YouVersion Logo
Search Icon

مڪاشفو 1

1
ديباچو
1ھن ڪتاب ۾ انھن ڳالھين جو بيان آھي، جيڪي عيسيٰ مسيح ظاھر ڪيون. اھو مڪاشفو خدا ھن کي انھيءَ لاءِ ڏنو تہ پنھنجي ٻانھن کي اھي ڳالھيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آھن. مسيح پنھنجي ملائڪ جي وسيلي پنھنجي غلام يوحنا تي اھي ڳالھيون ظاھر ڪيون. 2پوءِ يوحنا انھن ڳالھين جي گواھي ڏني جيڪي ھن ڏٺيون، يعني خدا جو ڪلام ۽ عيسيٰ مسيح جي شاھدي. 3سڀاڳو آھي اھو شخص، جيڪو ھن پيشنگوئيءَ جون ڳالھيون پڙھي ٿو ۽ اھي جيڪي ٻڌن ٿا ۽ انھيءَ ۾ لکيل ڳالھين تي عمل ڪن ٿا. ڇالاءِ⁠جو انھن ڳالھين جي پوري ٿيڻ جو وقت ويجھو آھي.
ڪليسيائن ڏانھن سلام
4 # خر ۱۴‏:۳، مڪا ۵‏:۴ ھي پيغام يوحنا جي طرفان ايشيا پرڳڻي جي ستن ڪليسيائن ڏانھن آھي. شال اوھان تي انھيءَ جو فضل ۽ اطمينان ھجي، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي. اھي برڪتون اوھان ڏانھن انھن ستن روحن وٽان بہ آھن جيڪي خدا جي تخت جي اڳيان آھن، 5#يس ۴‏:۵۵، زب ۲۷‏:۸۹ ۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ آھن جيڪو سچو شاھد، جيڪي مئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پھريتو ۽ دنيا جي بادشاھن تي حڪم ھلائيندڙ آھي.
ھو اسان کي پيار ٿو ڪري ۽ ھن پنھنجو رت وھائي اسان کي گناھن کان ڇوٽڪارو ڏنو آھي. 6#خر ۶‏:۱۹، مڪا ۱۰‏:۵ ھن اسان کي ڪاھنن جي ھڪڙي بادشاھت بڻايو تہ جيئن اسين سندس خدا ۽ پيءُ جي خدمت ڪري سگھون. شل انھيءَ جي وڏائي ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.
7 # دان ۱۳‏:۷، مت ۳۰‏:۲۴، مر ۲۶‏:۱۳، لو ۲۷‏:۲۱، ۱.ٿس ۱۷‏:۴، زڪ ۱۰‏:۱۲، يو ۳۴‏:۱۹‏،۳۷ ڏسو، ھو ڪڪرن تي ٿو اچي،
ھر ھڪ اک ھن کي ڏسندي.
اھي بہ کيس ڏسندا جن ھن کي چيڀاٽي ماريو،
۽ دنيا جون سڀ قومون
ساڻس پنھنجي ڪئي تي ماتم ڪنديون، بيشڪ. آمين.
8 # مڪا ۱۳‏:۲۲، خر ۱۴‏:۳ خداوند خدا، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي، اھو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اول ۽ آخر آھيان.“
يوحنا کي مسيح جو ديدار
9آءٌ يوحنا اوھان جو ڀاءُ ۽ عيسيٰ جي مصيبت، بادشاھت ۽ صبر ۾ اوھان سان شريڪ آھيان. آءٌ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۽ عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ڪري انھيءَ ٻيٽ ۾ قيد ھوس جيڪو پتمس ٿو سڏجي. 10خداوند واري ڏينھن آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ پنھنجي پٺيان ھڪڙو اھڙو وڏو آواز ٻڌم جيڪو توتاري جي آواز وانگر ھو، 11جنھن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اھو ستن ئي ڪليسيائن ڏانھن ڏياري موڪل، يعني اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا ڏانھن.“
12آءٌ پوئتي مڙيس تہ جيئن اھو ڏسي سگھان جنھن مون سان ٿي ڳالھايو، تڏھن مون ست سونا شمعدان ڏٺا. 13#دان ۱۳‏:۷، ۵‏:۱۰ انھن شمعدانن جي وچ ۾ مون ابن⁠آدم جھڙو ھڪڙو شخص ڏٺو، جو پيرن تائين ھڪ ئي پوشاڪ پھريل ھو ۽ ڇاتيءَ تي ھڪڙو سونو سينابند ٻڌل ھوس. 14#دان، ۹‏:۷، ۶‏:۱۰ انھيءَ جو مٿو ۽ وار اھڙا اڇا ھئا جھڙو کير، بلڪ نور جھڙا. سندس اکيون مشعل وانگر ٻرن پيون. 15#حز ۲۴‏:۱، ۲‏:۴۳ انھيءَ جا پير صاف پتل جھڙا ھئا جيڪو پتل ڄڻ تہ بٺيءَ مان تپي اُجرو ٿي نڪتل ھجي، سندس آواز زور سان وھندڙ پاڻيءَ جھڙو ھو. 16ھن جي ساڄي ھٿ ۾ ست تارا ھئا ۽ وات مان ھڪڙي ٻہ⁠منھين تلوار ٿي نڪتس ۽ سندس شڪل چمڪندڙ سج جھڙي ھئي. 17#يس ۶‏:۴۴، ۱۲‏:۴۸، مڪا ۸‏:۲، ۱۳‏:۲۲ جڏھن مون ھن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رھيس. ھن پنھنجو ساڄو ھٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ اول ۽ آخر آھيان. 18آءٌ جيئرو آھيان، مري تہ ويو ھوس، پر ڏس آءٌ ھميشہ تائين جيئرو رھندس. موت ۽ عالم ارواح جون ڪنجيون مون وٽ آھن. 19تنھنڪري جيڪي تو ھن وقت ڏٺو ۽ اُھي ڳالھيون جيڪي ھن کان پوءِ جلد ٿيڻيون آھن، سي سڀيئي لک. 20اُھي ست تارا جيڪي تو منھنجي ساڄي ھٿ ۾ ڏٺا تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز ھي آھي تہ ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آھن ۽ ست شمعدان ست ڪليسيائون آھن.“

Currently Selected:

مڪاشفو 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy