YouVersion Logo
Search Icon

يهوداہ 1

1
سلام
1 # مت ۵۵‏:۱۳، ۳‏:۶ ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھي ۽ يعقوب جي ڀاءُ يھوداہ جي طرفان آھي. ھي انھن ڏانھن لکجي ٿو، جيڪي چونڊيا ويا آھن ۽ ساڻن پيءُ خدا جو پيار آھي ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي حفاظت ۾ آھن.
2شل اوھان تي رحم، سلامتي ۽ پيار جھجھي انداز ۾ ھجي.
ڪوڙا استاد
3پيارا دوستو! مون کي اوھان ڏانھن انھيءَ ڇوٽڪاري جي باري ۾ لکڻ جو تمام گھڻو چاھہ ھو، جنھن ۾ اسان سڀ شريڪ آھيون. سو مون اھو لکڻ ضروري سمجھيو تہ اوھان کي ھمتايان تہ انھيءَ ايمان لاءِ سخت مقابلو ڪريو، جيڪو خدا ھميشہ لاءِ پنھنجي قوم کي ڏيئي ڇڏيو آھي. 4ڇالاءِ⁠جو ڪي ماڻھو لڪي ڇپي اوھان منجھہ گھڙي آيا آھن. اُھي قديم زماني کان پاڪ ڪلام موجب ھن سزا لاءِ مقرر ڪيا ويا ھئا. ھو بدڪار ماڻھو آھن، جيڪي خدا جي فضل کي ڦيرائي پنھنجي شھوت⁠پرستيءَ جو بھانو بڻائين ٿا. اُھي اسان جي ھڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.
5 # خر ۵۱‏:۱۲، ڳا ۲۹‏:۱۴‎–۳۰ جيتوڻيڪ اوھين اڳي ئي اھو سڀ ڄاڻو ٿا، تنھن ھوندي بہ آءٌ اوھان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاھيان تہ ڪيئن خداوند ھڪ قوم کي مصر ملڪ مان بچائي ورتو ۽ پوءِ وري جن ايمان نہ آندو تن کي تباھہ ڪيائين. 6اھڙيءَ طرح جن ملائڪن پنھنجي اختيار واري حيثيت قائم نہ رکي پر پنھنجي خاص رھڻ جي جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي خدا ابدي زنجيرن سان قيد ڪري عظيم ڏينھن واري عدالت تائين اونداھيءَ منجھہ رکيو آھي. 7#پيد ۱‏:۱۹‎–۲۴ ساڳئي نموني سدوم ۽ عموراہ ۽ انھن جي آس⁠پاس وارا شھر زناڪاري ۽ بدفعليءَ جي پٺيان پيا. اُھي دائمي باھہ جي سزا پيا ڀوڳين تہ جيئن ٻين لاءِ عبرت جو مثال ٿين.
8بلڪل ساڳئي نموني اھي ماڻھو بہ پنھنجن خوابن خيالن ۾ محو ٿي پنھنجن جسمن کي ناپاڪ ٿا ڪن، اختياريءَ کي حقير ٿا ڄاڻن ۽ عظيم آسماني ھستين جي بي⁠حرمتي ٿا ڪن. 9#دان ۱۳‏:۱۰‏،۲۱، ۱‏:۱۲، مڪا ۷‏:۱۲، شر ۶‏:۳۴، زڪ ۲‏:۳ مگر وڏي ملائڪ ميڪائيل جڏھن موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جھيڙو ۽ تڪرار پئي ڪيو، تڏھن کيس ايتري ھمت نہ ٿي جو شيطان تي ڦٽڪار ڪري سگھي. پر رڳو ايترو چيائين تہ ”خداوند تو تي ملامت ڪري.“ 10پر ھي ماڻھو انھن ڳالھين تي ڦٽڪار ٿا ڪن، جن کي ھو نہ ٿا ڄاڻن ۽ جن ڳالھين کي ھو بي⁠عقل جانورن وانگر طبعي ٿا سمجھن. اھي ئي کين تباھہ ڪن ٿيون. 11#پيد ۳‏:۴‎–۸، ڳا ۱‏:۲۲‎–۳۵، ۱‏:۱۶‎–۳۵ افسوس آھي انھن تي! ڇالاءِ⁠جو ھو قابيل جي واٽ تي ھليا، نفعي جي خاطر بلعام جھڙي گمراھيءَ ۾ ڪاھي پيا ۽ قوراہ وانگر بغاوت ڪري برباد ٿيا.
12ھي بدڪار ماڻھو اوھان جي محبت ڀرين مجلسن لاءِ نقصانڪار آھن، جيڪي بنا ڪنھن ڊپ⁠ڊاءَ جي رڳو پنھنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوھان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِھي بي⁠آب ڪڪر آھن، جن کي ھوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِھي سرءُ جا وڻ آھن جيڪي پوريءَ طرح مئل آھن، يعني بي⁠ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آھن. 13اِھي سمنڊ جون بي⁠قابو ڇوليون آھن، جيڪي پنھنجي بي⁠شرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. ھو ڀٽڪندڙ تارا آھن، جن لاءِ ھميشہ گھُگھُہ اوندھہ رکي ويئي آھي.
14 # پيد ۱۸‏:۵‏،۲۱‎–۲۴ انھن ماڻھن جي باري ۾ ئي حنوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙھيءَ ۾ ھو، اڳڪٿي ڪري چيو تہ ”ياد رکو، خداوند پنھنجي لکين ملائڪن سان اچي ٿو. 15ھو انھيءَ لاءِ ٿو اچي تہ جيئن ھر ھڪ سان انصاف ڪري ۽ انھن سڀني بدڪارن کي سزا ڏئي، جن بدڪاريءَ جو طريقو اختيار ڪري بدڪاريءَ جا ڪم ڪيا. ھو انھن سڀني سخت ڳالھين لاءِ کين ڏوھاري ٺھرائيندو، جيڪي ھنن وڏن گنھگارن سندس برخلاف ڪيون آھن.“
16اُھي ماڻھو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ ۽ پنھنجين برين خواھشن تي ھلندڙ آھن. اِھي پنھنجي لاءِ ٻٽاڪون ھڻندڙ ۽ پنھنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آھن.
تاڪيد ۽ نصيحتون
17پر اي عزيزو! اھي ڳالھيون ياد رکو، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رسولن اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيون آھن. 18#۲.پط ۳‏:۳ اُھي اوھان کي چوندا ھئا تہ ”آخري زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻھو ھوندا، جيڪي پنھنجين بدڪاريءَ وارين خواھشن جي پيروي ڪندا.“ 19ھي اُھي ماڻھو آھن جيڪي جدايون ٿا وجھن. ھي نفس⁠پرست آھن جن ۾ پاڪ روح نہ آھي.
20پر اي عزيزو! اوھين پنھنجي نھايت ئي پاڪ ايمان ۾ مضبوط ٿيندا رھو ۽ پاڪ روح جي مدد سان دعا گھرندا رھو. 21پنھنجو پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو ۽ ھميشہ جي زندگيءَ لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رحم جا منتظر رھو. 22جيڪي ماڻھو شڪ شبھو رکن ٿا، تن تي رحم ڪجو. 23ڪن کي ڇڪي باھہ مان ڪڍي بچايو ۽ ٻين تي خوف کائيندي رحم ڪريو. پر جسماني خواھشن وسيلي پليت ٿيل ڪپڙن کان بہ نفرت ڪجو.
واکاڻ
24خدا جيڪو اوھان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو ۽ پنھنجي جلال واري حضور ۾ نھايت خوشيءَ سان بي⁠عيب ڪري بيھاري سگھي ٿو، 25انھيءَ واحد خدا، اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ کي، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي جلال ۽ عظمت، قدرت ۽ اختيار سونھي، جيئن ازل کان ھو، ھاڻي آھي ۽ ھميشہ تائين ھوندو. آمين.

Currently Selected:

يهوداہ 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy