2
1سو مون پنهنجيءَ دل ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي تہ آءٌ وري اوهان وٽ اچي رنج واري حالت پيدا نہ ڪندس. 2ڏسو، جيڪڏهن آءٌ اوهان کي رنج پهچايان تہ مون کي ڪير خوش ڪندو، سواءِ اوهان جي جن کي منهنجي ڪري رنج پهچي؟ 3مون انهيءَ ڪري اوهان کي خط لکيو هو تہ جڏهن آءٌ اچان تہ جن کان خوشي ملڻ گھرجي، تن کان متان مون کي رنج پهچي. آءٌ اوهان سڀني جي لاءِ اهو يقين رکان ٿو تہ منهنجي خوشي اوهان سڀني جي خوشي آهي. 4سو مون گھڻي ڏک ۽ دلگيريءَ وچان ڳوڙها وهائيندي وهائيندي اوهان ڏانهن اهو خط لکيو هو. منهنجو مقصد اوهان کي رنج پهچائڻ نہ هو، پر مون چاهيو ٿي تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجي اوهان سان ڪيڏي نہ گھڻي محبت آهي.
رنجائيندڙ کي معاف ڪرڻ
5جيڪڏهن ڪنهن مون کي رنجايو آهي تہ انهيءَ رڳو مون کي نہ، پر ٿورو گھڻو اوهان سڀني کي بہ رنجايو آهي. پر آءٌ انهيءَ ڳالهہ تي گھڻو زور ڏيڻ نہ ٿو چاهيان، 6ڇاڪاڻ تہ جيڪا سزا اوهان مان گھڻن ماڻهن جي طرفان کيس ملي آهي، سا اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪافي آهي. 7اٽلندو هاڻي اوهان کي گھرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيو، متان اهو ماڻهو گھڻي غم وچان برباد نہ ٿي وڃي. 8تنهنڪري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين هن سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪريو. 9ڏسو، مون انهيءَ واسطي بہ اوهان کي لکيو هو تہ جيئن اوهان کي آزمايان ۽ ڏسان تہ اوهين سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ. 10جنهن کي اوهين معاف ڪريو ٿا تنهن کي آءٌ بہ معاف ڪريان ٿو. جيتوڻيڪ ڪا معاف ڪرڻ جوڳي ڳالهہ هئي يا نہ، تہ بہ مسيح جي حضور ۾ اوهان جي خاطر معاف ڪئي اٿم. 11انهيءَ جو سبب هي آهي تہ متان اسين شيطان جي فريب ۾ ڦاسي پئون، ڇوجو اسين سندس چالاڪيءَ کان واقف آهيون.
تروآس ۾ پولس جي بيآرامي
12 #
رس 20:1
جڏهن آءٌ مسيح بابت خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ تروآس شهر ۾ پهتس تہ خداوند عيسيٰ جي طرفان مون لاءِ خدمت ڪرڻ جو هڪڙو در کُلي پيو. 13پر جڏهن مون ڀاءُ طيطس کي اتي نہ ڏٺو، تڏهن منهنجي دل کي آرام نہ آيو. سو آءٌ اتان جي ماڻهن کان موڪلائي مڪدُنيا صوبي ۾ آيس.
زندگي بخشيندڙ خوشبوءِ
14خدا جو شڪر آهي، جيڪو اسان کي مسيح جا هئڻ ڪري سدائين پنهنجي فتح واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي وسيلي هر هنڌ مسيح بابت ڄاڻ خوشبوءِ وانگر پکيڙي ٿو. 15هائو، اسين خدا جي آڏو مسيح جي اهڙي وڻندڙ خوشبوءِ آهيون، جيڪا ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙن توڙي تباهي حاصل ڪندڙن ٻنهي لاءِ آهي، 16يعني ڪن جي واسطي اسين موت ڏيندڙ بوءِ آهيون تہ ڪن جي واسطي زندگي بخشيندڙ خوشبوءِ. تڏهن ڪير اها ذميواري کڻڻ جي لائق آهي؟ 17ڪوبہ نہ. تنهن هوندي بہ اسين انهن گھڻن ماڻهن وانگر نہ آهيون، جيڪي پنهنجي فائدي لاءِ مسيح بابت خدا جي پيغام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا کي حاضر ڄاڻيندي خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان مسيح ۾ ڳالهايون ٿا.