1
ميڪاہ 8:3
Sindhi Bible FB
SB
پر خداوند مون ميڪاہ تي پنهنجو روح نازل ڪري مون کي طاقت، عدل ۽ دليري عطا ڪري ڇڏي آهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يعقوب جي اولاد بني اسرائيل کي سندن ڪيل گناهن کان آگاهہ ڪريان.
താരതമ്യം
ميڪاہ 3:8 പര്യവേക്ഷണം ചെയ്യുക
2
ميڪاہ 11:3
اوهان جا عملدار رشوت وٺي ناانصافيءَ وارو فيصلو ٿا ڪن. اوهان جا ڪاهن پئسن جي لالچ ۾ شريعت جي تعليم ٿا ڏين، ۽ اوهان جا نبي سڏائيندڙ دولت وٺي اڳڪٿيون ٿا ڪن. انهيءَ هوندي بہ اوهين دعويٰ ٿا ڪريو تہ ”خداوند اسان سان گڏ آهي، سو اسان تي ڪا آفت ڪا نہ ايندي.“
ميڪاہ 3:11 പര്യവേക്ഷണം ചെയ്യുക
3
ميڪاہ 4:3
سو اي اڳواڻؤ! اهو وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن اوهين خداوند آڏو مدد لاءِ ٻاڏائيندا، پر هو اوهان کي ڪو جواب نہ ڏيندو. اوهان جي بدڪارين جي ڪري هو اوهان کان منهن موڙي ڇڏيندو.
ميڪاہ 3:4 പര്യവേക്ഷണം ചെയ്യുക