1
مرقس 36:14
Sindhi Bible FB
SB
هن وڌيڪ چيو تہ ”اي ابا! اي منهنجا بابا! تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو، سو هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، بلڪ تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“
Comparar
Explorar مرقس 14:36
2
مرقس 38:14
پوءِ ٽنهي کي چيائين تہ ”جاڳندا رهو ۽ دعا گھرندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر بدن ۾ ايتري طاقت ناهي.“
Explorar مرقس 14:38
3
مرقس 9:14
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سڄيءَ دنيا ۾ جتي بہ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪئي ويندي، اُتي هن عورت جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل هن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“
Explorar مرقس 14:9
4
مرقس 34:14
سو هن کين ٻڌايو تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ جاڳندا رهو.“
Explorar مرقس 14:34
5
مرقس 22:14
جڏهن اهي کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو بدن آهي.“
Explorar مرقس 14:22
6
مرقس 23:14-24
پوءِ هن مئي جو پيالو کڻي شڪر ڪري اهو بہ کين ڏنو ۽ سڀني اُن مان پيتو. تڏهن عيسيٰ چين تہ ”اهو منهنجو رت آهي، جنهن سان خدا جو عهد ٻڌجي ٿو. اهو رت گھڻن ئي جي لاءِ وهائجي ٿو.
Explorar مرقس 14:23-24
7
مرقس 27:14
رستي تي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘
Explorar مرقس 14:27
8
مرقس 42:14
اُٿو، هلي ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي رهيو آهي سو ويجھو اچي پهتو آهي.“
Explorar مرقس 14:42
9
مرقس 30:14
عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ئي ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“
Explorar مرقس 14:30