خروج 24
24
1پوءِ هن موسيٰ کي چيو تہ خداوند وٽ چڙهي اچ؛ تون ۽ هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا اچي پري کان بيهي سجدو ڪريو. 2رڳو موسيٰ خداوند جي ويجهو اچي، پر هو ويجهو نہ اچن، نڪي ٻيا ماڻهو هن سان گڏجي مٿي اچن. 3پوءِ موسيٰ اچي خداوند جون ڳالهيون ۽ سڀيئي حڪم ماڻهن کي چئي ٻڌايا، ۽ سڀني ماڻهن متفق ٿي جواب ڏنو ۽ چيائون تہ جيڪي ڳالهيون خداوند فرمايون آهن سي سڀ اسين مڃينداسين. 4پوءِ موسيٰ خداوند جون سڀيئي ڳالهيون لکيون، ۽ صبح جو سوير اُٿي جبل جي تري تي هڪڙي قربانگاهہ، ۽ اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي حساب موجب ٻارهن ٿنڀ جوڙيائين. 5۽ هن بني اسرائيل جي ڪيترن جوانن کي موڪليو، جن سوختنيون قربانيون چاڙهيون؛ ۽ خداوند جي لاءِ ڏاندن جون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيائون. 6۽ موسيٰ رت جو اڌ کڻي ٿالهن ۾ وڌو، ۽ ٻيو اڌ قربانگاهہ تي ڇاٽاريو 7۽ هن عهدنامي وارو ڪتاب کڻي، ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو، ۽ انهن چيو تہ جيڪي خداوند فرمايو آهي، سو سڀ اسين ڪنداسين ۽ تابعدار رهنداسين. 8تڏهن موسيٰ اهو رت کڻي ماڻهن تي ڇاٽاريو ۽ چيائين تہ ڏسو، هي انهي عهد جو رت آهي، جو خداوند هنن سڀني ڳالهين بابت اوهان سان ڪيو آهي. 9پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جا ستر بزرگ مٿي چڙهي ويا. 10۽ انهن اسرائيل جي خدا کي ڏٺو؛ ۽ انهي جي پيرن هيٺان ڄڻ تہ نيلم جي پهڻ جهڙو فرش لڳل هو، ۽ اهڙو صاف هو جهڙو آسمان. 11۽ بني اسرائيل جي بزرگن تي هن پنهنجو هٿ ڪين ڊگهيريو؛ ۽ هنن خدا کي ڏٺو، ۽ کاڌائون پيتائون.
12پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ تون جبل تي چڙهي مون وٽ اچ، ۽ اتي اچي رهہ؛ ۽ آءٌ توکي پهڻ جون تختيون ڏيندس، ۽ اها شريعت، ۽ اُهي حڪم ڏيندوسان جي مون لکيا آهن، تہ تون هنن کي سيکارين. 13تڏهن موسيٰ ۽ سندس خادم يشوع اُٿيا، ۽ موسيٰ خدا جي جبل تي چڙهي ويو. 14۽ هن بزرگن کي چيو تہ اوهين اسان جي لاءِ هتي ترسو، جيسين ڪ اسين موٽي اوهان وٽ اچون. ڏسو هارون ۽ حور اوهان سان آهن، جنهن کي ڪو ڪم پوي تہ اهو هنن وٽ وڃي. 15پوءِ موسيٰ جبل تي ويو، ۽ ڪڪر جبل کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ خداوند جو جلال سينا جبل تي رهيو. 16۽ ڇهہ ڏينهن ڪڪر انهي جي مٿان بيٺو هو، ۽ ستين ڏينهن هن ڪڪر منجهان موسيٰ کي سڏيو. 17۽ بني اسرائيل کي خداوند جي جلال جو نظارو، جبل جي چوٽيءَ تي، ساڙيندڙ باهہ وانگي ڏسڻ ۾ آيو. 18۽ موسيٰ ڪڪر جي وچ ۾ گهڙي جبل تي چڙهي ويو؛ ۽ موسيٰ جبل تي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون هو.
বর্তমানে নির্বাচিত:
خروج 24: SB62
হাইলাইট
কপি
তুলনা করুন
শেয়ার
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.