YouVersion လိုဂို
ရွာရန္ အိုင္ကြန္

مرقس 7

7
وڏن جون ريتون رسمون
(متي ۱‏:۱۵‎–۹)
1فريسي ۽ ڪي شريعت جا عالم، جيڪي يروشلم کان آيا ھئا سي سڀ عيسيٰ سان اچي مليا. 2انھن ڏٺو تہ عيسيٰ جا ڪي شاگرد پليت ھٿن يعني اڻ⁠ڌوتل ھٿن سان ماني کائين ٿا پيا. 3جڏھن تہ فريسي ۽ سڀ يھودي پنھنجن وڏن جي رسم موجب، جيستائين پنھنجا ھٿ پنھنجي خاص نموني سان نہ ڌوئن تيستائين نہ کائيندا آھن، 4۽ جڏھن بازار کان اچن تڏھن جيسين نہ وھنجن تيسين ڪين کائيندا آھن. انھن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آھن جھڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانون ۽ بسترن کي ڌوئڻ. 5سو فريسين ۽ شريعت جي عالمن عيسيٰ کان اچي پڇيو تہ ”اوھان جا شاگرد وڏن جي ريتن رسمن موجب ڇو نہ ٿا ھلن ۽ پليت ھٿن سان ڇو ٿا ماني کائين؟“ 6#يس ۱۳‏:۲۹ تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”اوھان رياڪارن جي بابت يسعياہ ڪھڙي نہ پيشنگوئي ڪري ويو آھي تہ
’ھيءَ قوم پنھنجن چپن سان تہ مون کي عزت ڏئي ٿي،
پر ھنن جي دل مون کي نہ ٿي گھُري.
7ھو منھنجي عبادت اجائي ٿا ڪن،
ڇالاءِ⁠جو ھو ماڻھن جا حڪم ائين ٿا سيکارين
ڄڻ تہ اھي خدا جا حڪم آھن.‘“
8عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوھين خدا جو حڪم ڇڏي انساني ريتن رسمن ۾ ڦاسي پيا آھيو. 9اوھين پنھنجن ريتن رسمن کي پوري ڪرڻ خاطر خدا جي حڪمن کي ڪيئن نہ پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو. 10#خر ۱۲‏:۲۰، ۱۷‏:۲۱، لاو ۹‏:۲۰، شر ۱۶‏:۵ جيئن تہ موسيٰ فرمايو آھي تہ ’پنھنجي ماءُ ۽ پنھنجي پيءُ جي عزت ڪريو.‘ ۽ ’جيڪو پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ جي گلا ڪري تنھن کي اڦٽ ماريو وڃي.‘ 11پر اوھين ماڻھن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏھن ڪنھن وٽ ڪا شيءِ آھي جنھن سان ھو پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر ھن اھا قربان، يعني خدا جي نذر ڪري ڇڏي آھي، 12تہ پوءِ ھو ماءُ⁠پيءُ جي گھرج پوري ڪرڻ کان ڇٽي وڃي ٿو.‘ 13اھڙيءَ طرح اوھين پنھنجين ريتن رسمن سان خدا جو ڪلام رد ٿا ڪريو. اھڙي نموني ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن جيڪي اوھين ڪريو ٿا.“
انسان کي پليت ڪرڻ واريون شيون
(متي ۱۰‏:۱۵‎–۲۰)
14عيسيٰ سڄي خلق کي وري پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”اوھين سڀ منھنجي ڳالھہ ٻڌو ۽ سمجھو. 15‏-16ڪابہ شيءِ ٻاھران ماڻھوءَ ۾ گھڙي کيس پليت ڪري نہ ٿي سگھي، پر جيڪي شيون ماڻھوءَ جي اندر مان ٻاھر نڪرن ٿيون سي کيس پليت ٿيون ڪن.“#ڪن ترجمن ۾ ھي بہ شامل آھي: جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي (ڏسو ۲۳‏:۴).
17جڏھن عيسيٰ ميڙ کي ڇڏي گھر پھتو تہ سندس شاگردن انھيءَ مثال بابت پڇيس. 18تنھن تي عيسيٰ ھنن کي چيو تہ ”اوھين بہ ڪيترا نہ بي⁠سمجھہ آھيو، جو ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي ٻاھران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو سو کيس پليت نہ ٿو ڪري، 19ڇالاءِ⁠جو اھو انسان جي دل ۾ نہ ٿو وڃي پر انسان جي پيٽ ۾ ٿو وڃي ۽ اتان آخرڪار ٻاھر نڪريو وڃي.“ ائين چئي عيسيٰ کائڻ جي سڀني شين کي حلال سڏيو. 20عيسيٰ چيو تہ ”جيڪي انسان جي دل مان ٻاھر ٿو نڪري سو ئي کيس پليت ٿو ڪري، 21ڇالاءِ⁠جو انسان جي دل مان بڇڙا خيال ٿا نڪرن، جھڙوڪ: حرامڪاري، چوري، خون، 22زناڪاري، لالچ، بڇڙائي، ٺڳي، ڇڙواڳي، ڪينو، گلاخوري، مغروري ۽ بيوقوفي. 23اھي سڀ خرابيون اندر مان ٿيون نڪرن ۽ ماڻھوءَ کي پليت ڪن ٿيون.“
ھڪ عورت جو ايمان
(متي ۲۱‏:۱۵‎–۲۸)
24پوءِ عيسيٰ اتان اُٿي صور شھر جي علائقن ڏانھن روانو ٿيو ۽ ھڪڙي گھر ۾ گھڙي ويو. ھن جي مرضي ھئي تہ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي سندس اچڻ جي خبر نہ پوي، پر ھو لڪي نہ سگھيو. 25ھڪڙي عورت جنھن جي ننڍڙي ڌيءَ کي ڀوت ھو، تنھن کي جڏھن خبر پيئي تہ اھا ھڪدم عيسيٰ وٽ آئي ۽ اچي پيرين پيس. 26اھا عورت يونانڻ ھئي ۽ سورفينڪيءَ جي قوم مان ھئي. ھن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”منھنجي ڌيءَ مان ھلي ڀوت ڪڍو.“ 27پر عيسيٰ چيس تہ ”پھريائين ٻارن کي ڍءُ ڪرڻ ڏي، ڇالاءِ⁠جو اھو واجب نہ آھي جو ٻارن جي ماني کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“ 28تنھن تي عورت چيس تہ ”سائين! برابر، پر ڪتا بہ تہ دسترخوان وٽان ٻارن جي اوبر ڪيل مانيءَ جا ٽڪر کائيندا آھن.“ 29عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”برابر، تنھنجي انھيءَ جواب جي ڪري تنھنجي نياڻيءَ مان ڀوت نڪري ويو. سو تون ڀلي گھر وڃ.“ 30ھوءَ گھر ويئي ۽ ڏٺائين تہ سندس ڌيءَ ھنڌ تي پيل آھي ۽ ڀوت بلڪل ڇڏي ويو ھوس.
ٻوڙي ۽ ٻاتي ماڻھوءَ کي شفا ڏيڻ
31ھاڻي عيسيٰ صور جي حدن مان نڪري صيدا مان لنگھي، دڪاپلس جي حدن جو وچ وٺي گليل جي ڍنڍ تي آيو. 32ماڻھو وٽس ھڪڙي اھڙي شخص کي وٺي آيا جيڪو ٻوڙو ھو ۽ ڳالھائڻ ۾ بہ اٽڪ ھيس. سو منٿ ڪيائونس تہ ”ھن کي پنھنجو ھٿ لايو.“ 33عيسيٰ اُن کي گوڙ کان پاسيرو وٺي ويو ۽ پنھنجون آڱريون ھن جي ڪنن ۾ وڌائين ۽ پنھنجي زبان جي لٻ ڪڍي ھن جي زبان کي لاتائين. 34پوءِ عيسيٰ آسمان ڏانھن نھاري ٿڌو ساھہ ڀريو ۽ ھن کي چيائين تہ ”افتح.“ يعني ”کلي پئُہ.“ 35تڏھن ھڪدم سندس ڪن کلي پيا ۽ ھن جي زبان جي تند ڇڄي پيئي ۽ ھو چِٽو ڳالھائڻ لڳو. 36پوءِ عيسيٰ انھن ماڻھن کي تاڪيد ڪري چيو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجو.“ پر جيترو ھن وڌيڪ تاڪيد ڪيو ھون، اوترو ئي وڌيڪ ھنن وڃي اھا ڳالھہ ماڻھن ۾ پڌري ڪئي. 37سو جن بہ پئي ٻڌو، تن کي ڏاڍو عجب پئي لڳو ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪھڙي نہ سھڻي نموني سان ھو ھر ھڪ ڪم ڪري ٿو، بلڪ ھو تہ ٻوڙن کي ٻڌڻ جي ۽ گونگن کي ڳالھائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.“

လက္ရွိေရြးခ်ယ္ထားမွု

مرقس 7: SCLNT

အေရာင္မွတ္ခ်က္

မၽွေဝရန္

ကူးယူ

None

မိမိစက္ကိရိယာအားလုံးတြင္ မိမိအေရာင္ခ်ယ္ေသာအရာမ်ားကို သိမ္းဆည္းထားလိုပါသလား။ စာရင္းသြင္းပါ (သို႔) အေကာင့္ဝင္လိုက္ပါ