1
متي 26:19
Sindhi Bible FB
SB
عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر خدا جي وس کان ڪابہ ڳالهہ ٻاهر نہ آهي.“
Comparar
Explorar متي 19:26
2
متي 6:19
هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن. سو جن کي خدا ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“
Explorar متي 19:6
3
متي 4:19-5
تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اوهان پاڪ ڪلام نہ پڙهيو آهي ڇا؟ انهيءَ ۾ لکيل آهي تہ خالق انسان کي شروعات کان وٺي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو ۽ فرمايائين تہ ’انهيءَ ڪري مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو ۽ هو ٻئي گڏجي هڪ جسم ٿي ويندا.‘
Explorar متي 19:4-5
4
متي 14:19
عيسيٰ چين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو، انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.“
Explorar متي 19:14
5
متي 30:19
پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“
Explorar متي 19:30
6
متي 29:19
جيڪو بہ پنهنجا گھر، ڀائر، ڀينرون، ماءُ پيءُ، ٻار يا ٻنيون منهنجي ڪري ڇڏيندو تہ ان کي اُهي سؤڻا ٿي ملندا ۽ دائمي زندگي بہ ملندس.
Explorar متي 19:29
7
متي 21:19
عيسيٰ هن کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ خيرات ڪر، تڏهن خدا وٽ تو کي خزانو ملندو. سو خيرات ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“
Explorar متي 19:21
8
متي 17:19
عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو خدا ئي آهي. جيڪڏهن تون دائمي زندگي حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“
Explorar متي 19:17
9
متي 24:19
آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“
Explorar متي 19:24
10
متي 9:19
پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنهن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري، تہ هو زنا ٿو ڪري.“
Explorar متي 19:9
11
متي 23:19
تڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ شاهوڪار ماڻهوءَ جو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
Explorar متي 19:23