حزقي ايل 38
38
1۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2اي آدمزاد، تون پنهنجو رخ جوج ڏانهن ڪر، جو ماجوج جي زمين ۾ آهي، ۽ روش، مسڪ ۽ توبل جو بادشاهہ آهي، ۽ انهي جي برخلاف نبوت ڪر، 3۽ چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي روش، مسڪ ۽ توبل جا بادشاهہ جوج، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان. 4آءٌ توکي ڦيرائيندس ۽ تنهنجي ڄاڙ ۾ ڪُنڍا وجهندس ۽ توکي، توڙي تنهنجي سڄي لشڪر کي، گهوڙن ۽ گهوڙي سوارن کي، جي سڀ زرهہ سان ڍڪيل هوندا، ۽ هڪڙي وڏي سپر ۽ ڍال واري ٽوليءَ کي، ۽ سڀني ترار مارڻ وارن کي گهلي ٻاهر ڪڍندس: 5۽ انهن سان گڏ فارس، ڪوش ۽ فوطہ کي، جي سڀ سپرن ۽ جنگي ٽوپن سان آهن: 6۽ جمر ۽ انهي جي سڀني ٽولين کي؛ اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾، تجرماہ ۽ انهي جي سڀني ٽولين کي: مطلب تہ توسان گڏ گهڻين قومن کي ڪڍندس. 7تون تيار رهہ، هائو، پاڻ کي تيار رک، تون ۽ تنهنجون سڀ ٽوليون، جي تو وٽ اچي گڏ ٿيون آهن، ۽ تون انهن جو سنڀاليندڙ ٿيءُ. 8گهڻن ڏينهن کان پوءِ تون ياد ڪيو ويندين ۽ پوين سالن ۾ تون انهي زمين ۾ ايندين جا ترار کان ڇڏائي ويئي آهي، ۽ انهي جا ماڻهو قومن مان گڏ ڪيا ويندا، ۽ اسرائيل جي جبلن تي، جي ويران آهن، انهن تي چڙهي ايندا ۽ اُهي سڀ سلامتيءَ سان رهندا. 9۽ تون چڙهندين، تون طوفان وانگر ايندين، تون ڪڪر وانگي اچي زمين کي ڍڪيندين، نہ رڳو تون پر تنهنجون سڀ ٽوليون، ۽ توسان گڏ گهڻيون ٻيون قومون بہ اينديون. 10خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ ڪي ڳالهيون تنهنجي دل ۾ اينديون، ۽ تون هڪڙي خراب رٿ رٿيندين. 11۽ تون چوندين تہ آءٌ انهن ڏانهن ويندس جي آرام ۾ آهن ۽ سلامتيءَ سان ٿا رهن؛ جي سڀ ڀِتين، ۽ درن، ۽ گزن کان سواءِ رهن ٿا؛ ۽ آءٌ انهي کليل ملڪ ۾ ويندس: 12تہ لٽ جو مال ۽ شڪار هٿ آڻيان؛ ۽ پنهنجو هٿ انهن ويران جاين تي کڻان جي هاڻي وسندڙ آهن؛ ۽ انهن ماڻهن تي کڻان جي ٻين قومن مان گڏ ڪيا ويا آهن ۽ ملڪ جي وچ ۾ رهن ٿا، ۽ جن وٽ چوپايو مال ۽ ٻيون شيون آهن. 13سبا ۽ ددان، ۽ ترسيس جا سوداگر پنهنجي سڀني جوان شينهن سان توکي چوندا تہ تون لٽ جو مال ڦرڻ آيو آهين ڇا؟ تو چاندي ۽ سون، چوپايو مال ۽ ٻين شين جي لٽ جو گهڻو مال کڻي وڃڻ لاءِ، ۽ شڪار هٿ ڪرڻ لاءِ، پنهنجو ميڙ گڏ ڪيو آهي ڇا؟
14تنهنڪري، اي آدمزاد، نبوت ڪر، ۽ جوج کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن جڏهن منهنجي قوم اسرائيل سلامتيءَ سان رهڻ لڳندي، تڏهن توکي انهي جي خبر نہ پوندي ڇا؟ 15۽ تون اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن واري جاءِ مان گهوڙن تي چڙهيل، هڪڙي وڏي جماعت ۽ هڪڙي زبردست لشڪر سان گڏ اُٿندين: 16۽ تون منهنجي قوم اسرائيل تي ائين چڙهي ايندين جيئن بادل زمين کي ڍڪي ڇڏي؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ آءٌ توکي پنهنجي زمين تي چاڙهي آڻيندس تہ قومون مون کي سڃاڻن، ۽ آءٌ هنن جي اکين اڳيان، اي جوج، تنهنجي ڪري پاڪ ظاهر ٿيندس. 17خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون اُهو آهين ڇا جنهن جي بابت مون قديم زماني ۾ پنهنجي بندن نبين جي معرفت ڳالهايو، جن اُنهن ڏينهن ۾ گهڻن سالن تائين نبوت ڪري چيو، تہ آءٌ توکي هنن تي چاڙهي آڻيندس؟ 18۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جڏهن جوج اسرائيل جي ملڪ تي چڙهي ايندو، تڏهن منهنجي ڪاوڙ جو جوش منهنجين ناکوٽين ۾ چڙهي ايندو. 19ڇالاءِ جو مون پنهنجي غيرت ۾، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ ڳالهايو آهي، ۽ چيو آهي تہ يقيناً انهي ڏينهن اسرائيل جي ملڪ ۾ هڪڙو وڏو زلزلو پئجي ويندو؛ 20جنهنڪري سمنڊ جون مڇيون ۽ هوا جا پکي، ۽ جهنگ جا جانور، ۽ سڀ سرڻا جي زمين تي سُرن ٿا، ۽ سڀ ماڻهو جي زمين تي آهن، سي منهنجي اڳيان ڏڪندا، ۽ جبل هيٺ ڪري پوندا، ۽ وڏيون جايون ۽ ڀِتيون زمين تي هيٺ ڪري پونديون. 21۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن تي پنهنجن سڀني جبلن تان هڪڙي ترار ڪوٺيندس: هر ڪنهن ماڻهوءَ جي ترار سندس ڀاءُ تي وهندي. 22۽ آءٌ مري ۽ خونريزيءَ سان هن کي سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ هن تي قهر جو مينهن وسائيندس، ۽ هن جي ٽولين تي، ۽ جيڪي گهڻيون قومون ساڻس هيون تن تي سخت وسڪارا، ۽ وڏا ڳڙا، ۽ باهہ، ۽ گندڪ وسائيندس. 23۽ آءٌ پنهنجي وڏائي ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس، ۽ گهڻين قومن جي نظر ۾ پاڻ کي مشهور ڪندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
حزقي ايل 38: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង
ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: