1
متي 4:4
Sindhi Bible FB
SB
تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رهي، پر هر انهيءَ ڳالهہ تي جيڪا خدا چوي ٿو.‘“
താരതമ്യം
متي 4:4 പര്യവേക്ഷണം ചെയ്യുക
2
متي 10:4
تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“
متي 4:10 പര്യവേക്ഷണം ചെയ്യുക
3
متي 7:4
تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”پاڪ ڪلام ۾ اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“
متي 4:7 പര്യവേക്ഷണം ചെയ്യുക
4
متي 1:4-2
پوءِ پاڪ روح عيسيٰ کي رڻپٽ ۾ وٺي ويو تہ جيئن ابليس کيس آزمائي. جيئن تہ عيسيٰ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون روزي ۾ گذاريو هو، تنهنڪري کيس ڏاڍي بک لڳي هئي.
متي 4:1-2 പര്യവേക്ഷണം ചെയ്യുക
5
متي 19:4-20
عيسيٰ انهن کي سڏي چيو تہ ”اچو ۽ منهنجي پٺيان هلو تہ آءٌ اوهان کي مڇين بدران ماڻهو هٿ ڪرڻ سيکاريان.“ هو هڪدم پنهنجا ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان هلڻ لڳا.
متي 4:19-20 പര്യവേക്ഷണം ചെയ്യുക
6
متي 17:4
سو انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ”پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.“
متي 4:17 പര്യവേക്ഷണം ചെയ്യുക