1
يوحنا 5:15
Hindu Sindi Bible NT
HSB
آءٌ ول آهيان ۽ اوهين منهنجيون ٽاريون آهيو. جيڪو مون ۾ رهي ٿو، تنهن ۾ آءٌ رهان ٿو ۽ اهو ئي گھڻو ميوو جھليندو، ڇاڪاڻ تہ مون کان جدا ٿي اوهين ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھو.
비교
يوحنا 15:5 살펴보기
2
يوحنا 4:15
اوهين مون ۾ رهو ۽ آءٌ اوهان ۾ رهندس. ڪابہ ٽاري تيستائين ميوو نہ ٿي جھلي، جيستائين اها ول ۾ نہ ٿي رهي. اهڙيءَ طرح اوهين بہ ميوو نہ ٿا جھلي سگھو جيستائين مون ۾ نہ رهو.
يوحنا 15:4 살펴보기
3
يوحنا 7:15
جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجيون ڳالهيون اوهان ۾ رهن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو. اهو اوهان لاءِ ڪيو ويندو.
يوحنا 15:7 살펴보기
4
يوحنا 16:15
اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پتا کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.
يوحنا 15:16 살펴보기
5
يوحنا 13:15
انهيءَ کان وڌيڪ ڪوبہ پيار ڪونهي جو ماڻهو پنهنجي دوستن لاءِ پنهنجي جان ڏئي.
يوحنا 15:13 살펴보기
6
يوحنا 2:15
مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنهن کي هو وڍي اڇلائي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنهن کي هو ڇانگي ٿو تہ جيئن اها وڌيڪ ميوو ڏئي.
يوحنا 15:2 살펴보기
7
يوحنا 12:15
اهو ئي منهنجو حڪم آهي تہ اوهين هڪٻئي سان پيار ڪريو، جيئن مون اوهان سان پيار ڪيو آهي.
يوحنا 15:12 살펴보기
8
يوحنا 8:15
اوهان جي گھڻي ميوي جھلڻ مان ثابت ٿيندو تہ اوهين منهنجا چيلا آهيو ۽ انهيءَ ڳالهہ مان منهنجي پتا جي جوت ظاهر ٿئي ٿي.
يوحنا 15:8 살펴보기
9
يوحنا 1:15
يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ حقيقي ول آهيان ۽ منهنجو پتا باغائي آهي.
يوحنا 15:1 살펴보기
10
يوحنا 6:15
جيڪو مون ۾ نہ رهندو سو ٽاريءَ وانگر وڍي اڇلايو ويندو. اهڙيون ٽاريون سڪي وينديون آهن ۽ اهي ميڙي گڏ ڪري باهہ ۾ اڇلائي ساڙيون وينديون آهن.
يوحنا 15:6 살펴보기
11
يوحنا 11:15
مون اهي ڳالهيون انهيءَ ڪري اوهان کي ٻڌايون آهن تہ جيئن اوهان کي پوري خوشي حاصل ٿئي جهڙي مون کي آهي.
يوحنا 15:11 살펴보기
12
يوحنا 10:15
جيڪڏهن اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوهين منهنجي پيار ۾ رهندا، جهڙيءَ طرح مون پنهنجي پتا جي حڪمن تي عمل ڪيو آهي ۽ سندس پيار ۾ رهان ٿو.
يوحنا 15:10 살펴보기
13
يوحنا 17:15
آءٌ اوهان کي اهو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ هڪٻئي سان پيار ڪريو.“
يوحنا 15:17 살펴보기
14
يوحنا 19:15
جيڪڏهن اوهين سنسار جا هجو ها تہ جيڪر سنسار اوهان سان پنهنجن جهڙو پيار ڪري ها. پر اوهين سنسار جا نہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي سنسار مان چونڊي ڪڍيو آهي، تنهنڪري سنسار اوهان کان نفرت ڪري ٿو.
يوحنا 15:19 살펴보기