1
لوقا 24:13
Hindu Sindi Bible NT
HSB
”سوڙهي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ تن ۽ من سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.
Yenzanisa
Ongorora {{vhesi}}
2
لوقا 11:13-12
اتي هڪڙي ناري هئي جنهن ۾ ارڙهن سالن کان هڪڙو ڀوت هو، جنهن ڪري هوءَ ڏاڍي ڪمزور ٿي ڪُٻي ٿي ويئي هئي. هوءَ بلڪل سڌي ٿي نہ سگھندي هئي. يسوع جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاڻ وٽ سڏي چيائينس تہ ”اي مائي! تو هاڻي پنهنجي بيماريءَ کان جند ڇڏائي.“
3
لوقا 13:13
تڏهن يسوع مٿس پنهنجا هٿ رکيا تہ هوءَ هڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ ايشور جي مهما ڪرڻ لڳي.
4
لوقا 30:13
ڏسو، تڏهن ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن، سي اڳيان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن، سي پويان ٿيندا.“
5
لوقا 25:13
جڏهن گھر ڌڻيءَ هڪ دفعو اُٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوهين ٻاهر بيهي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ هو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو.‘
6
لوقا 5:13
آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ نہ. پر جيڪڏهن اوهين پنهنجن پاپن کان توبهہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندءُ، جيئن اهي ٿيا هئا.“
7
لوقا 27:13
پر هو وري اوهان کي چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو. اوهين سڀيئي بدڪار منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘
8
لوقا 18:13-19
پوءِ يسوع چوڻ لڳو تہ ”ايشور جو راڄ ڇا جي مثل آهي. ان کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان. اهو سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کڻي پنهنجي باغ ۾ پوکيو تہ اهو وڌي وڻ وانگر ٿي پيو ۽ سندس ٽارين ۾ پکين واهيرا ڪيا.“
Pekutangira
Bhaibheri
Zvirongwa
Mavideo