1
متي 15:5-16
Hindu Sindi Bible NT
HSB
ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ هيٺان نہ ٿو رکي، پر هو ان کي ڏياٽيءَ تي ٿو رکي جتان گھر جي هر هڪ ڀاتيءَ کي روشني پهچي ٿي. ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان ائين چمڪي جو اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي اوهان جي پتا جي مهما ڪن، جيڪو آڪاش تي آهي.“
Mampitaha
Mikaroka متي 5:15-16
2
متي 14:5
جيئن ڪو ٽڪر تي اڏيل شهر نظر کان لڪي نہ ٿو سگھي، تيئن اوهين سڄي سنسار لاءِ روشنيءَ مثل آهيو.
Mikaroka متي 5:14
3
متي 8:5
سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا صاف آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي ايشور کي ڏسندا.
Mikaroka متي 5:8
4
متي 6:5
سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آهن، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.
Mikaroka متي 5:6
5
متي 44:5
پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان بہ پيار ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ستائين تن لاءِ پرارٿنا ڪريو،
Mikaroka متي 5:44
6
متي 3:5
”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جو راڄ انهن جو آهي.
Mikaroka متي 5:3
7
متي 9:5
سڀاڳا آهن اهي جيڪي ماڻهن ۾ صلح ڪرائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي پنهنجا ٻار سڏيندو.
Mikaroka متي 5:9
8
متي 4:5
سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏکويل آهن، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي تسلي ڏيندو.
Mikaroka متي 5:4
9
متي 10:5
سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي آڪاش جي راڄ جون آسيسون ماڻين ٿا.
Mikaroka متي 5:10
10
متي 7:5
سڀاڳا آهن اهي جيڪي ٻين تي ديا ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن تي ديا ڪندو.
Mikaroka متي 5:7
11
متي 11:5-12
سڀاڳا آهيو اوهين، جو ماڻهو منهنجي ڪري اوهان تي ڦٽ لعنت ڪن ٿا، ستائين ٿا ۽ اوهان تي هر قسم جون تهمتون ٿا هڻن، ڇو تہ اهڙيءَ طرح ئي سنديش ڏيندڙ سنتن کي بہ ستايو ويو هو. سو بيحد سرها ۽ خوش ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور وٽ اوهان لاءِ وڏو لاڀ آهي.“
Mikaroka متي 5:11-12
12
متي 5:5
سڀاڳا آهن اهي جيڪي تابعدار آهن، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي ڌرتيءَ جو وارث ڪندو.
Mikaroka متي 5:5
13
متي 13:5
”اوهين انسانذات لاءِ لوڻ مثل آهيو. پر جيڪڏهن لوڻ پنهنجي لوڻياٺ ڇڏي ڏئي تہ ان کي وري لوڻياٺو بڻائڻ لاءِ ڪوبہ طريقو نہ آهي. اهو بيڪار ٿي پوندو، تنهنڪري ڦٽو ڪيو ويندو ۽ ماڻهن جي پيرن هيٺان لتاڙيو ويندو.
Mikaroka متي 5:13
14
متي 48:5
سو اوهين بہ ائين ئي ڪامل ٿيو جيئن اوهان جو آڪاش وارو پتا ڪامل آهي.“
Mikaroka متي 5:48
15
متي 37:5
پر قسم کڻڻ جي بدران رڳو ’ها‘ يا ’نہ‘ چئو، ان کان وڌيڪ چوڻ شيطاني آهي.“
Mikaroka متي 5:37
16
متي 38:5-39
”اوهان ٻڌو آهي تہ اهو چيو ويو هو تہ ’اک جي بدلي اک ۽ ڏند جي بدلي ڏند.‘ پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏهن ڪو اوهان کي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو.
Mikaroka متي 5:38-39
17
متي 29:5-30
جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جي ساڄي اک کيس ڀَٽڪائي وجھي تہ هو اها ڪڍي اڇلائي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اهو بهتر آهي تہ سندس عضون مان ڀلي هڪڙو هليو وڃي پر هن جو سڄو شرير نرڳ ۾ نہ پوي. جيڪڏهن ڪنهن جو ساڄو هٿ کيس ڀَٽڪائي وجھي تہ هو ان کي وڍي اڇلائي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اهو بهتر آهي تہ سندس عضون مان ڀلي هڪڙو هليو وڃي پر هن جو سڄو شرير نرڳ ۾ نہ پوي.“
Mikaroka متي 5:29-30