1
يعقوب 17:3
Sindhi Bible NT
SB62
پر جيڪا ڏاهپ مٿان ٿي اچي، سا پهرين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم، نرم مزاج، رحيم ۽ چڱن ڦلن سان ڀريل، بي ريا ۽ بنا مڪر آهي.
Compare
يعقوب 3:17 ખોજ કરો
2
يعقوب 13:3
اوهان ۾ ڏاهو ۽ سمجهُو ڪير آهي؟ انهي کي گهرجي تہ پنهنجا ڪم چڱيءَ هلت ۽ ڏاهپ جي حليمائيءَ سان ڏيکاري.
يعقوب 3:13 ખોજ કરો
3
يعقوب 18:3
۽ جيڪي صلح ٿا ڪرائين، تن جي لاءِ راستبازيءَ جو ڦل صلح ۾ پوکيو ٿو وڃي.
يعقوب 3:18 ખોજ કરો
4
يعقوب 16:3
ڇالاءِ جو جتي حسد ۽ نفاق آهي، اتي فساد ۽ هر طرح جو بڇڙو ڪم بہ ٿو ٿئي.
يعقوب 3:16 ખોજ કરો
5
يعقوب 9:3-10
انهيءَ سان اسين خداوند ۽ ابي جي تعريف ٿا ڪريون؛ ۽ انهيءَ سان ئي اسين ماڻهن کي پِٽيون ٿا، جي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آهن؛ ۽ ساڳئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري. اي منهنجا ڀائرو، ائين ٿيڻ نہ گهرجي.
يعقوب 3:9-10 ખોજ કરો
6
يعقوب 6:3
۽ زبان بہ هڪڙي باهہ آهي: اسانجن عضون ۾ شرارت جو عالم اها زبان آهي، جا ساري بدن کي ڪِنو ٿي ڪري، ۽ دنيا جي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي ۽ دوزخ جي باهہ سان پيئي سڙي.
يعقوب 3:6 ખોજ કરો
7
يعقوب 8:3
پر زبان کي ڪوبہ ماڻهو قبضي ۾ رکي نٿو سگهي؛ اها اهڙي بلا آهي جا روڪڻ جي ئي ڪينهي، ۽ موتمار زهر سان ڀريل آهي.
يعقوب 3:8 ખોજ કરો
8
يعقوب 1:3
اي منهنجا ڀائرو، اوهان مان گهڻا اُستاد نہ ٿيو، ڇو جو ڄاڻو ٿا تہ اسين جي اُستاد آهيون، تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي.
يعقوب 3:1 ખોજ કરો