رومين 8

8
پوِتر آتما موجب جيون گذارڻ
1پر هاڻ جيڪي يسوع مسيح ۾ آهن، سي پاپي هئڻ جي فيصلي کان آزاد آهن. 2پوِتر آتما جي حڪمراني جيڪا اسان کي يسوع مسيح ۾ جيون ڏئي ٿي، تنهن اسان کي پاپ ۽ موت جي حڪمرانيءَ کان ڇڏايو آهي. 3جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب نيم نہ ڪري سگھيو سو ايشور ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي پٽ کي انساني يعني پاپين واري روپ ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي پاپن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود پاپ جي خلاف ايشور فيصلو جاري ڪيو. 4اهو ايشور انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اسان ۾ نيم جي سچائي پوري ٿي وڃي، جيڪي انساني فطرت موجب نہ پر پوِتر آتما موجب جيون گذاريون ٿا. 5سو جيڪي انساني فطرت جي وس هيٺ آهن تن جي سوچ سنساري آهي، پر جيڪي پوِتر آتما جي وس هيٺ آهن تن جي سوچ آتمڪ آهي. 6انساني فطرت واري سوچ موت آهي، پر پوِتر آتما واري سوچ جيون ۽ ايشور سان ميل ميلاپ آهي. 7انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انساني فطرت واري سوچ ايشور جي دشمن آهي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ ايشور جي حڪمرانيءَ جي وس هيٺ آهي، نڪي ٿي سگھي ٿي. 8جيڪي انساني فطرت موجب هلن ٿا سي ايشور کي راضي رکي نہ ٿا سگھن.
9پر اوهين انساني فطرت موجب نہ بلڪ پوِتر آتما موجب هلو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهان ۾ ايشور جي آتما رهي ٿي. جنهن ماڻهوءَ ۾ مسيح جي آتما نہ آهي سو مسيح جو نہ آهي. 10پر جيڪڏهن مسيح اوهان ۾ آهي، پوءِ توڙي جو پاپ جي ڪري اوهان جو شرير مئل آهي، تڏهن بہ ايشور ڏانهن سچار هئڻ ڪري جيون بخشيندڙ پوِتر آتما اوهان ۾ آهي. 11#1.ڪر 3‏:16 هاڻ جيڪڏهن اوهان ۾ ايشور جي آتما موجود آهي، جنهن يسوع کي مئلن مان جيوت ڪيو، تہ پوءِ مسيح کي مئلن مان جيوت ڪرڻ وارو اوهان جي ناس ٿيندڙ شريرن کي بہ پنهنجي انهيءَ آتما جي وسيلي جيوت ڪندو جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي.
12تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين انساني فطرت جا قرضدار نہ آهيون جو انهيءَ موجب جيون گذاريون. 13هاڻي جيڪڏهن اوهين انساني فطرت موجب جيون گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏهن پوِتر آتما جي وسيلي انساني فطرت وارن خراب ڪمن کي ناس ڪندا تہ جيوت رهندا. 14سو جيڪي ايشور جي آتما جي هدايت موجب هلن ٿا سي ئي ايشور جا ٻار آهن. 15#مر 14‏:36، گل 4‏:6 #گل 4‏:5‏-7 ڏسو، اوهان کي اها آتما نہ ملي آهي جيڪا اوهان کي وري ڊپ جو غلام بڻائي. پر اوهان کي اها آتما ملي آهي جنهن جي وسيلي اوهين ايشور جا #8‏:15 ٻار مقرر ڪيا ويا آهيواصلي متن جي لفظ جي معنيٰ هنج ورتل پٽ آهي جنهن کي وارث هجڻ جو پورو قانوني حق حاصل آهي.ٻار مقرر ڪيا ويا آهيو. انهيءَ آتما جي ڪري اسين سڀيئي ايشور کي ”پتا، اي پتا!“ ڪري ٿا پڪاريون. 16اها پوِتر آتما پاڻ اسان جي آتما سان گڏ شاهدي ٿي ڏئي تہ اسين ايشور جا ٻار آهيون. 17جيڪڏهن اسين هن جا ٻار آهيون تہ وارث بہ آهيون، يعني ايشور جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين مسيح سان تڪليفن ۾ شريڪ ٿيون ٿا تہ پوءِ ساڻس گڏ جوت ۾ بہ شريڪ ڪيا وينداسون.
ايشور جي جوت جي اميد
18سو آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسين هن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انهيءَ جوت سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جنهن ۾ اسين ظاهر ٿيڻ وارا آهيون. 19سڄي رچنا ڏاڍي سڪ منجھان پيئي واجھائي تہ ڪڏهن ايشور جا ٻار انهيءَ جوت ۾ ظاهر ڪيا ويندا. 20#پيد 3‏:17‏-19 جيتوڻيڪ سڄي رچنا پنهنجي رچنا وارو مقصد وڃائي ويٺي آهي، جيڪو سندس مرضيءَ سان نہ ٿيو پر ايشور کيس پنهنجي لعنت هيٺ آندو، تنهن هوندي بہ کيس اها اميد ڏني ويئي 21تہ ڪو وقت ايندو جڏهن رچنا کي بہ ناس ٿيڻ جي غلاميءَ کان ڇڏايو ويندو ۽ ايشور جي ٻارن جي جوت واري آزاديءَ ۾ شريڪ ڪيو ويندو. 22جڏهن تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ سڄي رچنا هن وقت تائين ويم جهڙن سورن ۾ پيئي ڪنجھي ۽ تڙپي. 23#2.ڪر 5‏:2‏-4 انهن سان گڏوگڏ اسين پاڻ بہ پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون. جيتوڻيڪ ايشور اسان کي انهيءَ آزاديءَ جي پهرين بخشش پوِتر آتما جي صورت ۾ بخشي آهي، تہ بہ ايشور جا پوريءَ طرح ٻار ٿيڻ يعني پنهنجي شرير کي نئين حالت ملڻ جي بيحد انتظار ۾ ويٺا آهيون. 24انهيءَ اميد سان اسان کي مڪتي ڏني ويئي. پر جيڪڏهن اها شيءِ ڏسڻ ۾ اچي، جنهن جي اميد رکجي ٿي تہ پوءِ اميد ڇا جي؟ ڇا ڪو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو ڪا شيءِ ڏسي ۽ پوءِ بہ انهيءَ لاءِ اميد رکي؟ 25پر جيڪڏهن اسين اهڙيءَ شيءِ جي اميد ٿا ڪريون جيڪا اڃا ڏسڻ ۾ نہ آئي آهي، تہ پوءِ اسين صبر سان ان جو بيحد انتظار ٿا ڪريون.
26انهيءَ اميد سان گڏوگڏ پوِتر آتما بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿي ڪري. جيئن تہ اسين نہ ٿا ڄاڻون تہ ڪهڙي مناسب پرارٿنا ڪريون، سو پوِتر آتما پاڻ بيان کان ٻاهر آهون ڀري ڀري اسان جي سفارش پيئي ڪري. 27ايشور جيڪو دلين جو پرکڻ وارو آهي سو ڄاڻي ٿو تہ پوِتر آتما ڇا ٿي چاهي، يعني پوِتر آتما سندس مرضيءَ موجب مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سفارش ٿي ڪري.
28اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور سڀني ڳالهين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آهن. 29هائو، شروع کان ئي ايشور انهن کي پنهنجو ٿي ڄاتو ۽ کين اڳ ۾ ئي مخصوص بہ ڪيو هئائين. ايشور اهو انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اهي سندس پٽ جهڙا ٿين، تہ جيئن سندس پٽ گھڻن ڀائرن ڀينرن ۾ پهريتو ٿئي. 30سو ايشور جن کي مخصوص ڪيو هو تن کي سڏيائين بہ، جن کي سڏيائين تن کي پاڻ ڏانهن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنهنجي جوت ۾ بہ شريڪ ڪيائين.
يسوع مسيح جي وسيلي ايشور جو پيار
31سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن ايشور اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟ 32هن تہ پنهنجو پٽ بہ اسان کان پري نہ رکيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. پوءِ ٻي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا هو انهيءَ سان گڏ اسان کي نہ ڏيندو؟ 33ڪير آهي جيڪو ايشور جي چونڊيل ماڻهن تي تهمت هڻندو؟ جڏهن تہ ايشور خود انهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي. 34ڪير آهي جيڪو اسان کي پاپي قرار ڏيندو؟ جڏهن تہ يسوع مسيح خود اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، بلڪ مئلن مان وري جيوت ٿي اٿيو. هو ايشور جي ساڄي پاسي آهي ۽ اسان جي سفارش پيو ڪري. 35پوءِ ڪير آهي جيڪو اسان کي مسيح جي پيار کان جدا ڪري سگھي؟ توڙي جو اسين مصيبت يا تنگيءَ ۾ هجون، اسان کي ستايو وڃي يا اسين بک، غريبيءَ ۽ خطري ۾ هجون يا اسان کي ماريو وڃي، 36#زب 44‏:22 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ
”تنهنجي خاطر هر وقت
اسان کي موت جو منهن ڏيکاريو وڃي ٿو.
هائو، اسان سان
ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.“
37انهن سڀني حالتن ۾ بہ اسين انهيءَ جي وسيلي شاندار سوڀ حاصل ڪريون ٿا، جنهن اسان سان پيار ڪيو. 38منهنجو وشواس آهي تہ نہ موت، نہ جيون، نہ دوت، نہ ڀوت، نہ حال توڙي مستقبل جون شيون، نہ شڪتيون، 39نہ آڪاش، نہ پاتال ۽ نہ وري ڪا ٻي مخلوق اسان کي ايشور جي انهيءَ پيار کان جدا ڪري سگھندي، جيڪو يسوع مسيح يعني اسان جي پرڀوءَ جي وسيلي اسان کي مليو آهي.

선택된 구절:

رومين 8: HSB

하이라이트

복사

비교

공유

None

모든 기기에 하이라이트를 저장하고 싶으신가요? 회원가입 혹은 로그인하세요