1
يوحنا 26:12
Hindu Sindi Bible NT
HSB
جيڪو منهنجي سيوا ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو سيواداري بہ هجي. منهنجو پتا انهيءَ کي مان ڏيندو جيڪو منهنجي سيوا ڪندو.“
비교
يوحنا 12:26 살펴보기
2
يوحنا 25:12
جيڪو بہ پنهنجي جان سان پيار ڪري ٿو سو اها وڃائيندو. پر جيڪو هن سنسار ۾ پنهنجي جان کي نظرانداز ڪري ٿو تنهن کي امر جيون ملندو.
يوحنا 12:25 살펴보기
3
يوحنا 24:12
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رهي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيترائي داڻا پيدا ڪري ٿو.
يوحنا 12:24 살펴보기
4
يوحنا 46:12
آءٌ روشني آهيان ۽ هن سنسار ۾ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ جيڪو بہ مون تي وشواس آڻي سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.
يوحنا 12:46 살펴보기
5
يوحنا 47:12
جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، تنهن کي آءٌ پاپي قرار نہ ٿو ڏيان. آءٌ سنسار کي پاپي قرار ڏيڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ کي بچائڻ لاءِ آيو آهيان.
يوحنا 12:47 살펴보기
6
يوحنا 3:12
تڏهن مريم اڌ ليٽر تمام قيمتي عطر، جيڪو سچي سُرهي مُرَ مان تيار ڪيل هو، سو کڻي يسوع جي پيرن کي مکيو ۽ پوءِ پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيائين. انهيءَ عطر جي سرهاڻ سان سڄو گھر ڀرجي ويو.
يوحنا 12:3 살펴보기
7
يوحنا 13:12
سو اهي ميڙ وارا کجيءَ جون ڇڙيون هٿن ۾ کڻي سندس آڌرڀاءَ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ نعرا هڻڻ لڳا تہ ”ايشور جي مهما هجي! سڀاڳو آهي اهو، جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي! بني اسرائيل جو راجا مبارڪ، مبارڪ!“
يوحنا 12:13 살펴보기
8
يوحنا 23:12
تنهن تي يسوع چيو تہ ”اها گھڙي اچي پهتي آهي، جڏهن منشپتر جي جوت ظاهر ٿيندي.
يوحنا 12:23 살펴보기