9هنن اهو سينہ بند چورس، ۽ ٻٽو جوڙيو: انهي جي ڊيگهہ هڪڙي گرانٺ، ۽ ويڪر بہ هڪڙي گرانٺ هئي. 10۽ هنن انهي ۾ قيمتي جواهرن جون چار قطارون جڙيون: پهرين قطار لعل، پکراج ۽ شب چراغ جي هئي؛ 11ٻي قطار زمرد، نيلم، ۽ هيري جي هئي؛ 12ٽين قطار سنبلي، عقيق، ۽ ياقوت جي هئي؛ 13چوٿين قطار فيروزي، سليماني پهڻ، ۽ زبرجد جي هئي؛ اهي سون جي خانن ۾ جڙيل هئا. 14اهي جواهر اسرائيل جي پٽن جي نالن موافق، سندن نالن جي شمار موجب ٻارهن هئا؛ اهي ٻارهن قبيلن لاءِ هئا، يعني جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن هرهڪ تي هڪڙي قبيلي جو نالو اُڪريل هو. 15۽ هنن سينہ بند تي رسين جهڙيون نج سون جي ڪڙين سان ڳنڍيل زنجيرون جوڙيون؛ 16۽ هنن ٻہ سون جا خانا، ۽ ٻہ سون جا ڇلا جوڙيا، ۽ اهي ٻہ ڇلا سينہ بند جي ٻنهي ڇيڙن تي وڌائون؛ 17۽ هنن اهي ٻہ سونيون ڪڙيدار زنجيرون، سينہ بند جي ٻنهي ڇيڙن تي، انهن ٻن ڇلن ۾ وڌيون. 18۽ هنن ڪڙيدار زنجيرن جا ٻيا ٻہ ڇيڙا ٻن خانن ۾ وڌا، ۽ اهي ايفود جي ڪلهن وارين پٽين تي، انهي جي اڳ واري پاسي رکيائون. 19۽ هنن سون جا ٻيا ٻہ ڇلا جوڙي، سينہ بند جو ڪنارو، جيڪو ايفود جي اندرئين پاسي ڏانهن هو، تنهن جي ٻنهي ڇيڙن ۾ وڌا. 20۽ هنن سون جا ٻيا ٻہ ڇلا جوڙي، ايفود جي ٻنهي ڪلهن وارين پٽين تي، انهي جي اڳ واري هيٺئين پاسي، انهي جي سنڌ جي ويجهو، ايفود جي ڪاريگريءَ سان جڙيل ڪمربند تي وڌا. 21۽ هنن سينہ بند جا ڇلا، ۽ ايفود جا ڇلا، هڪڙيءَ آسماني ڦيٿ سان ٻڌي ڇڏيا، تہ اهو ايفود جي ڪاريگريءَ سان جڙيل ڪمربند تي رهي، ۽ سينہ بند ايفود تان هٽي نہ وڃي؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
22۽ هن ايفود وارو سڄو جبو آسماني رنگ جو جوڙيو؛ 23۽ انهي جي وچ ۾ زرهہ جي گريبان وانگر هڪڙو سوراخ ڪيائين، ۽ انهي سوراخ جي چوڌاري هڪڙي پٽي هنيائين، انهي لاءِ تہ اهو ڦاٽي نہ پوي. 24۽ هنن انهي جبي جي دامن تي چوڌاري آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ وٽيل سڻيءَ جا ڏاڙهون جوڙيا. 25۽ هنن نج سون جون گهنڊڻيون جوڙي، جبي جي دامن جي چوڌاري، انهن ڏاڙهن جي وچ ۾ ٻڌيون. 26انهي طرح جبي جي دامن تي چوڌاري هڪڙي گهنڊڻي ۽ هڪڙو ڏاڙهون ٿي ويو؛ انهي لاءِ تہ هارون اهو پائي عبادت ڪري؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
27۽ هنن هارون ۽ سندس پٽن جي لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جون پوشاڪون جوڙيون، 28۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جي پڳڙي، ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جون ٽوپيون، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جون سٿڻون جوڙيائون. 29۽ هنن سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ زردوزيءَ جي ڪم جو هڪڙو ڪمربند جوڙيو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
30۽ هنن نج سون مان پاڪ ڇٽ جي تختي جوڙي؛ ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪريائون ”خداوند جي لاءِ پاڪ“ 31۽ هنن انهي کي هڪڙي آسمانيءَ ڦيٿ سان پڳڙيءَ تي ٻڌي ڇڏيو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
32انهيءَ طرح جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جو سڀ ڪم پورو ٿيو، ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل سڀ ڪجهہ ڪيو. 33۽ هنن اهو عبادت جو خيمو موسيٰ وٽ آندو يعني تنبو، ۽ انهي جو سڀ سامان، انهي جا بند، انهي جا ٺاٺ، انهي جا گز، انهي جا ٿنڀ، ۽ انهي جا کوپا؛ 34۽ گهيٽن جي ڳاڙهين رڱيل کلن جو ڍڪ، ۽ مل ار مڇيءَ جي کلن جو ڍڪ، ۽ پردي جو ڍڪ؛ 35شاهديءَ جي صندوق ۽ انهيءَ جا ڏنڊا، ۽ رحمت جو پوش؛ 36ميز ۽ انهيءَ جا سڀ ٿانو، ۽ نذر جي ماني؛ 37پاڪ شمعدان ۽ انهي جا ڏيئا، يعني جيڪي ڏيئا انهي تي رکڻا هئا، ۽ انهي جا سڀ ٿانو، ۽ ٻارڻ جو تيل؛ 38سوني قربانگاهہ، ۽ مسح ڪرڻ جو تيل؛ خوشبودار لوبان؛ ۽ تنبوءَ جي در جي لاءِ پردو؛ 39پتل جي قربانگاهہ ۽ انهيءَ جو پيتلي آتشدان، انهيءَ جا ڏنڊا، ۽ انهيءَ جا سڀ ٿانو؛ حوض ۽ انهي جي صندلي؛ 40اڱڻ جا پردا، انهن جا ٿنڀ، ۽ انهن جا کوپا؛ اڱڻ جي دروازي لاءِ پردو، ۽ انهي جا رسا، ۽ انهي جون ڪليون، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي خيمي ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ سڀ سامان؛ 41پاڪ مڪان ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ عمدي ڪم وارا ڪپڙا؛ هارون ڪاهن جي پاڪ پوشاڪ، ۽ سندس پٽن جون پوشاڪون، جن ۾ هو ڪهانت جي خدمت ڪن. 42مطلب تہ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل سمورو ڪم ڪيو. 43۽ موسيٰ انهي سڀ ڪم تي نگاهہ ڪئي ۽ ڏٺائين تہ هنن اهو برابر ڪيو آهي؛ جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن ئي هنن ڪيو هو: تڏهن موسيٰ انهن کي برڪت ڏني.

বর্তমানে নির্বাচিত:

خروج 39: SB62

হাইলাইট

কপি

তুলনা করুন

শেয়ার

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in