رومين 16

16
سڄڻن لاءِ نمسڪار
1اسان جي وشواسي ڀيڻ فيبي، جيڪا ڪنخريا شهر واري وشواسي منڊليءَ جي سيواداري آهي، تنهن جي آءٌ اوهان کي پارت ٿو ڪريان تہ 2اوهين پرڀو يسوع جي نالي هن جو اهڙيءَ طرح آڌرڀاءُ ڪجو، جهڙيءَ طرح مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن تي واجب آهي ۽ جيڪڏهن کيس ڪا ضرورت هجي تہ ان ۾ سندس مدد ڪجو، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترن ئي ماڻهن جي ۽ خود منهنجي بہ مدد ڪئي آهي.
3 # سن 18‏:2 پرسڪلا ۽ سندس پتي اڪولا کي منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪي نہ رڳو مون سان گڏجي يسوع مسيح جي سيوا ڪندا رهيا آهن، 4بلڪ هنن منهنجي جان بچائڻ واسطي پنهنجي جان بہ خطري ۾ وجھي ڇڏي هئي. انهن جو نہ فقط آءٌ پر غير قومن جون سموريون وشواسي منڊليون پڻ ٿورائتيون آهن. 5جيڪا منڊلي سندن گھر ۾ گڏ ٿيندي آهي، تنهن کي بہ نمسڪار چئجو. منهنجي پياري دوست اپينتس کي نمسڪار چئجو، جيڪو آسيا صوبي ۾ پهريون شخص آهي جنهن مسيح تي وشواس آندو هو. 6مريم کي منهنجا نمسڪار چئجو، جنهن اوهان جي لاءِ گھڻي محنت ڪئي آهي. 7منهنجي قوم وارن اندرنيڪس ۽ يونياس کي نمسڪار چئجو، جيڪي مون سان گڏ جيل ۾ هئا ۽ مخصوص ڪيل پرچارين طور مشهور آهن ۽ جن مون کان اڳ مسيح تي وشواس آندو هو.
8امپلياطس کي منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪو مسيح ۾ منهنجو پيارو ڀاءُ آهي. 9اُربانُس کي منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪو اسان وانگر مسيح جي سيوا ڪندڙ ساٿي آهي. منهنجي پياري دوست استخس کي بہ نمسڪار چئجو. 10اپليس کي نمسڪار چئجو، جنهن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آهي. انهن وشواسين کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪي ارستبولس جي گھر ۾ آهن. 11هيروديون نالي منهنجي قوم واري کي منهنجا نمسڪار چئجو. نرڪسس جي گھر ۾ جيڪي مسيح جا آهن، تن کي منهنجا نمسڪار چئجو.
12تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي پرڀو يسوع جي سيوا ۾ محنت ڪن ٿيون، تن کي منهنجا نمسڪار چئجو. پياري ڀيڻ پرسس کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جنهن پرڀو يسوع لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آهي. 13#مر 15‏:21 روفس، جيڪو مسيح ۾ اسان جو ڀاءُ آهي تنهن کي نمسڪار چئجو ۽ سندس ماتا کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جنهن مون کي پنهنجو پٽ ڪري ٿي ڀانئيو. 14اسنڪرتس، فلگون، هرميس، پترباس، هرماس ۽ انهن سان گڏ جيڪي ٻيا وشواسي ڀائر ڀينر آهن، تن کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو. 15فِللگس ۽ ڀيڻ يوليا، نيريوس ۽ سندس ڀيڻ کان علاوہ اُلمپاس ۽ انهن سان گڏ جيڪي بہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل آهن، تن سڀني کي منهنجا نمسڪار چئجو.
16هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي نمسڪار چئجو. مسيح جون سڀ منڊليون اوهان کي نمسڪار چون ٿيون.
نصيحتون
17آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جيڪا سکيا اوهان کي ملي آهي تنهن جي خلاف جيڪي ڏڦيڙ وجھن ٿا ۽ ماڻهن کي ڀَٽڪائين ٿا، تن کي نظر ۾ رکجو ۽ کانئن پري رهجو. 18هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي پرڀو مسيح جي سيوا نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوجا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين. 19جيتوڻيڪ مسيح لاءِ اوهان جي فرمانبرداريءَ بابت سڀني ماڻهن کي خبر پئجي ويئي آهي، جنهن ڪري آءٌ اوهان مان ڏاڍو خوش آهيان، تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ اوهين نيڪ ڪمن ۾ سياڻا ۽ خراب ڪمن ۾ اٻوجھہ ٿي رهو. 20تڏهن شانتي بخشيندڙ ايشور جلد ئي شيطان کي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙائي چيڀاٽي ڇڏيندو.
اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا شل اوهان سڀني تي هجي.
21 # سن 16‏:1 مون سان گڏ سيوا ڪندڙ تيمٿيس ۽ منهنجي قوم وارا لوڪيس، ياسون ۽ سوسپطرس اوهان کي نمسڪار ٿا چون.
22آءٌ ترتيس، جنهن کان هي خط لکرايو وڃي ٿو، سو بہ پرڀو يسوع ۾ اوهان کي نمسڪار ٿو چوان.
23‏-24 # سن 19‏:29، 1.ڪر 1‏:14، 2.تيم 4‏:20 گيُس بہ اوهان کي نمسڪار ٿو چوي، جيڪو نہ رڳو مون پولس جي بلڪ سڄي وشواسي منڊليءَ جي پنهنجي گھر ۾ مهمان‌نوازي ڪندو آهي. شهر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو وشواسي ڀاءُ ڪوارتس بہ اوهان کي نمسڪار چئي رهيا آهن.#16‏:23‏-24 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا شل اوهان سڀني تي هجي. آمين.
آخر ۾ پرارٿنا
25‏-26جيڪو ڀيد گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي هميشہ واري ايشور جي حڪم موجب سنديش ڏيندڙ سنتن جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي وشواس آڻي فرمانبردار ٿين. يسوع مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جو آءٌ پرچار ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ ڀيد جي ظاهر ٿيڻ موجب شل ايشور اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري. 27شل يسوع مسيح جي وسيلي انهيءَ اڪيلي ۽ داناءَ ايشور جي مهما هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.

선택된 구절:

رومين 16: HSB

하이라이트

복사

비교

공유

None

모든 기기에 하이라이트를 저장하고 싶으신가요? 회원가입 혹은 로그인하세요