1
لوقا 13:11
Sindhi Bible FB
SB
جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي، پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ آسمان وارو پيءُ اوهان گھرڻ وارن کي پاڪ روح ڪونہ ڏيندو ڇا؟“
Comparar
Explorar لوقا 11:13
2
لوقا 9:11
انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کُليوَ،
Explorar لوقا 11:9
3
لوقا 10:11
ڇاڪاڻ تہ جيڪو گھرندو آهي تنهن کي ملندو آهي، جيڪو ڳوليندو آهي تنهن کي لڀندو آهي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آهي تنهن لاءِ کلندو آهي.
Explorar لوقا 11:10
4
لوقا 2:11
عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جڏهن اوهين دعا گھرو تہ هيئن چئجو تہ ’اي بابا! شل تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي، ۽ تنهنجي بادشاهي اچي.
Explorar لوقا 11:2
5
لوقا 4:11
اسان جا ڏوهہ اسان کي معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ جيڪي اسان جا ڏوهاري آهن تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون. ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي.‘“
Explorar لوقا 11:4
6
لوقا 3:11
اسان جي روزانو واري ماني اسان کي هر روز ڏي.
Explorar لوقا 11:3
7
لوقا 34:11
اوهان جون اکيون اوهان جي بدن لاءِ ڏيئي مثل آهن، سو جيڪڏهن اوهان جي نظر صحيح پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو بدن روشن هوندو. پر جيڪڏهن اوهان جي نظر غلط پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو بدن اونداهيءَ ۾ غرق هوندو.
Explorar لوقا 11:34
8
لوقا 33:11
”ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ان کي لڪائي يا ڍڪڻ هيٺان نہ ٿو رکي پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيئن اندر ايندڙن کي روشني ملي.
Explorar لوقا 11:33