1
1 #
رس 18:1
هي خط مون پولس، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان لکجي ٿو. هي خط ڪرنٿس شهر ۾ خدا جي ڪليسيا بلڪ اخيا صوبي جي پوري علائقي ۾ رهندڙ سڀني مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن آهي. 2شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي هجي.
دلداري ڏيندڙ خدا
3واکاڻ هجي انهيءَ جي، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو خدا ۽ پيءُ آهي. هو رحم وارو پيءُ ۽ هر طرح جي دلداري ڏيندڙ خدا آهي. 4هو اسان کي هر مصيبت ۾ دلداري ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس مليل اها ساڳي دلداري ٻين کي ڏيئي سگھون، جيڪي ڪنهن مصيبت ۾ آهن. 5جيئن مسيح جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿي اسين گھڻا ڏک سور سهون ٿا، تيئن مسيح جي وسيلي اسان کي دلداري بہ گھڻي ڏني وڃي ٿي. 6جيڪڏهن اسان تي مصيبت اچي ٿي تہ اها اوهان جي دلداريءَ ۽ ڇوٽڪاري لاءِ آهي. وري جيڪڏهن اسان کي دلداري ملي ٿي تہ اها بہ اوهان جي ئي لاءِ آهي. اها دلداري اوهان کي صبر سان ساڳيا ڏک سور سهڻ جي طاقت بخشي ٿي جيڪي اسين بہ سهون ٿا. 7تنهنڪري اسان کي اوهان لاءِ پڪي اميد رهي ٿي تہ اوهين همت نہ هاريندا، ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ جهڙيءَ طرح اوهين ڏک سور ۾ اسان سان شريڪ رهو ٿا، تهڙيءَ طرح انهيءَ دلداريءَ ۾ بہ شريڪ آهيو جيڪا اسان کي ملي ٿي.
8 #
1.ڪر 15:32
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انهيءَ جو مثال ڏيندي اسين اوهان کي ان مصيبت کان آگاهہ ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪا آسيا صوبي ۾ ڀوڳيسين. اسين برداشت کان ٻاهر بار هيٺ دٻيل هئاسين، ايتري قدر جو اسان جيئري رهڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني هئي. 9سچ پچ تہ اسان کي پنهنجي موت جو يقين ٿي ويو هو. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن اسين پاڻ تي نہ پر خدا تي ڀروسو رکون، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو. 10هن اسان کي هيبتناڪ موت جي منهن مان بچائي ورتو ۽ بچائيندو رهي ٿو. هن ۾ اميد آهي تہ اسان کي اڃا بہ بچائيندو رهندو. 11جڏهن تہ اوهين بہ گڏجي پنهنجين دعائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪريو ٿا. پوءِ گھڻين دعائن جي وسيلي اسان تي فضل ٿي ويندو، تڏهن اسان جي ڪري گھڻا ماڻهو خدا جو شڪرانو ڪندا.
سفر ۾ تبديلي ڪرڻ بابت وضاحت
12اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ خدا کان مليل پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان زندگي گذاري آهي. اهڙو ورتاءُ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين دنياوي ڏاهپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آهي. 13-14ڏسو، اسين اوهان ڏانهن ڪا اهڙي ڳالهہ ڪونہ ٿا لکون، جيڪا اوهين پڙهي يا سمجھي نہ سگھو. هاڻي اوهين اسان بابت رڳو ٿورو گھڻو سمجھو ٿا، پر اميد آهي تہ اوهين پوريءَ طرح سمجھي ويندا. تڏهن خداوند عيسيٰ جي اچڻ واري ڏينهن اوهين اسان تي ائين ئي فخر ڪري سگھندا جيئن اسين اوهان تي.
15جيئن تہ مون کي انهيءَ ڳالهہ جو پورو يقين هو، تنهنڪري مون پهريائين اوهان وٽ اچڻ ٿي چاهيو، تہ جيئن اوهان کي ٻيڻيون برڪتون ملن. 16#رس 19:21 يعني آءٌ اوهان وٽان ٿيندو مڪدُنيا صوبي ڏانهن وڃان ۽ اتان موٽي وري اوهان وٽ اچان. پوءِ اوهين منهنجي مدد ڪري يهوديہ صوبي ڏانهن روانو ڪريو. 17تہ پوءِ جڏهن مون اهو منصوبو جوڙيو تڏهن ان ۾ ڦيرڦار جو سوچيو هئم ڇا؟ يا جن ڳالهين جو آءٌ ارادو ٿو ڪريان، سو ڇا دنياوي ماڻهن وانگر ٿو ڪريان، جو ڪڏهن ”ها“ ڪريان تہ وري ساڳئي وقت ڪڏهن ”نہ“؟
18ڏسو، خدا جيڪو قول جو سچو آهي، سو منهنجو شاهد آهي تہ اوهان سان اسان جو قول جيڪڏهن ”ها“ ۾ آهي تہ انهيءَ ۾ ”نہ“ شامل نہ آهي. 19#رس 18:5 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا جو فرزند عيسيٰ مسيح جنهن جي تبليغ مون سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس اوهان ۾ ڪئي هئي، تنهن ۾ ڪابہ ”ها“ اهڙي نہ هئي جيڪا ”نہ“ ۾ بدلي هجي، پر ان جي ”ها“ هميشہ ”ها“ ئي آهي. 20ڏسو، خدا جا جيترا بہ واعدا آهن، سي سڀ مسيح ۾ ”ها“ ئي آهن. انهيءَ سبب اسان جي تبليغ جي ڪري مسيح جي وسيلي ماڻهو خدا کي ”آمين“ چئي سندس واکاڻ ڪن ٿا. 21اهو خدا ئي آهي، جيڪو اسان کي اوهان سان مسيح ۾ قائم رکي ٿو. خدا ئي اسان کي مخصوص ڪيو آهي. 22هن ئي اسان جي دلين تي پنهنجي مالڪيءَ جي مُهر هنئي آهي. اها مُهر پاڪ روح آهي، جيڪو اسان جي دلين ۾ وجھي هن پنهنجي واعدن جو بيانو ادا ڪيو آهي.
23سو جيڪڏهن آءٌ سچ نہ ڳالهايان تہ شل خدا منهنجي خلاف ٿئي. ڳالهہ هيءَ آهي تہ آءٌ ڪرنٿس ۾ انهيءَ ڪري موٽي نہ آيس تہ متان اوهان کي رنج پهچايان. 24مطلب تہ ايمان جي معاملي ۾ اسين اوهان تي حڪم هلائڻ نہ ٿا چاهيون، پر اوهان جي خوشيءَ ۾ اوهان جا مددگار آهيون، ڇاڪاڻ تہ اوهين پنهنجي ايمان تي مضبوطيءَ سان قائم آهيو.