1
پيدائش 11:35-12
Sindhi Bible NT
SB62
۽ خدا چيس تہ آءٌ قادر مطلق خدا آهيان: تون ڦلدار ٿيءُ ۽ وڌ، تو مان هڪڙي قوم بلڪ گهڻيون قومون پيدا ٿينديون، ۽ تنهنجي نسل مان بادشاهہ نڪرندا. ۽ جيڪو ملڪ مون ابرهام ۽ اسحاق کي ڏنو هو، سو آءٌ توکي ڏيندس، ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد کي اهو ملڪ ڏيندس،
ತಾಳೆಮಾಡಿ
پيدائش 35:11-12 ಅನ್ವೇಷಿಸಿ
2
پيدائش 3:35
اُٿو تہ بيت ايل ڏانهن هلون؛ ۽ اتي آءٌ خدا لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيندس، جنهن منهنجيءَ مصيبت جي ڏينهن منهنجو سوال ٻڌو، ۽ جنهن واٽ ۾ ويس ٿي، تنهن ۾ مون ساڻ هو.
پيدائش 35:3 ಅನ್ವೇಷಿಸಿ
3
پيدائش 10:35
۽ خدا چيس تہ تنهنجو نالو يعقوب آهي: اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ سڏبو، پر تنهنجو نالو اسرائيل ٿيندو: سو هن سندس نالو اسرائيل رکيو.
پيدائش 35:10 ಅನ್ವೇಷಿಸಿ
4
پيدائش 2:35
تڏهن يعقوب پنهنجي خاندان ۽ ٻيا جيڪي ساڻس هئا، تن سڀني کي چيو تہ اوهان وٽ جيڪي ڌاريا معبود آهن، تن کي ڇڏي ڏيو، ۽ پاڻ کي پاڪ صاف ڪري پنهنجا ڪپڙا بدلايو
پيدائش 35:2 ಅನ್ವೇಷಿಸಿ
5
پيدائش 1:35
پوءِ خدا يعقوب کي چيو تہ اُٿ، بيت ايل ۾ وڃي رهہ: ۽ جڏهن تون پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ وٽان ڀڄي نڪتو هئين، تڏهن جنهن خدا توکي ڏيکاري ڏني هئي، تنهن لاءِ اتي قربانگاهہ جوڙ.
پيدائش 35:1 ಅನ್ವೇಷಿಸಿ
6
پيدائش 18:35
جڏهن هوءَ مرڻ تي هئي، تڏهن ساهہ نڪرڻ مهل هن جو نالو بنوني رکيائين ۽ پوءِ مري ويئي: پر يعقوب هن جو نالو بنيمين رکيو.
پيدائش 35:18 ಅನ್ವೇಷಿಸಿ