2.ڪرنٿين 4

4
خوشخبريءَ جي روشني هڪ خزانو
1سو اسان رسولن کي خدا جي رحم سان هيءَ خدمت ملي آهي، جنهن ۾ اسين همت نہ ٿا هاريون. 2اسين بي‌شرميءَ وارين لڪل ڳالهين کان بہ پاسو ڪريون ٿا. اسين نڪي ٺڳيءَ سان ٿا هلون ۽ نہ وري مسيح بابت خدا جي پيغام ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري خدا جي آڏو هر هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي نيڪي ٿا ڄمايون. 3پر جيڪڏهن اسان جي خوشخبريءَ تي پردو پيل آهي تہ اها خوشخبري انهن جي ئي لاءِ ڍڪيل آهي جيڪي ناس ٿي رهيا آهن. 4اهي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن دنيا جو معبود ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آهي، تنهن جي عظمت جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن. 5جڏهن تہ اسين پاڻ بابت نہ پر عيسيٰ مسيح بابت تبليغ ڪريون ٿا تہ هو ئي خداوند آهي ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ عيسيٰ جي خاطر اسين اوهان جا خادم آهيون. 6#پيد 1‏:3 اسين تبليغ انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن خدا فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس عظمت کي ڄاتو وڃي جيڪا عيسيٰ مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.
7اسين جن ۾ اهو خزانو رکيو ويو آهي، سي مٽيءَ جي ٿانوَن وانگر آهيون، تہ جيئن ظاهر ٿئي تہ اها تمام گھڻي قدرت اسان جي نہ پر خدا جي آهي. 8اسين هر طرف کان مصيبتن ۾ دٻايا وڃون ٿا، پر چيڀاٽجي ڪونہ ٿا وڃون، پريشان تہ ٿيون ٿا پر نااميد نہ ٿا ٿيون، 9ستايا وڃون ٿا پر اڪيلا نہ ٿا ڇڏيا وڃون، ڪيرايا تہ وڃون ٿا پر ناس نہ ٿا ٿيون. 10مطلب تہ اسين عيسيٰ جو موت هر وقت پنهنجي جسم ۾ کنيو ٿا وتون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي جسم ۾ ظاهر ٿئي. 11هائو، اسين زندہ حالت ۾ عيسيٰ جي خاطر هر وقت موت جي منهن ۾ ٿا رهون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاهر ٿئي. 12ائين اسان ۾ موت، پر اوهان ۾ زندگي اثر ڪري ٿي.
13 # زب 116‏:10 پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”مون ايمان آندو، تنهنڪري ڳالهايو.“ اسان ۾ بہ پاڪ روح جو عطا ڪيل ساڳيو ئي ايمان آهي. سو اسين بہ ايمان آڻيون ٿا، تنهنڪري ڳالهايون ٿا، 14ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنهن خداوند عيسيٰ مسيح کي مئلن مان جيئرو ڪيو آهي، سو عيسيٰ سان گڏ هجڻ ڪري اوهان سميت اسان کي بہ جيئرو ڪري پاڻ وٽ حاضر ڪندو. 15هي سڀ ڪجھہ اوهان جي فائدي لاءِ آهي، تہ جيئن جيڪو فضل گھڻن کان گھڻن ماڻهن تائين پهچي ٿو، تنهن جي وسيلي خدا جي واکاڻ لاءِ ماڻهن جي شڪراني ۾ بہ واڌارو ٿيندو وڃي.
ايمان سان زندگي گذارڻ
16تنهنڪري اسين همت نہ ٿا هاريون. جيتوڻيڪ جسماني طور اسين فنا ٿيندا ٿا وڃون، تڏهن بہ روحاني طور ڏينهون ڏينهن نوان ٿيندا پيا وڃون، 17ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت اسين سهون ٿا سا خسيس ۽ ٿوري دير جي لاءِ آهي. اها اسان لاءِ هڪ اهڙو زبردست ۽ دائمي جلوو پيدا ڪندي ٿي وڃي جنهن جي ڀيٽ ۾ هيءَ مصيبت ڪجھہ بہ ناهي. 18سو اسين ڏٺل شين تي نہ، پر اڻ‌ڏٺل شين تي نظر ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪي شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون سي عارضي آهن ۽ جيڪي نہ ٿيون ڏسجن سي دائمي آهن.

നിലവിൽ തിരഞ്ഞെടുത്തിരിക്കുന്നു:

2.ڪرنٿين 4: SB

ഹൈലൈറ്റ് ചെയ്യുക

പകർത്തുക

താരതമ്യം

പങ്ക് വെക്കു

None

നിങ്ങളുടെ എല്ലാ ഉപകരണങ്ങളിലും ഹൈലൈറ്റുകൾ സംരക്ഷിക്കാൻ ആഗ്രഹിക്കുന്നുണ്ടോ? സൈൻ അപ്പ് ചെയ്യുക അല്ലെങ്കിൽ സൈൻ ഇൻ ചെയ്യുക