2.ڪرنٿين 11

11
پولس ۽ ڪوڙا منادي ڪندڙ
1ڪاش! اوهين منهنجي ٿورڙي بي‌وقوفيءَ کي برداشت ڪري سگھو. هائو، ضرور برداشت ڪريو. 2مون کي اوهان لاءِ خدا جهڙي غيرت آهي. انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي هڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو تہ جيئن اوهان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر هن وٽ حاضر ڪريان. 3#پيد 3‏:1‏-5‏،13 پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جا خيال بہ انهيءَ سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح جي لائق آهن. 4اهو آءٌ انهيءَ ڪري چوان ٿو جو اوهين خوشيءَ سان هر انهيءَ کي برداشت ڪريو ٿا جيڪو اوهان وٽ اچي عيسيٰ جي باري ۾ ڪا ٻي منادي ڪري ٿو، جيڪا منادي اسان نہ ڪئي هئي. ان کان علاوہ اوهين مليل پاڪ روح جي بدران ٻيو روح قبول ڪريو ٿا ۽ مليل خوشخبريءَ جي بدران ٻي خوشخبري قبول ڪريو ٿا. 5اهڙي منادي ڪرڻ وارا، جن کي اوهين تمام وڏا رسول ٿا سمجھو، تن کان آءٌ پاڻ کي ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ نہ ٿو سمجھان. 6پر جيڪڏهن آءٌ تقرير ڪرڻ ۾ ماهر نہ بہ هجان تہ بہ علم ۾ گھٽ نہ آهيان ۽ اهو اسان هر وقت ۽ هر ڳالهہ ۾ اوهان جي اڳيان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
7ڀلا ڇا منهنجو ڏوهہ اهو آهي جو مون اوهان کي خدا جي خوشخبري مفت ۾ ٻڌائڻ سان پنهنجو پاڻ کي هيٺاهون ڪيو تہ جيئن اوهان جو مان مٿاهون ٿئي؟ 8ڏسو، جڏهن آءٌ اوهان منجھہ خدمت ڪري رهيو هئس، تڏهن ٻين ڪليسيائن منهنجي مدد پئي ڪئي. ائين ڄڻ تہ آءٌ اوهان جي خاطر انهن کي ڦري رهيو هئس. 9#فلپ 4‏:15‏-18 جنهن وقت آءٌ اوهان وٽ هئس ۽ ضرورتمند ٿي پيس تڏهن بہ آءٌ ڪنهن تي بار ڪين ٿيس، ڇاڪاڻ تہ مڪدُنيا مان ايمان وارن اچي منهنجيون سڀ گھرجون پوريون ڪيون. مون هر ڳالهہ ۾ اوهان تي بار وجھڻ کان پاڻ کي روڪيو ۽ آئيندہ بہ روڪيندو رهندس. 10مسيح جو حق سچ جيڪو مون ۾ آهي، تنهن کي اڳيان رکي چوان ٿو تہ اوهان جي صوبي اخيا جي سمورن علائقن ۾ مون کي انهيءَ فخر ڪرڻ کان ڪوبہ روڪي نہ ٿو سگھي. 11آءٌ ائين ڇو ٿو چوان؟ ڇا انهيءَ لاءِ تہ آءٌ اوهان سان پيار نہ ٿو ڪريان؟ خدا ڄاڻي ٿو تہ آءٌ اوهان سان ڪيڏو نہ پيار ٿو ڪريان.
12اوهان تي بار نہ ٿيڻ بابت آءٌ جيڪي ڪجھہ ڪريان ٿو سو ڪندو رهندس، تہ جيئن موقعي جي تاڙ ۾ رهندڙن کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيان جو اهي فخر سان چون تہ هو بہ اسان جهڙي ئي خدمت ڪن ٿا. 13حقيقت ۾ اهڙا ماڻهو رسول نہ، پر ڪوڙا ۽ دغابازيءَ سان ڪم ڪندڙ آهن جيڪي روپ مَٽائي پنهنجو پاڻ کي مسيح جي رسولن جهڙو ٿا بڻائين. 14انهيءَ ۾ ڪوبہ عجب ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان بہ روپ مَٽائي پنهنجو پاڻ کي هڪ نوراني ملائڪ جهڙو بڻائي ٿو. 15تنهنڪري جيڪڏهن شيطان جا خادم بہ پنهنجو روپ مَٽائي پاڻ کي سچائيءَ جي خادمن جهڙو ٿا بڻائين تہ ڪو عجب ڪونهي. پر انهن جي پڇاڙي سندن عملن مطابق ٿيندي.
پولس جو پنهنجي تڪليفن بابت ٻڌائڻ
16آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ مون کي ڪوبہ بي‌وقوف نہ سمجھي. پر جيڪڏهن اوهين ائين سمجھو ٿا تہ مون کي بي‌وقوف ئي سمجھي قبول ڪريو، تہ جيئن آءٌ بہ ٿورو فخر تہ ڪريان. 17جيڪي ڪجھہ آءٌ هاڻي چوان ٿو سو خداوند عيسيٰ وانگر نہ، پر هڪ بي‌وقوف وانگر پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري ائين چوان ٿو 18جيئن ٻيا گھڻا ئي ماڻهو جسماني طور فخر ڪن ٿا. آءٌ بہ اهڙو ئي فخر ڪندس، 19ڇاڪاڻ تہ اوهين ايترا تہ ڏاها آهيو جو بي‌وقوفن کي بہ خوشيءَ سان برداشت ڪريو ٿا. 20ڏسو، جڏهن ڪو اوهان کي غلام ٿو بڻائي، يا اوهان کي لٽي ڦري ٿو، يا اوهان کي ڦاسائي ٿو، يا اوهان تي رعب ٿو ڄمائي، يا اوهان جي منهن تي چماٽ ٿو هڻي تہ اوهين برداشت نہ ٿا ڪريو ڇا؟ 21آءٌ شرمندگيءَ سان چوان ٿو تہ ڄڻ تہ اسين ائين ڪرڻ ۾ ڪمزور هئاسين.
پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڳالهہ تي فخر ڪرڻ ۾ دلير آهي تہ آءٌ بي‌وقوفيءَ سان ئي چوان ٿو تہ آءٌ بہ دلير آهيان. 22ڇا هو ئي عبراني آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي بني اسرائيل آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي ابراهيم جي نسل مان آهن؟ آءٌ بہ آهيان. 23#رس 16‏:23 ڇا هو ئي مسيح جا خادم آهن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالهايان ٿو تہ آءٌ انهن کان بهتر خادم آهيان. مون انهن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آهي. آءٌ انهن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رهيو آهيان. مون انهن کان وڌيڪ چهبڪ کاڌا آهن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منهن ۾ ويو آهيان. 24#شر 25‏:3 مون يهودين جي هٿان پنج دفعا اوڻيتاليهہ اوڻيتاليهہ ڪوڙا کاڌا. 25#رس 16‏:22، 14‏:19 ٽي دفعا مون کي لڪڻن سان مار ملي، هڪ دفعو پٿر هنيا ويا، ٽي دفعا سامونڊي جهاز ڀڄڻ جي مصيبت ۾ ڦاٿس ۽ هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن وچ سمنڊ ۾ لڙهندو رهيم. 26#رس 9‏:23، 14‏:15 آءٌ گھڻا ئي دفعا مسافري ڪندي خطرن ۾ رهيو آهيان، يعني دريائن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، پنهنجي قوم جي خطرن ۾، غير قومن جي خطرن ۾، شهر جي خطرن ۾، بيابان جي خطرن ۾، سمنڊ جي خطرن ۾ ۽ ڪوڙن ايمان وارن جي خطرن ۾. 27مون محنت ۽ سخت پورهيو ڪندي اڪثر اوجاڳا ڪاٽيا آهن ۽ ڪيترا ئي دفعا بنا ڪجھہ کائڻ پيئڻ جي گذاريو آهي. هائو، اڪثر ڪري بکون ڪاٽيون اٿم ۽ سرديءَ ۾ اڻپورن ڪپڙن سان رهيو آهيان. 28اهڙين ٻين ڳالهين کان علاوہ سڀني ڪليسيائن جي ڳڻتي هميشہ مون تي بار وانگر ٿي رهي. 29ڪنهن کي ڪمزور ڏسي سندس ڪمزوريءَ ۾ آءٌ پاڻ بہ شامل نہ ٿو ٿيان ڇا؟ جڏهن ڪنهن کي گمراهہ ٿيندي ڏسان ٿو تہ ڇا منهنجي دل نہ ٿي سڙي؟
30جيڪڏهن مون کي فخر ڪرڻو پيو تہ آءٌ انهن ڳالهين تي فخر ڪندس، جيڪي منهنجي ڪمزوري ظاهر ڪن ٿيون. 31خداوند عيسيٰ جو پيءُ يعني خدا، جنهن جي شل هميشہ تائين واکاڻ هجي، سو ڄاڻي ٿو تہ آءٌ ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان. 32#رس 9‏:23‏-25 دمشق شهر جي گورنر، جيڪو ارتاس بادشاهہ جي هٿ هيٺ هو، تنهن مون کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ دمشق جي دروازن تي پهرو بيهاري ڇڏيو هو. 33پر آءٌ هڪڙي دريءَ مان ٽوڪري جي ذريعي ڀت تان هيٺ لاٿو ويس ۽ هن جي هٿان بچي نڪتس.

നിലവിൽ തിരഞ്ഞെടുത്തിരിക്കുന്നു:

2.ڪرنٿين 11: SB

ഹൈലൈറ്റ് ചെയ്യുക

പകർത്തുക

താരതമ്യം

പങ്ക് വെക്കു

None

നിങ്ങളുടെ എല്ലാ ഉപകരണങ്ങളിലും ഹൈലൈറ്റുകൾ സംരക്ഷിക്കാൻ ആഗ്രഹിക്കുന്നുണ്ടോ? സൈൻ അപ്പ് ചെയ്യുക അല്ലെങ്കിൽ സൈൻ ഇൻ ചെയ്യുക