YouVersion Logo
Search Icon

متي 28

28
عيسيٰ جو وري جيئرو ٿيڻ
(مرقس ۱‏:۱۶‎–۱۰، لوقا ۱‏:۲۴‎–۱۲، يوحنا ۱‏:۲۰‎–۱۰)
1سبت جي ڏينھن کان پوءِ جڏھن آچر جي صبح جي پرھہ ڦٽڻ لڳي تہ مريم مگدليني ۽ ٻي مريم قبر ڏسڻ ويون. 2ايتري ۾ ڏاڍو زوردار زلزلو آيو ۽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ آسمان مان ھيٺ لٿو ۽ قبر جي منھن واري پٿر کي پاسي تي ريڙھي مٿس چڙھي ويٺو. 3ھن جي صورت وڄ جھڙي ھئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني ھئي. 4پھريدار کانئس اھڙا تہ ڊنا جو مُڙدن وانگر پئجي رھيا.
5انھيءَ ملائڪ عورتن کي چيو تہ ”اوھين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھين عيسيٰ کي ڳولي رھيون آھيو، جيڪو صليب تي چاڙھيو ويو ھو. 6ھو ھتي ڪونھي، ڇالاءِ⁠جو جيئن ھن چيو ھو تيئن ئي ھو جيئرو ٿي اٿيو آھي. ھيڏانھن اچو ۽ اھا جاءِ ڏسو جتي ھو پيل ھو. 7ھاڻي جلدي وڃو ۽ وڃي ھن جي شاگردن کي ٻڌايو تہ ’ھو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن وڃي رھيو آھي، اُتي اوھين کيس ڏسندا.‘ جيڪي مون اوھان کي ٻڌايو آھي سو وساري نہ ڇڏجو.“ 8سو اھي ڊپ ۽ گھڻي خوشيءَ وچان جلدي قبر مان نڪتيون ۽ عيسيٰ جي شاگردن کي ٻڌائڻ لاءِ ڀڄنديون ويون.
9اوچتو ئي عيسيٰ انھن کي مليو ۽ چيائين تہ ”سلام.“ تڏھن اھي وٽس آيون ۽ پيرن تي ڪري کيس سجدو ڪيائون. 10عيسيٰ کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منھنجي ڀائرن کي چئو تہ ھو گليل ڏانھن ھلن، اُتي ھو مون کي ڏسندا.“
پھريدارن جو اطلاع ڏيڻ
11جڏھن عورتون پنھنجو رستو وٺي ويون پئي تہ ڪي پھريدار جن قبر تي پھرو پئي ڏنو، سي موٽي شھر ڏانھن آيا ۽ جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو سو سڀ اچي سردار ڪاھنن کي ٻڌايائون. 12سردار ڪاھنن چڱن مڙسن سان ملي صلاح ڪئي ۽ سپاھين کي جھجھا پيسا رشوت ڏنائون، تہ جيئن 13اھي چون تہ ”جڏھن رات جو اسين سمھيا پيا ھئاسين تڏھن عيسيٰ جا شاگرد آيا ۽ سندس ميت چورائي کڻي ويا.“ 14ھنن سپاھين کي دلجاءِ ڏيندي چيو تہ ”جيڪڏھن اھا ڳالھہ گورنر جي ڪن تي پئجي ويئي تہ بہ اسين پاڻھي ھن کي سمجھائينداسين، سو اوھان کي ڪنھن بہ ڳالھہ جو خوف ڪرڻ نہ گھرجي.“ 15پھريدارن پيسا ورتا ۽ جيئن کين چيو ويو ھو تيئن ئي ڪيائون. ان ئي ڏينھن کان وٺي اھا ڳالھہ يھودين ۾ ھُلي ويئي آھي ۽ اڃا تائين مشھور آھي.
شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ
(مرقس ۱۴‏:۱۶‎–۱۸، لوقا ۳۶‏:۲۴‎–۴۹، يوحنا ۱۹‏:۲۰‎–۲۳، رسولن جا ڪم ۶‏:۱‎–۸)
16 # مت ۳۲‏:۲۶، مر ۲۸‏:۱۴ يارھن ئي شاگرد گليل ۾ انھيءَ جبل ڏانھن ويا جتي عيسيٰ وڃڻ لاءِ چيو ھون. 17جڏھن انھن کيس ڏٺو تہ ھن کي سجدو ڪرڻ لڳا، جيتوڻيڪ ڪن کي شڪ بہ ھو. 18عيسيٰ ويجھو اچي انھن سان ڳالھائيندي چيو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان جون سڀيئي اختياريون مليل آھن. 19#رس ۸‏:۱ تنھن ڪري اوھين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انھن کي منھنجا شاگرد ڪريو. انھن کي پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح جي نالي تي بپتسما ڏيو، 20۽ کين تعليم ڏيو تہ انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪن جن جو مون اوھان کي حڪم ڏنو آھي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين ھميشہ اوھان سان ھوندس.“

Currently Selected:

متي 28: SCLNT

Tõsta esile

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy