اهڙيءَ طرح هن ماني کائڻ کان پوءِ مئي جو پيالو بہ کنيو ۽ چيائين تہ ”هي پيالو اهو نئون عهد آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. جڏهن بہ اهو پيالو پيئو تہ منهنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رهجو.“ مطلب تہ جڏهن بہ اوهين هيءَ ماني کائو ٿا ۽ هي پيالو پيئو ٿا، تڏهن اوهين خداوند عيسيٰ جي موت جو اظهار ٿا ڪريو، جيستائين هو موٽي اچي.