ملاڪي ‮تعارف‬

تعارف
”ملاڪي“ نالي هي مقدس ڪتاب پنجين صدي قبل مسيح ۾ انهيءَ وقت لکيو ويو، جڏهن يروشلم ۾ هيڪل نئين سر اڏي ويئي هئي. ملاڪي نبيءَ جو گھڻو زور انهيءَ ڳالهہ تي هو تہ ڪاهن ۽ ٻيا ماڻهو خدا سان ٻڌل عهد سان وفادار رهڻ جي تجديد ڪن. اهو صاف ظاهر آهي تہ خدا جي ماڻهن ۾ خدا جي عبادت ڪرڻ ۾ ڪاهلي هئي ۽ سچائي ڪانہ هئي. ملاڪي نبيءَ ڪاهنن ۽ ٻين ماڻهن کي ڇينڀيو تہ اهي خدا کي نذرانا پيش نہ ڪري کيس خسيس ٿا سمجھن، جيڪي کين ڪنهن بہ صورت ۾ ڏيڻا هئا. ان کان علاوہ هو پنهنجي خدا جي حڪمن موجب زندگي ڪين گذاري رهيا هئا. سو حضرت ملاڪيءَ پيغام ڏنو تہ خدا ايندو ۽ پنهنجي ماڻهن سان انصاف ڪري کين پاڪ صاف ڪندو. پنهنجي اچڻ کان اڳ هو پنهنجو پيغمبر موڪليندو تہ جيئن هو سندس لاءِ راهہ هموار ڪري ۽ هن جي عهد جي تبليغ ڪري.
سِٽاءُ
بني اسرائيل جا گناهہ 1‏:1‏–2‏:16
خدا جي عدالت ۽ سندس رحم 2‏:17‏–4‏:6

നിലവിൽ തിരഞ്ഞെടുത്തിരിക്കുന്നു:

ملاڪي ‮تعارف‬: SB

ഹൈലൈറ്റ് ചെയ്യുക

പകർത്തുക

താരതമ്യം

പങ്ക് വെക്കു

None

നിങ്ങളുടെ എല്ലാ ഉപകരണങ്ങളിലും ഹൈലൈറ്റുകൾ സംരക്ഷിക്കാൻ ആഗ്രഹിക്കുന്നുണ്ടോ? സൈൻ അപ്പ് ചെയ്യുക അല്ലെങ്കിൽ സൈൻ ഇൻ ചെയ്യുക