1
متي 40:25
Sindhi Bible FB
SB
بادشاهہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ سان بہ اهڙو ڪم ڪيو، تہ اهو ڄڻ اوهان مون سان ئي ڪيو.‘
Comparar
Explorar متي 25:40
2
متي 21:25
تنهن تي هن جي مالڪ چيس تہ ’شاباس، نيڪ ۽ وفادار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، تنهنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنهنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ منهنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘
Explorar متي 25:21
3
متي 29:25
ڇاڪاڻ تہ جنهن ڪجھہ ڪمايو آهي تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو، تہ جيئن وٽس گھڻو ٿي پوي. پر جنهن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آهي، تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آهي.
Explorar متي 25:29
4
متي 13:25
عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ ڪري اوهين بہ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي ابنِ آدم جي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ جي خبر نہ آهي.“
Explorar متي 25:13
5
متي 35:25
ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ بکايل هئس تہ اوهان مون کي کارايو، آءٌ اڃايل هئس تہ اوهان مون کي پيئاريو، آءٌ پرديسي هئس تہ اوهان مون کي پنهنجي گھر ۾ رهايو،
Explorar متي 25:35
6
متي 23:25
تنهن تي سندس مالڪ چيس تہ ’شاباس، نيڪ ۽ وفادار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، تنهنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنهنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ منهنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘
Explorar متي 25:23
7
متي 36:25
آءٌ اگھاڙو هئس تہ اوهان مون کي ڪپڙا پهرايا، آءٌ بيمار هئس تہ اوهان منهنجي سار سنڀال ڪئي، آءٌ قيد ۾ هئس تہ اوهان منهنجي ملاقات ڪئي.‘
Explorar متي 25:36