1
پيدائش 26:1-27
Sindhi Bible FB
SB
پوءِ خدا چيو تہ ”هاڻي اسين انسان کي ٺاهيون جيڪو اسان جي صورت تي اسان وانگر هجي. اُهي مڇين تي، پکين تي، گھريلو ۽ جھنگلي جانورن تي ۽ ننڍن وڏن ساهوارن تي حڪمراني ڪن.“ تڏهن خدا انسان کي پاڻ وانگر ٺاهي پنهنجيءَ صورت تي پيدا ڪيو. خدا نر ۽ ناري پيدا ڪري
비교
پيدائش 1:26-27 살펴보기
2
پيدائش 28:1
کين برڪت ڏيئي چيو تہ ”گھڻا ٻار ڄڻيو ۽ ڌرتيءَ کي ڀرپور ۽ تابع ڪريو، مڇين تي، پکين تي ۽ سڀني جانورن تي حڪمراني ڪريو.
پيدائش 1:28 살펴보기
3
پيدائش 1:1
شروعات ۾ خدا زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪيو.
پيدائش 1:1 살펴보기
4
پيدائش 2:1
ان وقت زمين بيترتيب ۽ ويران هئي. اونهي سمنڊ جو مٿاڇرو اوندهہ سان ڍڪيل هو ۽ پاڻيءَ جي مٿان خدا جي روح ڦيرا پئي ڪيا.
پيدائش 1:2 살펴보기
5
پيدائش 3:1
تڏهن خدا حڪم ڏنو تہ ”روشني ٿئي.“ سو روشني ٿي پيئي.
پيدائش 1:3 살펴보기
6
پيدائش 31:1
جيڪي ڪجھہ خدا ٺاهيو هو تنهن تي نظر ڪيائين ۽ ڏٺائين تہ اهو تمام چڱو آهي. سو سانجھي ٿي ۽ صبح ٿيو. اهو ڇهون ڏينهن هو.
پيدائش 1:31 살펴보기
7
پيدائش 4:1
خدا ڏٺو تہ روشني چڱي آهي. هن روشنيءَ کي اوندهہ کان ڌار ڪيو.
پيدائش 1:4 살펴보기
8
پيدائش 29:1
مون اوهان جي کائڻ لاءِ هر قسم جو اناج ۽ هر قسم جو ميوو مهيا ڪري ڇڏيو آهي.
پيدائش 1:29 살펴보기
9
پيدائش 5:1
پوءِ روشنيءَ جو نالو ”ڏينهن“ رکيائين ۽ اوندهہ جو ”رات.“ سو سانجھي ٿي ۽ صبح ٿيو. اهو پهريون ڏينهن هو.
پيدائش 1:5 살펴보기
10
پيدائش 6:1
پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”پاڻيءَ جي وچ ۾ حد مقرر ٿئي جيڪا پاڻيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي.“ سو ائين ئي ٿيو.
پيدائش 1:6 살펴보기
11
پيدائش 30:1
جڏهن تہ ڌرتيءَ جي سڀني جانورن، پکين، جيتجڻن لاءِ مون گاهہ ۽ ساوا ٻوٽا مهيا ڪري ڇڏيا آهن.“ سو ائين ئي ڪيو ويو.
پيدائش 1:30 살펴보기
12
پيدائش 14:1
پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”آسمان جي حد ۾ روشنايون ٿين تہ ڏينهن کي رات کان ڌار ڪن ۽ اُهي مندن، ڏينهن ۽ سالن جي شروع ٿيڻ جو وقت ظاهر ڪن.
پيدائش 1:14 살펴보기
13
پيدائش 11:1
پوءِ حڪم ڏنائين تہ ”زمين تي اناج ڏيندڙ توڙي ميوا ڏيندڙ ٻوٽن سميت سڀني قسمن جا ٻوٽا پنهنجي پنهنجي جنس موجب پيدا ٿين.“ سو ائين ئي ٿيو.
پيدائش 1:11 살펴보기
14
پيدائش 7:1
اهڙيءَ طرح خدا هڪ حد بڻائي، جنهن جي وسيلي هيٺ واري پاڻيءَ کي مٿي واري پاڻيءَ کان ڌار ڪيائين.
پيدائش 1:7 살펴보기
15
پيدائش 12:1
تڏهن زمين تي هر قسم جا ٻوٽا پيدا ٿيا، خدا ڏٺو تہ اهو چڱو آهي.
پيدائش 1:12 살펴보기
16
پيدائش 16:1
اهڙيءَ طرح خدا ٻہ وڏيون روشنيون ٺاهيون، هڪڙي وڏي جيڪا ڏينهن تي حڪومت هلائي ٿي ۽ ٻي ان کان ننڍي جيڪا رات تي حڪومت ڪري ٿي. خدا تارا بہ ٺاهيا.
پيدائش 1:16 살펴보기
17
پيدائش 9:1-10
پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”آسمان جي هيٺان جيڪو پاڻي آهي سو سڀ هڪڙي هنڌ گڏ ٿئي تہ جيئن خشڪي ظاهر ٿئي.“ سو ائين ئي ٿيو. خدا خشڪيءَ جو نالو ”زمين“ رکيو ۽ پاڻي جيڪو گڏ ٿيو هو تنهن جو نالو ”سمنڊ“ رکيائين. خدا ڏٺو تہ اهو چڱو آهي.
پيدائش 1:9-10 살펴보기
18
پيدائش 22:1
خدا انهن سڀني کي برڪت ڏني. پاڻيءَ ۾ رهندڙ ساهوارن کي چيائين تہ ”وڌو ۽ ويجھو ۽ سمنڊ کي ڀرپور ڪريو.“ پکين کي چيائين تہ ”زمين تي وڌو ۽ ويجھو.“
پيدائش 1:22 살펴보기
19
پيدائش 24:1
پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”زمين هر قسم جا ننڍا وڏا، گھريلو ۽ جھنگلي جانور ۽ سرندڙ جيتجڻا پيدا ڪري.“ سو ائين ئي ٿيو.
پيدائش 1:24 살펴보기
20
پيدائش 20:1
پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”پاڻي بيشمار ساهوارن سان ڀرجي وڃي ۽ پکي آسمان ۾ اُڏامن.“
پيدائش 1:20 살펴보기
21
پيدائش 25:1
خدا انهن سڀني کي ٺاهيو ۽ خدا ڏٺو تہ اهو چڱو آهي.
پيدائش 1:25 살펴보기
홈
성경
묵상
동영상