1
ڳاڻاٽو 8:21
Sindhi Bible FB
SB
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون هڪڙو نانگ ٺاهہ ۽ انهيءَ کي هڪڙي ٿوڻيءَ تي لٽڪائي ڇڏ. جيڪو بہ نانگ جو ڏنگيل انهيءَ کي ڏسندو سو مرڻ کان بچي ويندو.“
አወዳድር
{{ጥቅስ}} ያስሱ
2
ڳاڻاٽو 9:21
سو موسيٰ هڪڙو پتل جو نانگ ٺاهيو ۽ انهيءَ کي هڪڙي ٿوڻيءَ تي لٽڪائي ڇڏيائين. پوءِ جڏهن بہ ڪنهن ماڻهوءَ کي نانگ ڏنگيو ٿي تڏهن ان پتل جي نانگ ڏانهن ٿي نهاريو تہ مرڻ کان بچي ٿي ويو.
3
ڳاڻاٽو 5:21
هو خدا ۽ موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ لڳا. هو چوڻ لڳا تہ ”ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن بيابان ۾ مرڻ جي لاءِ آندو آهي، جتي نہ ماني آهي، نہ پاڻي؟ اسان جي دل کي هن ڪني کاڌي کان ڪراهت ٿي اچي.“
4
ڳاڻاٽو 6:21
تڏهن خداوند انهن ماڻهن ۾ تمام زهريلا نانگ موڪليا. انهن نانگن کين ڏنگيو ۽ بني اسرائيل مان گھڻا ئي ماڻهو مري ويا.
5
ڳاڻاٽو 7:21
تڏهن ماڻهو موسيٰ وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اسان خداوند ۽ اوهان جي خلاف ڳالهائي گناهہ ڪيو آهي. هاڻي توهين خداوند کان دعا گھرو تہ هو نانگن کي اسان کان پري ڪري.“ سو موسيٰ انهن لاءِ دعا گھري.