1
لوقا 40:12
Common Language New Testament
SCLNT
تنھنڪري اوھين بہ تيار رھو، ڇوتہ اھا گھڙي الائجي ڪھڙي ھوندي جنھن ۾ ابنآدم اچي سھڙندو.“
ႏွိုင္းယွဥ္
لوقا 12:40ရွာေဖြေလ့လာလိုက္ပါ။
2
لوقا 31:12
سو اوھين پھريائين خدا جي بادشاھت جي ڳولا ۾ رھو تہ اوھان کي اھي سڀ شيون بہ ملنديون.“
لوقا 12:31ရွာေဖြေလ့လာလိုက္ပါ။
3
لوقا 15:12
پوءِ ھن سڀني کي چتائي ڏسندي چيو تہ ”ھوشيار ٿجو ۽ پاڻ کي ھر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇالاءِجو ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻھوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“
لوقا 12:15ရွာေဖြေလ့လာလိုက္ပါ။
4
لوقا 34:12
ڇالاءِجو جتي اوھان جو خزانو ھوندو، تہ دل بہ اوھان جي اتي ئي ھوندي.“
لوقا 12:34ရွာေဖြေလ့လာလိုက္ပါ။
5
لوقا 25:12
ڇا اوھان مان ڪو ڳڻتين سان حياتيءَ جو ھڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھندو؟
لوقا 12:25ရွာေဖြေလ့လာလိုက္ပါ။
6
لوقا 22:12
پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”تنھنڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ پنھنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ نہ پنھنجي جسم لاءِ تہ ’ڇا پھرينداسين.‘
لوقا 12:22ရွာေဖြေလ့လာလိုက္ပါ။
7
لوقا 7:12
پر اوھان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آھن، سو متان ڊڄو، ڇاڪاڻتہ اوھان جي قيمت ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ آھي.“
لوقا 12:7ရွာေဖြေလ့လာလိုက္ပါ။
8
لوقا 32:12
”اي ننڍڙا ٽولا! متان ڊڄو، ڇاڪاڻتہ اوھان جي پيءُ جي مرضي آھي تہ اوھان کي بادشاھت عطا ڪري.
لوقا 12:32ရွာေဖြေလ့လာလိုက္ပါ။
9
لوقا 24:12
ڪانوَن تي غور ڪريو تہ ھو نڪي پوکين، نڪي لڻين ۽ نڪي انھن کي اَنَ جا ڀانڊا يا گودام آھن، تڏھن بہ خدا انھن کي کارائي ٿو. پر اوھين تہ انھن کان وڌيڪ درجو ٿا رکو.
لوقا 12:24ရွာေဖြေလ့လာလိုက္ပါ။
10
لوقا 29:12
اوھين ھن لاءِ خيال نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ ’ڇا پيئنداسين‘ ۽ ھن بابت اوھان کي ڪابہ ڳڻتي ڪرڻ نہ گھرجي.
لوقا 12:29ရွာေဖြေလ့လာလိုက္ပါ။
11
لوقا 28:12
جيڪڏھن جھنگلي گاھہ، جيڪو اڄ آھي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنھن کي خدا ائين پھرائي ٿو تہ پوءِ اھو اوھان کي بھتر نہ پھرائيندو ڇا؟ اوھان جو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي.
لوقا 12:28ရွာေဖြေလ့လာလိုက္ပါ။
12
لوقا 2:12
ڪابہ شيءِ ڍڪيل نہ آھي جا پڌري نہ ٿيندي. ڪابہ لڪل نہ آھي جا ظاھر نہ ٿيندي.
لوقا 12:2ရွာေဖြေလ့လာလိုက္ပါ။
ပင္မစာမ်က္ႏွာ
သမၼာက်မ္းစာ
အစီအစဥ္မ်ား
ဗီဒီယိုမ်ား