Chapa ya Youversion
Ikoni ya Utafutaji

1.ڪرنٿين 5

5
ڪليسيا ۾ زناڪاري
1 # شر ۳۰‏:۲۲ ايتري قدر بہ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي تہ اوھان ۾ زناڪاري آھي ۽ زناڪاري بہ اھڙي جيڪا غير قومن ۾ بہ ڪانھي، بلڪ اوھان مان تہ ھڪڙو پنھنجي پيءُ جي زال ويھاريو ويٺو آھي. 2جنھن اھڙو ڪم ڪيو آھي تنھن کي پنھنجي ٽولي مان اوھان کي ڪڍي ڇڏڻ گھربو ھو. پر اوھين تہ انھيءَ تي افسوس ڪرڻ بدران اٽلندو ٻٽاڪون ٿا ھڻو. 3جيتوڻيڪ منھنجو جسم اوھان وٽ حاضر نہ آھي پر منھنجو روح حاضر آھي. سو مون ڄڻ تہ پنھنجي موجودگيءَ ۾ اڳ ئي اھڙي ڪم ڪرڻ واري لاءِ فتويٰ ڏئي ڇڏي آھي. 4اھا فتويٰ ھيءَ آھي تہ اوھين منھنجي روح سان گڏجي اسان جي خداوند عيسيٰ جي نالي، سندس قدرت سان 5اھڙي شخص جي جسماني خواھشن کي برباد ڪرڻ لاءِ کيس شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو تہ جيئن سندس روح خداوند جي ڏينھن بچي وڃي.
6 # گل ۹‏:۵ اوھان جو فخر ڪرڻ چڱو نہ آھي. اوھين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ٿورڙو ئي خميرو ساري ڳوھيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آھي. 7#خر ۵‏:۱۲ پراڻو خميرو ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوھين نج اٽو بڻجي پئو. سچ⁠پچ تہ اوھين بي⁠خميرا آھيو، ڇالاءِ⁠جو اسان جي عيد فصح جو گھيٽو يعني مسيح قربان ٿي ويو آھي. 8#خر ۷‏:۱۳، شر ۳‏:۱۶ تنھنڪري اچو تہ عيد ڪريون، پر نہ پراڻي خميري يعني برائيءَ ۽ شرارت جي خميري سان، بلڪ صاف⁠دليءَ ۽ سچائيءَ جي بي⁠خميري مانيءَ سان.
9مون پنھنجي خط ۾ اوھان ڏانھن لکيو ھو تہ زناڪارن سان صحبت نہ رکجو. 10منھنجو مطلب اھو نہ آھي تہ اوھين ھن جھان جي زناڪارن، لالچين، دغابازن ۽ بت⁠پرستن سان لاڳاپا ئي لاھي ڇڏيو، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان اوھان کي ضرور ھن جھان مان نڪري وڃڻو پوندو. 11دراصل مون اوھان ڏانھن اھو لکيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ايمان آڻيندڙ سڏائي پر ھجي زناڪار، يا لالچي يا بت⁠پرست يا گاريل، يا شرابي يا دغاباز، تہ انھيءَ سان صحبت نہ رکجو، بلڪ اھڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو. 12جيڪي ڌاريا آھن تن تي فتويٰ ڏيڻ سان منھنجو ڪھڙو واسطو؟ پر اوھين رڳو پنھنجن مان بڇڙائي ڪندڙ تي فتويٰ ڏيو. 13#شر ۵‏:۱۳، ۷‏:۱۷ ڇالاءِ⁠جو ڌارين تي خدا پاڻ فتويٰ ڏيندو. پر ”اوھين پنھنجي ٽولي مان انھيءَ بڇڙي ماڻھوءَ کي ڪڍي ڇڏيو.“جيئن پاڪ لکت ۾ آھي.

Iliyochaguliwa sasa

1.ڪرنٿين 5: SCLNT

Kuonyesha

Shirikisha

Nakili

None

Je, ungependa vivutio vyako vihifadhiwe kwenye vifaa vyako vyote? Jisajili au ingia