YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 3

3
عيسيٰ ۽ نيڪديمس
1اتي نيڪديمس نالي ھڪڙو فريسي ھو، جيڪو يھودين جو حاڪم ھو. 2ھڪ رات ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسان کي خبر آھي تہ اوھين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ ھجي.“ 3تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين خدا جي بادشاھت ڏسي نہ سگھندو.“ 4نيڪديمس پڇيس تہ ”ھڪ پوڙھو ماڻھو وري ٻيھر ڪيئن پيدا ٿي سگھندو؟ ڇا ائين ٿي سگھي ٿو جو ھو ٻيھر ماءُ جي پيٽ ۾ وڃي ۽ وري پيدا ٿئي؟“ 5تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو پاڻيءَ ۽ پاڪ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اھو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. 6انسان جسماني طرح پنھنجي ماءُ⁠پيءُ مان پيدا ٿيندو آھي، پر روحاني طرح پاڪ روح مان پيدا ٿيندو آھي. 7تون انھيءَ ڪري عجب نہ کاءُ جو مون تو کي چيو تہ اوھان سڀني کي نئين سر پيدا ٿيڻ گھرجي. 8جھڙيءَ طرح ھوا کي جيڏانھن وڻي ٿو تيڏانھن گھلي ٿي ۽ سندس آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر خبر نہ ٿي پوي تہ ڪٿان ٿي اچي ۽ ڪيڏانھن ٿي وڃي، تھڙيءَ طرح جيڪو پاڪ روح مان پيدا ٿيو آھي سو بہ ائين ئي آھي.“ 9تنھن تي نيڪديمس پڇيس تہ ”اھو ڪيئن ٿي سگھندو؟“ 10عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون تہ بني اسرائيل جو وڏو استاد آھين ۽ تو کي ايتري بہ ڄاڻ نہ آھي؟ 11آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اسين ڄاڻون ٿا، سو ڳالھايون ٿا ۽ جيڪي اسان ڏٺو آھي، تنھن جي شاھدي ڏيون ٿا. پر اوھان مان ڪوبہ اھڙو نہ آھي جيڪو اسان جي شاھدي قبول ڪري. 12آءٌ اوھان کي ھن دنيا جون ڳالھيون ٿو ٻڌايان، پر اوھين ايمان نہ ٿا آڻيو. پوءِ اوھين ڪيئن ايمان آڻيندا جڏھن آءٌ اوھان کي آسمان جون ڳالھيون ٻڌائيندس؟ 13ڪوبہ آسمان ڏانھن مٿي چڙھي نہ ويو آھي، سواءِ انھيءَ جي جيڪو آسمان مان آيو آھي، يعني ابن⁠آدم.“
14 # ڳا ۹‏:۲۱ جيئن موسيٰ رڻ⁠پٽ ۾ نانگ کي مٿي چاڙھيو، تيئن ابن⁠آدم بہ ضرور مٿي چاڙھيو ويندو، 15انھيءَ لاءِ تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي تنھن کي دائمي زندگي ملي. 16ڇالاءِ⁠جو خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي. 17خدا پنھنجو فرزند دنيا ۾ انھيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ ھو دنيا کي سزا ڏئي، پر انھيءَ لاءِ موڪليائين تہ ھن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.
18جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنھن کي سزا نہ ٿي ملي، پر جيڪو ايمان نہ ٿو آڻي تنھن کي تہ سزا اڳي ئي ملي چڪي آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن خدا جي اڪيلي فرزند تي ايمان نہ آندو. 19سزا جو سبب ھي آھي تہ روشني تہ دنيا ۾ اچي چڪي آھي پر ماڻھن اونداھيءَ کي روشنيءَ کان وڌيڪ پسند ڪيو، ڇالاءِ⁠جو سندن ڪم بڇڙا ھئا. 20جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو تنھن کي روشنيءَ کان نفرت آھي ۽ روشنيءَ ڏانھن نہ ٿو اچي، ڇالاءِ⁠جو ھن جي مرضي نہ آھي تہ سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿين. 21پر جيڪو سچ تي ھلي ٿو سو روشنيءَ ڏانھن اچي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سندس ڪم ظاھر ٿين، جيڪي ھن خدا جي مرضيءَ موجب ڪيا آھن.
عيسيٰ ۽ يحيٰ
22ھن کان پوءِ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يھوديہ جي علائقي ۾ آيا. ھو اتي انھن سان ڪجھہ وقت رھيو ۽ بپتسما ڏيڻ لڳو. 23يحيٰ بہ شاليم جي ويجھو عينون ۾ بپتسما ڏيئي رھيو ھو، ڇاڪاڻ⁠تہ اتي پاڻي گھڻو ھو. ماڻھو وٽس آيا پئي ۽ ھن کين بپتسما پئي ڏني. 24#مت ۳‏:۱۴، مر ۱۷‏:۶، لو ۱۹‏:۳‎–۲۰ ان وقت تائين يحيٰ کي جيل ۾ نہ وڌو ويو ھو.
25يحيٰ جي ڪن شاگردن جو ھڪ يھودي اڳواڻ سان پاڪائيءَ جي رسم بابت بحث ٿيو. 26اھي يحيٰ وٽ ويا ۽ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھان کي اھو ماڻھو ياد آھي جيڪو اردن درياءَ جي ھُن ڀر اوھان سان گڏ ھو ۽ جنھن بابت اوھان شاھدي ڏني ھئي؟ اھو ھاڻي ماڻھن کي بپتسما ڏيئي رھيو آھي ۽ ھر ڪو انھيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھي.“ 27تنھن تي يحيٰ ھي جواب ڏنو تہ ”ڪنھن انسان وٽ ايترو ٿي سگھي ٿو جيترو خدا کيس عطا ڪيو آھي. 28#يو ۲۰‏:۱ اوھين خود شاھدي ڏيئي سگھو ٿا تہ مون چيو ھو تہ ’آءٌ مسيح نہ آھيان، پر آءٌ انھيءَ کان اڳ موڪليل آھيان.‘ 29گھوٽ اھو آھي جنھن جي ڪنوار آھي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي، سو سندس آواز تي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انھيءَ گھوٽ جو دوست آھيان ۽ ھاڻي منھنجي خوشي پوري ٿي آھي. 30اھو ضروري آھي تہ ھو وڌي ۽ آءٌ گھٽجان.“
31جيڪو مٿان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاھون آھي. جيڪو دنيا جو آھي سو دنيا سان واسطو رکي ٿو ۽ ائين ڳالھائي ٿو جيئن ڪو دنيا وارو ڳالھائي. جيڪو آسمان کان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاھون آھي. 32ھو انھيءَ جي شاھدي ڏئي ٿو جيڪو ھن پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، پر سندس شاھدي ڪوبہ قبول نہ ٿو ڪري. 33جنھن بہ ماڻھوءَ اھا شاھدي قبول ڪئي، تنھن ڄڻ اھا تصديق ڪئي تہ خدا سچو آھي. 34جنھن کي خدا موڪليو آھي سو خدا جا لفظ ڳالھائي ٿو، ڇالاءِ⁠جو خدا کيس پنھنجو روح بي⁠حساب عطا ڪري ٿو. 35#مت ۲۷‏:۱۱، لو ۲۲‏:۱۰ پيءُ فرزند سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس. 36جيڪو بہ فرزند تي ايمان آڻي ٿو تنھن کي دائمي زندگي مليل آھي. پر جيڪو فرزند کي قبول نہ ٿو ڪري تنھن کي اھا زندگي ڪڏھن بہ نہ ملندي، اٽلندو خدا جو غضب مٿس رھي ٿو.

Currently Selected:

يوحنا 3: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy