3
نئين عهد جو جلوو
1ڇا اسين وري بہ پنهنجين خوبين جو بيان پيا ڪريون؟ يا ڇا اسان کي ڪن ماڻهن وانگر سفارشي خط اوهان وٽ آڻڻ يا اوهان کان وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي؟ 2نہ، اسان جو خط تہ اوهين پاڻ آهيو، جيڪو اسان جي دلين تي لکيل آهي ۽ جنهن کي سڀ ماڻهو پڙهي ۽ سمجھي سگھن ٿا. 3#خر 24:12، ير 31:33، حز 11:19، 36:26 اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جيڪو اسان جي خدمت جي وسيلي لکيو ويو آهي. اهو خط مس سان نہ پر زندہ خدا جي روح سان، پٿر جي تختين تي نہ پر ماڻهن جي دلين تي لکيل آهي.
4اها ڳالهہ مسيح جي وسيلي خدا تي اسان جي اعتماد جو اظهار آهي. 5ائين نہ آهي تہ اسين پنهنجو پاڻ انهيءَ لائق آهيون جو ڪنهن ڪم جي دعويٰ ڪري سگھون، پر اسان جي لياقت خدا جي طرفان آهي. 6#ير 31:31 اهو ئي آهي، جنهن اسان کي نئين عهد جا خدمتگار هئڻ جي لائق ڪيو. اهو عهد لکيل شريعت جو نہ پر پاڪ روح جو آهي، ڇاڪاڻ تہ لکيل شريعت جو اثر موت آهي جڏهن تہ پاڪ روح زندگي ڏئي ٿو.
7 #
خر 34:29
هاڻي موت وارو اهو عهد جيڪو پٿر جي تختين تي اُڪريل هو، تنهن جي خدمت اهڙي تہ جلوي واري هئي جو موسيٰ جو منهن چمڪڻ لڳو. ايتري قدر جو بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نہ ٿي سگھيا، جڏهن تہ اهو جلوو عارضي هو ۽ هاڻي نہ رهيو آهي. 8سو جيڪڏهن موت واري اها خدمت ايڏي جلوي واري هئي، تہ پوءِ پاڪ روح جي خدمت ڪيڏي نہ وڌيڪ جلوي واري هوندي! 9هائو، جيڪڏهن اها ڏوهاري بڻائڻ واري خدمت ايڏي جلوي واري هئي، تہ پوءِ جنهن خدمت جي ڪري ماڻهو سچار ٿا بڻايا وڃن سا ضرور انهيءَ کان بہ وڌيڪ جلوي واري هوندي. 10حقيقت ۾ جيڪو عهد ڪنهن وقت جلوي وارو هو، سو هن ٻئي تمام وڌيڪ جلوي واري عهد جي ڪري بيجلوي ٿي پيو. 11سو جيڪڏهن اها فنا ٿيندڙ شيءِ جلوي واري هئي تہ هيءَ بقا واري شيءِ ڪيترو نہ وڌيڪ جلوي واري هوندي!
12تنهنڪري اسين اهڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان خدمت ڪريون ٿا. 13#خر 34:33 سو اسين ائين نہ ٿا ڪريون جيئن موسيٰ ڪيو، جنهن پنهنجي منهن تي پردو ٿي وڌو تہ جيئن بني اسرائيل انهيءَ جلوي تي غور نہ ڪن، جيڪو گھٽجندڙ ۽ فنا ٿيندڙ هو. 14پر هنن جا دماغ اهڙا تہ بند ڪيا ويا جو اڄ ڏينهن تائين پراڻي عهدنامي جي پڙهڻ وقت اهو ساڳيو پردو رهي ٿو ۽ اهي سچ کي سمجھي نہ ٿا سگھن. اهو پردو رڳو مسيح ۾ ئي کڄي وڃي ٿو. 15هائو، اڄ ڏينهن تائين جڏهن بہ موسيٰ جو توريت پڙهيو وڃي ٿو، تڏهن سندن دلين تي پردو پيل رهي ٿو. 16#خر 34:34 پر جڏهن بہ ڪنهن جي دل خداوند ڏانهن ڦري اچي ٿي تڏهن اهو پردو کڄي وڃي ٿو. 17هتي خداوند مان مراد زندگي ڏيندڙ پاڪ روح آهي ۽ جتي خداوند جو روح آهي اتي آزادي آهي. 18سو اسان جي منهن تي پردو پيل نہ آهي، تنهنڪري اسين سڀيئي خداوند جي جلوي جو عڪس ڄڻ تہ آئيني ۾ ڏسندي ڏسندي سندس عظيم صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اهو ڪم خداوند پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي ڪري ٿو.