1
رومين 23:6
Sindhi Bible NT
SB62
ڇالاءِ جو گناهہ جي مزوري موت آهي، پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ هميشہ جي زندگي آهي.
Compare
رومين 6:23 ખોજ કરો
2
رومين 14:6
ڇالاءِ جو گناهہ اوهان تي حڪم ڪين هلائيندو، جو اوهين شريعت جي تابع نہ پر فضل جي تابع آهيو.
رومين 6:14 ખોજ કરો
3
رومين 4:6
تنهنڪري اسين هن جي موت ۾ بپتسما جي وسيلي هن سان گڏ دفن ٿياسين: انهي لاءِ تہ جيئن مسيح پيءُ جي جلال جي وسيلي مُئلن مان جياريو ويو، تيئن اسين بہ نئين زندگيءَ ۾ هلون.
رومين 6:4 ખોજ કરો
4
رومين 13:6
نڪي پنهنجن عضون کي گناهہ جي حوالي ڪريو تہ ناراستيءَ جا هٿيار ٿين، پر پاڻ کي مُئلن مان جيئرو سمجهي، خدا جي حوالي ڪريو، تہ راستبازيءَ جا هٿيار ٿين.
رومين 6:13 ખોજ કરો
5
رومين 6:6
اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انسانيت هن سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، انهي لاءِ تہ گناهہ جو بدن بيڪار ٿي وڃي، تہ اسين اڳتي گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون؛
رومين 6:6 ખોજ કરો
6
رومين 11:6
ساڳيو انهيءَ طرح اوهين بہ پاڻ کي گناهہ جي نسبت مُئل سمجهو، پر خدا جي نسبت مسيح يسوع ۾ جيئرا سمجهو.
رومين 6:11 ખોજ કરો
7
رومين 1:6-2
تڏهن اسين ڇا چئون؟ گناهہ ڪندا رهون تہ فضل وڌيڪ ٿئي؟ اصل ئي نہ! اسين، جي گناهہ جي نسبت ۾ مُئاسين، سي ڪهڙيءَ طرح اُنهي ۾ اڃا حياتي گذاريون؟
رومين 6:1-2 ખોજ કરો
8
رومين 16:6
اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ جنهن جي تابعداريءَ جي لاءِ اوهين پاڻ کي غلامن وانگر حوالي ٿا ڪريو، ۽ جنهن جو حڪم ٿا مڃو، انهي جا غلام آهيو؛ خواهہ گناهہ جا، جنهن جو نتيجو موت آهي، خواهہ فرمانبرداريءَ جا، جنهن جو نتيجو راستبازي آهي؟
رومين 6:16 ખોજ કરો
9
رومين 17:6-18
پر خدا جو شڪر آهي، جو جيتوڻيڪ اوهين گناهہ جا غلام هئا، تہ بہ جيڪا تعليم اوهان کي ڏني ويئي، تنهن جا دل سان تابعدار ٿيا؛ ۽ گناهہ کان آزاد ٿي اوهين راستبازيءَ جا غلام ٿيا آهيو.
رومين 6:17-18 ખોજ કરો