1
مرقس 39:4-40
Sindhi Bible FB
SB
تنهن تي عيسيٰ اٿيو ۽ واءُ کي ڇينڀيائين ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي حڪم ڪيائين تہ ”ماٺيون ٿيو.“ تڏهن طوفان بيهجي ويو ۽ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي. پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوهين ڇو ٿا ڊڄو؟ ڇا اوهان کي اڃا تائين مون تي ايمان نہ آهي؟“
Comparar
Explorar مرقس 4:39-40
2
مرقس 41:4
پر اهي ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻي بہ هن جو حڪم مڃين ٿا؟“
Explorar مرقس 4:41
3
مرقس 38:4
عيسيٰ ٻيڙيءَ جي پوئين حصي تي وِهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو هو تہ شاگردن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي استاد! اسين مرڻ تي آهيون ۽ اوهان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“
Explorar مرقس 4:38
4
مرقس 24:4
عيسيٰ اهو بہ چين تہ ”اوهين انهن ڳالهين کي ڌيان ۾ رکو جيڪي مون کان ٻڌو ٿا، ڇاڪاڻ تہ جهڙي ماپي سان اوهين ماپي ڏيندا تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ملندو.
Explorar مرقس 4:24
5
مرقس 26:4-27
عيسيٰ وري ماڻهن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”خدا جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ٿو. هو رات جو سمهي ٿو ۽ ڏينهن جو جاڳي ڪم ڪار ڪري ٿو، جڏهن تہ ٻج اهڙيءَ طرح ڦٽي هلي ٿو جو هن کي ان جي خبر ئي نہ ٿي پوي.
Explorar مرقس 4:26-27
6
مرقس 23:4
جيڪڏهن اوهان کي ڪن آهن تہ ٻڌي ڇڏيو.“
Explorar مرقس 4:23